نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
2962 | 26 | 30 | قال أولو جئتك بشيء مبين |
| | | (مُوسى) چيو ته جيتوڻيڪ تو وٽ پڌري شيء آڻيان ته به (قيد ڪندين) ڇا؟ |
|
2963 | 26 | 31 | قال فأت به إن كنت من الصادقين |
| | | (فرعون) چيو ته جيڪڏھن تون سَچن مان آھين ته اُھا آڻ. |
|
2964 | 26 | 32 | فألقى عصاه فإذا هي ثعبان مبين |
| | | پوءِ پنھنجي لَٺ اُڇليائين ته اُھا اُمالڪ پڌرو واسينگ (نانگ) ٿي پئي. |
|
2965 | 26 | 33 | ونزع يده فإذا هي بيضاء للناظرين |
| | | ۽ پنھنجو ھٿ ڪڍيائين ته اوچتو اُھو ڏسندڙن لاءِ چمڪندڙ ٿي پيو. |
|
2966 | 26 | 34 | قال للملإ حوله إن هذا لساحر عليم |
| | | (فرعون) پنھنجن آس پاس وارن سردارن کي چيو ته بيشڪ ھي شخص داناءُ جادوگر آھي. |
|
2967 | 26 | 35 | يريد أن يخرجكم من أرضكم بسحره فماذا تأمرون |
| | | (ھو) اوھان کي اوھان جي ملڪ مان پنھنجي جادوءَ سان لوڌڻ گھري ٿو پوءِ مون کي (ھاڻي) ڇا ٿا حُڪم ڪريو؟ |
|
2968 | 26 | 36 | قالوا أرجه وأخاه وابعث في المدائن حاشرين |
| | | چيائون ته کيس ۽ سندس ڀاءُ کي ترساءِ ۽ شھرن ۾ ڪوٺيندڙ کي موڪل. |
|
2969 | 26 | 37 | يأتوك بكل سحار عليم |
| | | ته سڀڪنھن ڄاڻندڙ وڏي جادوگر کي کي تو وٽ آڻين. |
|
2970 | 26 | 38 | فجمع السحرة لميقات يوم معلوم |
| | | پوءِ ھڪ ڏينھن ٺھرايل جي انجام تي جادوگر گڏ ڪيا ويا. |
|
2971 | 26 | 39 | وقيل للناس هل أنتم مجتمعون |
| | | ۽ ماڻھن کي چيو ويو ته اوھين (به) گڏ ٿيڻ وارا آھيو ڇا؟ |
|