نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
3082 | 26 | 150 | فاتقوا الله وأطيعون |
| | | پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو. |
|
3083 | 26 | 151 | ولا تطيعوا أمر المسرفين |
| | | ۽ انھن حد کان لنگھندڙن جو چيو نه مڃيو. |
|
3084 | 26 | 152 | الذين يفسدون في الأرض ولا يصلحون |
| | | جيڪي ملڪ ۾ بگيڙ وجھندا آھن ۽ سڌارا نه ڪندا آھن. |
|
3085 | 26 | 153 | قالوا إنما أنت من المسحرين |
| | | چيائون ته تون رڳو جادو ڪيلن مان آھين. |
|
3086 | 26 | 154 | ما أنت إلا بشر مثلنا فأت بآية إن كنت من الصادقين |
| | | تون رڳو اسان جھڙو ماڻھو آھين، جيڪڏھن تون سچن مان آھين ته ڪا نشاني آڻ. |
|
3087 | 26 | 155 | قال هذه ناقة لها شرب ولكم شرب يوم معلوم |
| | | (صالح) چيو ته ھيءَ ڏاچي آھي اُن جي (پاڻي) پيڻ لاءِ ۽ اوھان جي (پاڻي) پيڻ لاءِ واري جو ڏينھن ٺھرايل آھي. |
|
3088 | 26 | 156 | ولا تمسوها بسوء فيأخذكم عذاب يوم عظيم |
| | | ۽ اوھين کيس ڪو ايذاءُ نه پھچائجو نه ته اوھان کي وڏي ڏينھن جو عذاب پڪڙيندو. |
|
3089 | 26 | 157 | فعقروها فأصبحوا نادمين |
| | | پوءِ اُن جون کُچون ڪپيائون (ماري وڌائون) پوءِ پشيمان ٿيا. |
|
3090 | 26 | 158 | فأخذهم العذاب إن في ذلك لآية وما كان أكثرهم مؤمنين |
| | | پوءِ کين عذاب پڪڙيو، بيشڪ اُن ۾ نشاني آھي، ۽ منجھانئن گھڻا مڃڻ وارا نه ھوا. |
|
3091 | 26 | 159 | وإن ربك لهو العزيز الرحيم |
| | | ۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي غالب مھربان آھي. |
|