بسم الله الرحمن الرحيم

نتائج البحث: 6236
ترتيب الآيةرقم السورةرقم الآيةالاية
28972542إن كاد ليضلنا عن آلهتنا لولا أن صبرنا عليها وسوف يعلمون حين يرون العذاب من أضل سبيلا
بيشڪ اسان کي پنھنجن بتن (جي پوڄا) کان تڏھن ئي ڀلائي ڇڏي ھا جيڪڏھن اسين مٿن مُحڪم نه رھون ھا، ۽ جڏھن عذاب ڏسندا (تڏھن) ڄاڻندا ته واٽ کي بلڪل وڃائيندڙ ڪير آھي.
28982543أرأيت من اتخذ إلهه هواه أفأنت تكون عليه وكيلا
(اي پيغمبر) تو اُن کي ڏٺو جنھن پنھنجي سَڌ کي پنھنجو معبود ڪري ورتو؟ پوءِ تون مٿس ڪو نگھبان ٿيندين ڇا؟
28992544أم تحسب أن أكثرهم يسمعون أو يعقلون إن هم إلا كالأنعام بل هم أضل سبيلا
ڀانيو اٿئي ڇا ته منجھانئن گھڻا ٻڌن ٿا يا سمجھن ٿا؟ اِھي رڳو ڍورن وانگر آھن بلڪ اُھي واٽ کي بلڪل وڃائيندڙ آھن.
29002545ألم تر إلى ربك كيف مد الظل ولو شاء لجعله ساكنا ثم جعلنا الشمس عليه دليلا
(اي پيغمبر) پنھنجي پالڻھار ڏانھن نه ڏٺو اٿئي ڇا ته پاڇي کي ڪيئن ڊگھو ڪيائين؟ جيڪڏھن گھري ھا ته اُن کي ٺھرائي ڇڏي ھا، وري سج کي مٿس (پنھنجي قدرت جو) دليل ڪيوسون.
29012546ثم قبضناه إلينا قبضا يسيرا
وري اُن (پاڇي) کي پاڻ ڏانھن ھوريان ھوريان سوڙھو ڪيوسون (جئن) سوڙھو ڪرڻ گھرجي.
29022547وهو الذي جعل لكم الليل لباسا والنوم سباتا وجعل النهار نشورا
۽ (الله) اُھو آھي جنھن اوھان لاءِ رات کي پردو ۽ ننڊ کي آرام ڪيو ۽ ڏينھن کي اُٿڻ جو وقت ڪيائين.
29032548وهو الذي أرسل الرياح بشرا بين يدي رحمته وأنزلنا من السماء ماء طهورا
۽ (الله) اُھو آھي جنھن پنھنجي ٻاجھ (يعني مينھن) کان اڳي وائُن کي خوشخبري ڏيندڙ ڪري موڪليو، ۽ آسمان مان پاڪ پاڻي (ھن لاءِ) وسايوسون
29042549لنحيي به بلدة ميتا ونسقيه مما خلقنا أنعاما وأناسي كثيرا
ته اُن سان ويران شھر کي آباد ڪريون ۽ ته پنھنجن پيدا ڪيل ڍورن ۽ گھڻن ماڻھن کي اُھو پياريون.
29052550ولقد صرفناه بينهم ليذكروا فأبى أكثر الناس إلا كفورا
۽ بيشڪ اُن (مينھن) کي سندن وچ ۾ ھن ڪري ڦيرائيندڙ آھيون ته نصيحت وٺن، پوءِ گھڻا ماڻھو بي شڪريءَ کانسواءِ نٿا رھن.
29062551ولو شئنا لبعثنا في كل قرية نذيرا
۽ جيڪڏھن گھرون ھا ته سڀڪنھن ڳوٺ ۾ ھڪ ڊيڄاريندڙ موڪليون ھا.


0 ... 279.6 280.6 281.6 282.6 283.6 284.6 285.6 286.6 287.6 288.6 290.6 291.6 292.6 293.6 294.6 295.6 296.6 297.6 298.6 ... 623

إنتاج هذه المادة أخد: 0.02 ثانية


المغرب.كووم © ٢٠٠٩ - ١٤٣٠ © الحـمـد لله الـذي سـخـر لـنا هـذا :: وقف لله تعالى وصدقة جارية

868101427394150318845715467434318921502