نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
305 | 3 | 12 | قل للذين كفروا ستغلبون وتحشرون إلى جهنم وبئس المهاد |
| | | (اي پيغمبر) ڪافرن کي چؤ ته سگھو ھيڻا ٿيندؤ ۽ دوزخ ڏانھن گڏ ڪيا ويندؤ، ۽ (اُھو) بڇڙو ھنڌ آھي. |
|
306 | 3 | 13 | قد كان لكم آية في فئتين التقتا فئة تقاتل في سبيل الله وأخرى كافرة يرونهم مثليهم رأي العين والله يؤيد بنصره من يشاء إن في ذلك لعبرة لأولي الأبصار |
| | | اُنھن ٻن ٽولين جي (پاڻ ۾) ويڙھ ڪرڻ ۾ اوھان لاءِ بيشڪ نشاني آھي، ھڪڙي ٽولي الله جي واٽ ۾ وڙھي ۽ ٻي (ڪافرن جي) ھئي (مسلمانن) کين پنھنجو ٻيڻو اکين جي ڏيٺ سان ڏٺو ٿي، ۽ الله جنھن کي وڻيس (تنھن کي) پنھنجيءَ مدد سان سگھ ڏيندو آھي، ڇوته اُن ۾ (سمجھ جي) اکين وارن لاءِ ضرور عبرت آھي. |
|
307 | 3 | 14 | زين للناس حب الشهوات من النساء والبنين والقناطير المقنطرة من الذهب والفضة والخيل المسومة والأنعام والحرث ذلك متاع الحياة الدنيا والله عنده حسن المآب |
| | | ماڻھن لاءِ زالن ۽ پُٽن ۽ سونَ ۽ چانديءَ جي (وڏن وڏن) سٿيلن ڍيرن ۽ نشان ڪيلن گھوڙن ۽ ڍورن ۽ پوک جي سڌن جو پيار سينگاريو ويو آھي، اِھو دنيا جي حياتيءَ جو سامان آھي، ۽ الله وٽ چڱو موٽڻ جو ھنڌ آھي. |
|
308 | 3 | 15 | قل أؤنبئكم بخير من ذلكم للذين اتقوا عند ربهم جنات تجري من تحتها الأنهار خالدين فيها وأزواج مطهرة ورضوان من الله والله بصير بالعباد |
| | | (اي پيغمبر کين) چؤ ته آءٌ ان کان ڀليءَ (شيء) جي سڌ ڏيان؟ جن (شرڪ کان) پاڻ بچايو تن لاءِ سندن پالڻھار وٽ بھشت آھن جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن منجھن سدائين رھڻ وارا آھن ۽ پاڪ زالون ۽ (پڻ) الله جي پاران راضپو آھي، ۽ الله ٻانھن کي ڏسندڙ آھي. |
|
309 | 3 | 16 | الذين يقولون ربنا إننا آمنا فاغفر لنا ذنوبنا وقنا عذاب النار |
| | | جيڪي چوندا آھن ته اي اسان جا پالڻھار اسان توکي مڃيو آھي تنھنڪري اسان جا ڏوھ اسان کي بخش ۽ باہ جي عذاب کان اسان کي بچاءِ. |
|
310 | 3 | 17 | الصابرين والصادقين والقانتين والمنفقين والمستغفرين بالأسحار |
| | | اُھي صابر ۽ سَچا ۽ تابعداري ڪندڙ ۽ سخي ۽ پرڀاتين جو بخشش گھرندڙ آھن. |
|
311 | 3 | 18 | شهد الله أنه لا إله إلا هو والملائكة وأولو العلم قائما بالقسط لا إله إلا هو العزيز الحكيم |
| | | الله (ھي) گواھي ڏني آھي ته الله کانسواءِ ڪوئي عبادت جو لائق نه آھي، ۽ مَلائِڪ ۽ علم وارا (به) انصاف تي بيھڪ وارا ٿي (اِھا شاھدي ڏيندا آھن)، اُن کانسواءِ ڪوئي عبادت جو لائق نه آھي اُھو غالب حِڪمت وارو آھي. |
|
312 | 3 | 19 | إن الدين عند الله الإسلام وما اختلف الذين أوتوا الكتاب إلا من بعد ما جاءهم العلم بغيا بينهم ومن يكفر بآيات الله فإن الله سريع الحساب |
| | | بيشڪ وڻندڙ دين الله وَٽ اِسلام آھي، ۽ جن کي ڪتاب (توريت ۽ انجيل) ڏنو ويو تن (اڳ) تڪرار نه ڪيو پر وٽن علم آيو تنھن کانپوءِ پاڻ ۾ ضد سببان (تڪرار ڪيائون)، ۽ جيڪو الله جي حڪمن کي نه مڃيندو ته بيشڪ الله (به) سگھو حساب وٺندڙ آھي. |
|
313 | 3 | 20 | فإن حاجوك فقل أسلمت وجهي لله ومن اتبعن وقل للذين أوتوا الكتاب والأميين أأسلمتم فإن أسلموا فقد اهتدوا وإن تولوا فإنما عليك البلاغ والله بصير بالعباد |
| | | پوءِ جيڪڏھن توسان جھيڙين ته چؤ پنھنجو مُنھن (يعني سر) مُون ۽ جنھن منھنجي تابعداري ڪئي تنھن الله لاءِ نِوايو آھي، ۽ (اي پيغمبر) جن کي ڪتاب (توريت ۽ انجيل) ڏنو ويو تن کي ۽ اڻ پڙھيلن کي چؤ ته اسلام آندو اَٿوَ؟ (يا نه) پوءِ جيڪڏھن اسلام آڻين ته بيشڪ سِڌيءَ واٽ وارا ٿيا، ۽ جيڪڏھن ڦري وڃن ته توتي رڳو پيغام پُھچائڻ آھي، ۽الله ٻانھن کي ڏسندڙ آھي. |
|
314 | 3 | 21 | إن الذين يكفرون بآيات الله ويقتلون النبيين بغير حق ويقتلون الذين يأمرون بالقسط من الناس فبشرهم بعذاب أليم |
| | | بيشڪ جيڪي الله جي آيتن کي نٿا مڃين ۽ پيغمبرن کي ناحق ٿا ڪُھن ۽ ماڻھن مان جيڪي (کين) اِنصاف جو حُڪم ڪن ٿا تن کي ٿا ڪُھن پوءِ کين ڏکوئيندڙ عذاب جي سُڌ ڏي. |
|