نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
2920 | 25 | 65 | والذين يقولون ربنا اصرف عنا عذاب جهنم إن عذابها كان غراما |
| | | ۽ اُھي جيڪي چوندا آھن ته اي اسان جا پالڻھار اسان کان دوزخ جو عذاب ٽار، بيشڪ دوزخ جو عذاب (وڏي) چَٽي آھي. |
|
2921 | 25 | 66 | إنها ساءت مستقرا ومقاما |
| | | بيشڪ اُھو آرام ڪرڻ جو ھنڌ ۽ رھڻ جو ھنڌ بڇڙو آھي. |
|
2922 | 25 | 67 | والذين إذا أنفقوا لم يسرفوا ولم يقتروا وكان بين ذلك قواما |
| | | ۽ اُھي جڏھن خرچ ڪندا آھن (تڏھن) نڪي اجايو خرچيندا آھن ۽ نڪي تنگي ڪندا آھن ۽ انھن (ٻنھي) جي وچ ۾ پورا ھلندا آھن. |
|
2923 | 25 | 68 | والذين لا يدعون مع الله إلها آخر ولا يقتلون النفس التي حرم الله إلا بالحق ولا يزنون ومن يفعل ذلك يلق أثاما |
| | | ۽ اُھي جيڪي الله ساڻ ڪنھن ٻئي معبود کي نه پوڄيندا آھن ۽ نڪي اھڙي جيءَ کي ماريندا آھن جنھنجو حق کانسواءِ مارڻ الله حرام ڪيو آھي ۽ نڪي زنا ڪندا آھن، ۽ جيڪو اُھو ڪم ڪندو سو سخت عذاب لھندو. |
|
2924 | 25 | 69 | يضاعف له العذاب يوم القيامة ويخلد فيه مهانا |
| | | قيامت جي ڏينھن اُن کي ٻيڻو عذاب ڪبو ۽ منجھس سدائين خوار رھندو. |
|
2925 | 25 | 70 | إلا من تاب وآمن وعمل عملا صالحا فأولئك يبدل الله سيئاتهم حسنات وكان الله غفورا رحيما |
| | | پر جن توبه ڪئي ۽ ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا سي اُھي آھن جن جون مدايون الله ڦيرائي نيڪيون ڪندو، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي. |
|
2926 | 25 | 71 | ومن تاب وعمل صالحا فإنه يتوب إلى الله متابا |
| | | ۽ جيڪو توبه ڪري ۽ چڱا ڪم ڪري سو بيشڪ الله ڏانھن وري موٽي ٿو. |
|
2927 | 25 | 72 | والذين لا يشهدون الزور وإذا مروا باللغو مروا كراما |
| | | ۽ اُھي جيڪي ڪوڙي شاھدي نه ڏيندا آھن ۽ جڏھن بيھودي ڪم تي لنگھندا آھن (تڏھن چڱي ريت) ڀلارن وانگر لنگھندا آھن. |
|
2928 | 25 | 73 | والذين إذا ذكروا بآيات ربهم لم يخروا عليها صما وعميانا |
| | | ۽ اُھي جو جڏھن کين سندن پالڻھار جي آيتن سان نصيحت ڏبي آھي (ته) اُن (جي ٻڌڻ) سان ٻوڙا ۽ انڌا ٿي نه ڪرندا آھن. |
|
2929 | 25 | 74 | والذين يقولون ربنا هب لنا من أزواجنا وذرياتنا قرة أعين واجعلنا للمتقين إماما |
| | | ۽ اُھي جيڪي چوندا آھن ته اي اسانجا پالڻھار اسان جي زالن ۽ اسان جي اولاد مان اسان کي اکين جو ٺار بخش ۽ اسان کي پرھيزگارن جو اِمام ڪر. |
|