نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
2895 | 25 | 40 | ولقد أتوا على القرية التي أمطرت مطر السوء أفلم يكونوا يرونها بل كانوا لا يرجون نشورا |
| | | ۽ بيشڪ (ڪافر) اُن ڳوٺ وٽان ٿي آيا آھن جنھن تي (پٿرن جو) بڇڙو مينھن وسايو ويو ھو، اُن کي نه ٿي ڏٺائون ڇا؟ بلڪ اُھي وري جيئري ٿيڻ جي اُميد نه رکندا ھوا. |
|
2896 | 25 | 41 | وإذا رأوك إن يتخذونك إلا هزوا أهذا الذي بعث الله رسولا |
| | | ۽ جڏھن توکي ڏسن ٿا (تڏھن) توکي رڳو ٺـٺولي ڪري وٺن ٿا، (چون ٿا ته) ھيءُ اُھو (شخص) آھي ڇا جنھن کي الله پيغمبر ڪري موڪليو آھي. |
|
2897 | 25 | 42 | إن كاد ليضلنا عن آلهتنا لولا أن صبرنا عليها وسوف يعلمون حين يرون العذاب من أضل سبيلا |
| | | بيشڪ اسان کي پنھنجن بتن (جي پوڄا) کان تڏھن ئي ڀلائي ڇڏي ھا جيڪڏھن اسين مٿن مُحڪم نه رھون ھا، ۽ جڏھن عذاب ڏسندا (تڏھن) ڄاڻندا ته واٽ کي بلڪل وڃائيندڙ ڪير آھي. |
|
2898 | 25 | 43 | أرأيت من اتخذ إلهه هواه أفأنت تكون عليه وكيلا |
| | | (اي پيغمبر) تو اُن کي ڏٺو جنھن پنھنجي سَڌ کي پنھنجو معبود ڪري ورتو؟ پوءِ تون مٿس ڪو نگھبان ٿيندين ڇا؟ |
|
2899 | 25 | 44 | أم تحسب أن أكثرهم يسمعون أو يعقلون إن هم إلا كالأنعام بل هم أضل سبيلا |
| | | ڀانيو اٿئي ڇا ته منجھانئن گھڻا ٻڌن ٿا يا سمجھن ٿا؟ اِھي رڳو ڍورن وانگر آھن بلڪ اُھي واٽ کي بلڪل وڃائيندڙ آھن. |
|
2900 | 25 | 45 | ألم تر إلى ربك كيف مد الظل ولو شاء لجعله ساكنا ثم جعلنا الشمس عليه دليلا |
| | | (اي پيغمبر) پنھنجي پالڻھار ڏانھن نه ڏٺو اٿئي ڇا ته پاڇي کي ڪيئن ڊگھو ڪيائين؟ جيڪڏھن گھري ھا ته اُن کي ٺھرائي ڇڏي ھا، وري سج کي مٿس (پنھنجي قدرت جو) دليل ڪيوسون. |
|
2901 | 25 | 46 | ثم قبضناه إلينا قبضا يسيرا |
| | | وري اُن (پاڇي) کي پاڻ ڏانھن ھوريان ھوريان سوڙھو ڪيوسون (جئن) سوڙھو ڪرڻ گھرجي. |
|
2902 | 25 | 47 | وهو الذي جعل لكم الليل لباسا والنوم سباتا وجعل النهار نشورا |
| | | ۽ (الله) اُھو آھي جنھن اوھان لاءِ رات کي پردو ۽ ننڊ کي آرام ڪيو ۽ ڏينھن کي اُٿڻ جو وقت ڪيائين. |
|
2903 | 25 | 48 | وهو الذي أرسل الرياح بشرا بين يدي رحمته وأنزلنا من السماء ماء طهورا |
| | | ۽ (الله) اُھو آھي جنھن پنھنجي ٻاجھ (يعني مينھن) کان اڳي وائُن کي خوشخبري ڏيندڙ ڪري موڪليو، ۽ آسمان مان پاڪ پاڻي (ھن لاءِ) وسايوسون |
|
2904 | 25 | 49 | لنحيي به بلدة ميتا ونسقيه مما خلقنا أنعاما وأناسي كثيرا |
| | | ته اُن سان ويران شھر کي آباد ڪريون ۽ ته پنھنجن پيدا ڪيل ڍورن ۽ گھڻن ماڻھن کي اُھو پياريون. |
|