بسم الله الرحمن الرحيم

نتائج البحث: 6236
ترتيب الآيةرقم السورةرقم الآيةالاية
29042549لنحيي به بلدة ميتا ونسقيه مما خلقنا أنعاما وأناسي كثيرا
ته اُن سان ويران شھر کي آباد ڪريون ۽ ته پنھنجن پيدا ڪيل ڍورن ۽ گھڻن ماڻھن کي اُھو پياريون.
29052550ولقد صرفناه بينهم ليذكروا فأبى أكثر الناس إلا كفورا
۽ بيشڪ اُن (مينھن) کي سندن وچ ۾ ھن ڪري ڦيرائيندڙ آھيون ته نصيحت وٺن، پوءِ گھڻا ماڻھو بي شڪريءَ کانسواءِ نٿا رھن.
29062551ولو شئنا لبعثنا في كل قرية نذيرا
۽ جيڪڏھن گھرون ھا ته سڀڪنھن ڳوٺ ۾ ھڪ ڊيڄاريندڙ موڪليون ھا.
29072552فلا تطع الكافرين وجاهدهم به جهادا كبيرا
پوءِ تون ڪافرن جو چيو نه مڃ ۽ اُن (قرآن) جي حُڪم سان (مقابلي طرح) ساڻن وڏو جھاد ڪر.
29082553وهو الذي مرج البحرين هذا عذب فرات وهذا ملح أجاج وجعل بينهما برزخا وحجرا محجورا
۽ (الله) اُھو آھي جنھن ٻن دريائن کي پاڻ ۾ ملايو جو ھي (ھڪڙو) مِٺو اُڃ لاھيندڙ ۽ ھيءُ (ٻيو) لوڻاٺيو کارو آھي، ۽ سندن وچ ۾ اوٽ ۽ مُحڪم پردو بڻايائين.
29092554وهو الذي خلق من الماء بشرا فجعله نسبا وصهرا وكان ربك قديرا
۽ (الله) اُھو آھي جنھن پاڻيءَ مان ماڻھوءَ کي بڻايو پوءِ کيس پيڙھي ۽ سيڻپيءَ جي مائٽي وارو ڪيائين، ۽ تنھنجو پالڻھار وس وارو آھي.
29102555ويعبدون من دون الله ما لا ينفعهم ولا يضرهم وكان الكافر على ربه ظهيرا
۽ الله کان سواءِ اھڙن جي پوڄا ڪندا آھن جي کين نڪي سُک ڏين ۽ نڪي کين ڏک پھچائن، ۽ ڪافر پنھنجي پالڻھار کي پُٺي ڏيڻ وارو آھي.
29112556وما أرسلناك إلا مبشرا ونذيرا
۽ (اي پيغمبر) اسان توکي رڳو خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو آھي.
29122557قل ما أسألكم عليه من أجر إلا من شاء أن يتخذ إلى ربه سبيلا
(کين) چؤ ته آءٌ اوھان کان اُن (قرآن جي پھچائڻ) تي ڪو اُجورو نٿو گھران پر جيڪو پنھنجي پالڻھار ڏانھن واٽ وٺڻ گھري (سو ڀلي ته وٺي).
29132558وتوكل على الحي الذي لا يموت وسبح بحمده وكفى به بذنوب عباده خبيرا
۽ (اي پيغمبر تون اُنھيءَ الله) جيئري تي ڀروسو ڪر جيڪو (ڪڏھن) نه مرندو ۽ سنديس ساراہ سان گڏ پاڪائي بيان ڪر، ۽ اُھو پنھنجن ٻانھن جي گناھن جي خبر رکندڙ ڪافي آھي.


0 ... 280.3 281.3 282.3 283.3 284.3 285.3 286.3 287.3 288.3 289.3 291.3 292.3 293.3 294.3 295.3 296.3 297.3 298.3 299.3 ... 623

إنتاج هذه المادة أخد: 0.02 ثانية


المغرب.كووم © ٢٠٠٩ - ١٤٣٠ © الحـمـد لله الـذي سـخـر لـنا هـذا :: وقف لله تعالى وصدقة جارية

2834494047386317071141318344527832429