نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
294 | 3 | 1 | بسم الله الرحمن الرحيم الم |
| | | الٓمَّٓ. |
|
295 | 3 | 2 | الله لا إله إلا هو الحي القيوم |
| | | الله (اُھو آھي جو) اُن کانسواءِ ڪوئي عبادت جو لائق نه آھي (جو سدائين) جيئرو (جڳ جي) بيھڪ ڏيڻ وارو آھي. |
|
296 | 3 | 3 | نزل عليك الكتاب بالحق مصدقا لما بين يديه وأنزل التوراة والإنجيل |
| | | توتي (اُھو) ڪتاب سچ سان لاٿائين (جو) جيڪي (ڪتاب) کانئس اڳي آھن تن جو سچو ڪندڙ آھي ۽ توريت ۽ اِنجيل کي لاٿائين. |
|
297 | 3 | 4 | من قبل هدى للناس وأنزل الفرقان إن الذين كفروا بآيات الله لهم عذاب شديد والله عزيز ذو انتقام |
| | | اڳي ئي ماڻھن جي ھدايت لاءِ ۽ (سچ ۽ ڪُوڙ ۾) سنڌو وجھندڙ لاٿائين، جن الله جي آيتن جو اِنڪار ڪيو تن لاءِ سخت عذاب آھي، ۽ الله غالب بدلي وٺڻ وارو آھي. |
|
298 | 3 | 5 | إن الله لا يخفى عليه شيء في الأرض ولا في السماء |
| | | بيشڪ الله تي ڪائي شيء نڪي زمين ۾ ۽ نڪي آسمان ۾ ڳجھي رھندي آھي. |
|
299 | 3 | 6 | هو الذي يصوركم في الأرحام كيف يشاء لا إله إلا هو العزيز الحكيم |
| | | اُھو (الله) اھو آھي جيڪو (مائن) ڳڀيرڻن ۾ جئن گھرندو آھي (تئن) اوھان جي شڪل ٺاھيندو آھي، اُن کانسواءِ ڪوئي عبادت جو لائق نه آھي (اُھوئي) غالب حِڪمت وارو آھي. |
|
300 | 3 | 7 | هو الذي أنزل عليك الكتاب منه آيات محكمات هن أم الكتاب وأخر متشابهات فأما الذين في قلوبهم زيغ فيتبعون ما تشابه منه ابتغاء الفتنة وابتغاء تأويله وما يعلم تأويله إلا الله والراسخون في العلم يقولون آمنا به كل من عند ربنا وما يذكر إلا أولو الألباب |
| | | اُھو (الله) آھي جنھن توتي ڪتاب لاٿو جنھن مان ڪي آيتون مُحڪم آھن (يعني اُنھن جي معنىٰ صاف آھي) اُھي ڪتاب جو اصل آھن ۽ ٻيون متشابه آھن (يعني اُنھن جون معنائون گھڻيون ٿي سگھن ٿيون)، پوءِ جن دلين ۾ ڏنگائي آھي سي مَنجھانئس جيڪي مُتشابه آھن تن جي پُٺيان خرابي ڳولڻ ۽ سندس مراد ڳولڻ لاءِ لڳندا آھن، ۽ الله کانسواءِ اُن جي مُراد ڪوئي نه ڄاڻندو آھي، ۽ (جيڪي) علم ۾پڪا (آھن سي) چوندا آھن ته اُنھن کي مڃيوسُون اِھي مڙئي اسان جي پالڻھار وٽان آھن، ۽ ڌيان وارن کانسواءِ (ٻيو) ڪوبه نصيحت نه وٺندو آھي. |
|
301 | 3 | 8 | ربنا لا تزغ قلوبنا بعد إذ هديتنا وهب لنا من لدنك رحمة إنك أنت الوهاب |
| | | اي اسان جا پالڻھار جڏھن تو اسان کي ھدايت ڪئي تنھن کان پوءِ اسان جي دلين کي ڏنگائي نه ڏي ۽ پاڻ وٽان اسان کي ٻاجھ عطا ڪر، ڇوته تون ئي بخشڻھار آھين. |
|
302 | 3 | 9 | ربنا إنك جامع الناس ليوم لا ريب فيه إن الله لا يخلف الميعاد |
| | | اي اسان جا پالڻھار تون اُن ڏينھن ۾ ماڻھن کي گڏ ڪندڙ آھين جنھن ۾ ڪو شڪ نه آھي، ڇوته الله (پنھنجي) انجام کي نه ڦيرائيندو آھي. |
|
303 | 3 | 10 | إن الذين كفروا لن تغني عنهم أموالهم ولا أولادهم من الله شيئا وأولئك هم وقود النار |
| | | بيشڪ جن ڪفر ڪيو تن کان ڪڏھن نه سندن مال ۽ نڪي سندن اولاد الله (جي عذاب) مان ڪجھ نه ٽاريندو، ۽ اِھي دوزخ جو ٻارڻ آھن. |
|