نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
2882 | 25 | 27 | ويوم يعض الظالم على يديه يقول يا ليتني اتخذت مع الرسول سبيلا |
| | | ۽ جنھن ڏينھن ظالم پنھنجا ٻئي ھٿ چٻيندو چوندو ته ھَيء اَرمان (جيڪر) پيغمبر سان گڏ واٽ وٺان ھا (ته چڱو ھو). |
|
2883 | 25 | 28 | يا ويلتى ليتني لم أتخذ فلانا خليلا |
| | | ھَيء ھَيء ارمان جيڪر فلاڻي کي دوست نه وٺان ھا. |
|
2884 | 25 | 29 | لقد أضلني عن الذكر بعد إذ جاءني وكان الشيطان للإنسان خذولا |
| | | بيشڪ جڏھن مون وٽ نصيحت آئي تنھن پڄاڻا ھن مون کي اُن کان گمراہ ڪيو، ۽ شيطان ماڻھوءَ کي (وقت تي) دغا ڏيندڙ آھي. |
|
2885 | 25 | 30 | وقال الرسول يا رب إن قومي اتخذوا هذا القرآن مهجورا |
| | | ۽ پيغمبر چوندو ته اي منھنجا پالڻھاربيشڪ منھنجي قوم ھن قرآن کي ڇڏي ڏنو ھو. |
|
2886 | 25 | 31 | وكذلك جعلنا لكل نبي عدوا من المجرمين وكفى بربك هاديا ونصيرا |
| | | ۽ اھڙيءَ طرح سڀڪنھن پيغمبر لاءِ ڏوھارين مان ويري بڻاياسون، ۽ تنھنجو پالڻھار ھدايت ڪرڻ وارو ۽ مدد ڏيڻ وارو ڪافي آھي. |
|
2887 | 25 | 32 | وقال الذين كفروا لولا نزل عليه القرآن جملة واحدة كذلك لنثبت به فؤادك ورتلناه ترتيلا |
| | | ۽ ڪافر چون ٿا ته پيغمبر تي سارو قرآن ھڪ ڀيري ڇو نه نازل ڪيو ويو؟ اھڙي طرح (ٿورو ٿورو ڪري لاٿوسون)، ته اُن سان تنھنجي دل کي مُحڪم ڪريون ۽ اُھو آھستو آھستو پڙھي ٻڌايوسون. |
|
2888 | 25 | 33 | ولا يأتونك بمثل إلا جئناك بالحق وأحسن تفسيرا |
| | | ۽ (ڪافر) تو وٽ اھڙي ڪا حُجّت نه ٿا آڻين جنھنجو اسين سچو (جواب) ۽ ڏاڍو چڱو بيان تو وٽ نه ٿا آڻيون. |
|
2889 | 25 | 34 | الذين يحشرون على وجوههم إلى جهنم أولئك شر مكانا وأضل سبيلا |
| | | جيڪي پنھنجي منھن ڀر دوزخ ڏانھن گڏ ڪيا ويندا اُھي جاءِ جي ڪري تمام بُڇڙا ۽ واٽ کي بلڪل وڃائيندڙ آھن. |
|
2890 | 25 | 35 | ولقد آتينا موسى الكتاب وجعلنا معه أخاه هارون وزيرا |
| | | ۽ بيشڪ مُوسىٰ کي ڪتاب ڏنوسون ۽ ساڻس سندس ڀاءُ ھارون وزير ڪيوسون. |
|
2891 | 25 | 36 | فقلنا اذهبا إلى القوم الذين كذبوا بآياتنا فدمرناهم تدميرا |
| | | پوءِ چيوسون ته (ٻئي) اُنھي قوم ڏانھن وڃو جن اسان جي آيتن کي ڪوڙ ڀانيو، پوءِ (آخر) کين پاڙئون پٽيوسون. |
|