بسم الله الرحمن الرحيم

نتائج البحث: 6236
ترتيب الآيةرقم السورةرقم الآيةالاية
28672512إذا رأتهم من مكان بعيد سمعوا لها تغيظا وزفيرا
جڏھن (دوزخ) انھن کي ڏوراھين پنڌ کان ڏسندو (تڏھن) اُن جون ڪاوڙ جون ھڪلون ۽ گجڪار ٻڌندا.
28682513وإذا ألقوا منها مكانا ضيقا مقرنين دعوا هنالك ثبورا
۽ جڏھن اُتان ھٿ پير جڪڙيل سوڙھي ھنڌ سٽيا ويندا (تڏھن) اُتي (پاڻ لاءِ) ھلاڪ ٿيڻ کي سڏيندا.
28692514لا تدعوا اليوم ثبورا واحدا وادعوا ثبورا كثيرا
(چيو ويندن ته) اڄ اوھين ھڪ ھلاڪ ٿيڻ کي نه پڪاريو پر گھڻن ھلاڪتن کي پُڪاريو.
28702515قل أذلك خير أم جنة الخلد التي وعد المتقون كانت لهم جزاء ومصيرا
(اي پيغمبر کين) چؤ ته اُھو ڀلو آھي يا اُھو ھميشه وارو بھشت جنھن جو پرھيزگارن کي انجام ڏنو ويو آھي؟ جو اُنھن لاءِ بدلو ۽ موٽڻ جو ھنڌ ھوندو.
28712516لهم فيها ما يشاءون خالدين كان على ربك وعدا مسئولا
جيڪي گھرندا سو انھن لاءِ منجھس سدائين (موجود) ھوندو، تنھنجي پالڻھار کان (اھو) وعدو گھريل آھي.
28722517ويوم يحشرهم وما يعبدون من دون الله فيقول أأنتم أضللتم عبادي هؤلاء أم هم ضلوا السبيل
۽ اُن ڏينھن کين ۽ جن کي الله کانسواءِ پوڄيندا آھن تن کي الله گڏ ڪندو پوءِ چوندو ته اوھان ھنن منھنجن ٻانھن کي گمراھ ڪيو ھو يا اُھي پاڻ واٽ کان گمراھ ٿيا ھوا؟
28732518قالوا سبحانك ما كان ينبغي لنا أن نتخذ من دونك من أولياء ولكن متعتهم وآباءهم حتى نسوا الذكر وكانوا قوما بورا
چوندا ته تنھنجي پاڪائي بيان ٿا ڪريون تو کانسواءِ اسان کي ڪو دوست وٺڻ نه جڳائيندو ھو پر انھن کي ۽ سندن پين ڏاڏن کي آسودو ڪيئي تان جو نصيحت وساريائون، ۽ ھلاڪ ٿيل قوم ٿيا.
28742519فقد كذبوكم بما تقولون فما تستطيعون صرفا ولا نصرا ومن يظلم منكم نذقه عذابا كبيرا
پوءِ (چونداسون ته اي ڪافرؤ) بيشڪ جيڪي (ڳالھيون ھنن معبودن بابت) چَيوَ ٿي تن ۾ اُنھن اوھان کي ڪُوڙو ڪيو پوءِ (اوھين) نڪي عذاب ٽاري سگھو ٿا ۽ نڪي مدد وٺي سگھو ٿا، ۽ اوھان مان جنھن ظلم ڪيو ھوندو تنھن کي وڏو عذاب چکائينداسون.
28752520وما أرسلنا قبلك من المرسلين إلا إنهم ليأكلون الطعام ويمشون في الأسواق وجعلنا بعضكم لبعض فتنة أتصبرون وكان ربك بصيرا
۽ توکان اڳ پيغمبرن مان جيترا به موڪلياسون سي (به تو ئي وانگر) طعام کائيندا ھوا ۽ بازارين ۾ گھمندا ھوا، ۽ اوھان کي (پاڻ ۾) ھڪ ٻئي لاءِ پرک ڪيو اٿئون، (ته ڏسون ته) صبر ڪريو ٿا (يا نه)؟ ۽ تنھنجو پالڻھار ڏسندڙ آھي.
28762521وقال الذين لا يرجون لقاءنا لولا أنزل علينا الملائكة أو نرى ربنا لقد استكبروا في أنفسهم وعتوا عتوا كبيرا
۽ جيڪي اسان جي ملڻ جي اُميد نه رکندا آھن سي چوندا آھن ته اسان تي ڇو نه ملائڪ نازل ڪيا ويا يا پنھنجي پالڻھار کي (ڇو نه ٿا) ڏسون؟ بيشڪ اُنھن پنھنجن جيئن ۾ وڏائي ڪئي ۽ تمام وڏو ھٺ ڪيائون.


0 ... 276.6 277.6 278.6 279.6 280.6 281.6 282.6 283.6 284.6 285.6 287.6 288.6 289.6 290.6 291.6 292.6 293.6 294.6 295.6 ... 623

إنتاج هذه المادة أخد: 0.02 ثانية


المغرب.كووم © ٢٠٠٩ - ١٤٣٠ © الحـمـد لله الـذي سـخـر لـنا هـذا :: وقف لله تعالى وصدقة جارية

1171590825063980362329672940186145491858