بسم الله الرحمن الرحيم

نتائج البحث: 6236
ترتيب الآيةرقم السورةرقم الآيةالاية
29102555ويعبدون من دون الله ما لا ينفعهم ولا يضرهم وكان الكافر على ربه ظهيرا
۽ الله کان سواءِ اھڙن جي پوڄا ڪندا آھن جي کين نڪي سُک ڏين ۽ نڪي کين ڏک پھچائن، ۽ ڪافر پنھنجي پالڻھار کي پُٺي ڏيڻ وارو آھي.
29112556وما أرسلناك إلا مبشرا ونذيرا
۽ (اي پيغمبر) اسان توکي رڳو خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو آھي.
29122557قل ما أسألكم عليه من أجر إلا من شاء أن يتخذ إلى ربه سبيلا
(کين) چؤ ته آءٌ اوھان کان اُن (قرآن جي پھچائڻ) تي ڪو اُجورو نٿو گھران پر جيڪو پنھنجي پالڻھار ڏانھن واٽ وٺڻ گھري (سو ڀلي ته وٺي).
29132558وتوكل على الحي الذي لا يموت وسبح بحمده وكفى به بذنوب عباده خبيرا
۽ (اي پيغمبر تون اُنھيءَ الله) جيئري تي ڀروسو ڪر جيڪو (ڪڏھن) نه مرندو ۽ سنديس ساراہ سان گڏ پاڪائي بيان ڪر، ۽ اُھو پنھنجن ٻانھن جي گناھن جي خبر رکندڙ ڪافي آھي.
29142559الذي خلق السماوات والأرض وما بينهما في ستة أيام ثم استوى على العرش الرحمن فاسأل به خبيرا
جنھن آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي سندن وچ ۾ آھي (سو) ڇھن ڏينھن ۾ بڻايو وري عرش تي قائم ٿيو، (اُھو) ٻاجھارو آھي پوءِ سندس (صفتون) ڪنھن خبر رکندڙ کان پُڇ.
29152560وإذا قيل لهم اسجدوا للرحمن قالوا وما الرحمن أنسجد لما تأمرنا وزادهم نفورا
۽ جڏھن کين چئبو آھي ته رحمٰن کي سجدو ڪريو، (تڏھن) چوندا آھن ته رَحمٰن ڇا آھي جنھن لاءِ اسان کي حُڪم ٿو ڪرين؟ تنھن کي سجدو ڪريون ڇا؟ ۽ (اُنھي ڳالھ ھٿئون) سندن نفرت وڌائي.
29162561تبارك الذي جعل في السماء بروجا وجعل فيها سراجا وقمرا منيرا
اُھو (الله) وڏي برڪت وارو آھي جنھن آسمان ۾ برج بڻايائين ۽ منجھس ڏيو (يعني سِج) ۽ چمڪندڙ چنڊ بڻايو.
29172562وهو الذي جعل الليل والنهار خلفة لمن أراد أن يذكر أو أراد شكورا
۽ (الله) اُھو آھي جنھن رات ۽ ڏينھن کي ھڪ ٻئي جي پوئتان ايندڙ اُنھيءَ (ماڻھو) لاءِ بڻايو جيڪو نصيحت وٺڻ گھري يا شڪرانو گھري.
29182563وعباد الرحمن الذين يمشون على الأرض هونا وإذا خاطبهم الجاهلون قالوا سلاما
۽ ٻاجھاري (الله) جا ٻانھا اُھي آھن جيڪي زمين تي نِوَڙت سان گھمندا آھن ۽ جڏھن بي عقل ساڻن ڳالھائيندا آھن (تڏھن) چوندا آھن ته سلامت ھجو (شال).
29192564والذين يبيتون لربهم سجدا وقياما
۽ اُھي جيڪي پنھنجي پالڻھار کي سجدو ڪندڙ ۽ قيام ڪندڙ ٿي راتيون گذاريندا آھن.


0 ... 280.9 281.9 282.9 283.9 284.9 285.9 286.9 287.9 288.9 289.9 291.9 292.9 293.9 294.9 295.9 296.9 297.9 298.9 299.9 ... 623

إنتاج هذه المادة أخد: 0.02 ثانية


المغرب.كووم © ٢٠٠٩ - ١٤٣٠ © الحـمـد لله الـذي سـخـر لـنا هـذا :: وقف لله تعالى وصدقة جارية

603148121801114020456203267607427933133