نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
2848 | 24 | 57 | لا تحسبن الذين كفروا معجزين في الأرض ومأواهم النار ولبئس المصير |
| | | ڪافرن کي نه ڀانءِ ته زمين ۾ ٿَڪائيندڙ آھن، ۽ سندين جاءِ دوزخ آھي، البت اُھو موٽڻ جو ھنڌ بڇڙو آھي. |
|
2849 | 24 | 58 | يا أيها الذين آمنوا ليستأذنكم الذين ملكت أيمانكم والذين لم يبلغوا الحلم منكم ثلاث مرات من قبل صلاة الفجر وحين تضعون ثيابكم من الظهيرة ومن بعد صلاة العشاء ثلاث عورات لكم ليس عليكم ولا عليهم جناح بعدهن طوافون عليكم بعضكم على بعض كذلك يبين الله لكم الآيات والله عليم حكيم |
| | | اي ايمان وارؤ اوھان جي ٻانھن ۽ جيڪي اوھان مان بلوغت کي نه پُھتا آھن تن کي ٽي وقت (گھرن ۾ اچڻ لاءِ) اوھان کان موڪلائڻ گھرجي، فجر جي نماز کان اڳ ۽ منجھند کي جو اوھين ڪپڙا لاھي رکندا آھيو ۽ سومھاڻي جي نماز کان پوءِ، (جو اھي) اوھان لاءِ ٽي اُگھڙ جا وقت آھن، انھن کان پوءِ ھڪ ٻئي وٽ اوھان جي اچڻ وڃڻ کان نڪي اوھان تي ۽ نڪي اُنھن تي گناھ آھي، اھڙي طرح الله اوھان لاءِ حُڪم بيان ڪري ٿو، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي. |
|
2850 | 24 | 59 | وإذا بلغ الأطفال منكم الحلم فليستأذنوا كما استأذن الذين من قبلهم كذلك يبين الله لكم آياته والله عليم حكيم |
| | | ۽ جڏھن اوھان مان ٻار بلوغت کي پھچن تڏھن کين اھڙي طرح موڪل وٺڻ گھرجي جھڙي طرح انھن (ڇوڪرن) کان اڳيان (وڏا) موڪل وٺندا آھن، اھڙي طرح الله اوھان لاءِ پنھنجا حُڪم بيان فرمائي ٿو، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي. |
|
2851 | 24 | 60 | والقواعد من النساء اللاتي لا يرجون نكاحا فليس عليهن جناح أن يضعن ثيابهن غير متبرجات بزينة وأن يستعففن خير لهن والله سميع عليم |
| | | ۽ جيڪي ٻڍيون زالون پرڻي جو ڪو آسرو نه رکنديون ھجن سي جيڪڏھن سينگارجي پڌري نه ڪرڻ جي ارادي سان پنھنجون چادرون نه ڍڪين ته مٿن گناھ ڪونھي، ۽ جيڪڏھن (اُن کان به) بچن ته اُنھن لاءِ ڀلو آھي، ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي. |
|
2852 | 24 | 61 | ليس على الأعمى حرج ولا على الأعرج حرج ولا على المريض حرج ولا على أنفسكم أن تأكلوا من بيوتكم أو بيوت آبائكم أو بيوت أمهاتكم أو بيوت إخوانكم أو بيوت أخواتكم أو بيوت أعمامكم أو بيوت عماتكم أو بيوت أخوالكم أو بيوت خالاتكم أو ما ملكتم مفاتحه أو صديقكم ليس عليكم جناح أن تأكلوا جميعا أو أشتاتا فإذا دخلتم بيوتا فسلموا على أنفسكم تحية من عند الله مباركة طيبة كذلك يبين الله لكم الآيات لعلكم تعقلون |
| | | انڌي تي ڪا اوکائي نه آھي ۽ نڪي منڊي تي اوکائي ۽ نڪي بيمار تي ڪا اوکائي ۽ نڪي خود اوھان (ماڻھن) تي (ڪا اوکائي) آھي جي اوھين پنھنجن گھرن (مان) يا پنھنجن پيُن جي گھرن يا پنھنجن مائرن جي گھرن يا پنھنجي ڀائرن جي گھرن يا پنھنجن ڀينرن جي گھرن يا پنھنجن چاچن جي گھرن يا پنھنجن پڦين جي گھرن يا پنھنجن مامن جي گھرن يا پنھنجي ماسين جي گھرن يا جن جي گھرن جون ڪنجيون اوھان جي ھٿ آھن تن ۽ پنھنجن دوستن جي گھرن مان کائو، گڏجي (کائڻ) يا ڌار ڌار ٿي کائڻ ۾ اوھان تي ڪو گناھ ڪونھي، پوءِ جڏھن گھرن ۾ گھڙو تڏھن پنھنجن ماڻھن تي سلام ڏيو جو (اھا) الله وٽان برڪت واري سٺي دُعا آھي، اھڙي طرح الله اوھان لاءِ حُڪم بيان ڪندو آھي ته مانَ اوھين سمجھو. |
|
2853 | 24 | 62 | إنما المؤمنون الذين آمنوا بالله ورسوله وإذا كانوا معه على أمر جامع لم يذهبوا حتى يستأذنوه إن الذين يستأذنونك أولئك الذين يؤمنون بالله ورسوله فإذا استأذنوك لبعض شأنهم فأذن لمن شئت منهم واستغفر لهم الله إن الله غفور رحيم |
| | | مؤمن رڳا اُھي آھن جن الله ۽ سندس پيغمبر تي ايمان آندو آھي ۽ جڏھن گڏ ڪَرڻ واري ڪنھن ڪم ۾ ساڻس ھوندا آھن (تڏھن) ايسين ڪيڏي نه ويندا آھن جيسين کانئس موڪل (نه) وٺندا آھن، بيشڪ (اي پيغمبر) جيڪي توکان موڪلائيندا آھن سي اُھي آھن جي الله ۽ سندس پيغمبر کي مڃيندا آھن، پوءِ جڏھن پنھنجن ڪن ڪمن لاءِ توکان موڪلائين تڏھن انھن مان جنھن لاءِ گھرين تنھن کي موڪل ڏي ۽ اُنھن لاءِ الله کان بخشش گُھر، ڇوته الله بخشڻھار مھربان آھي. |
|
2854 | 24 | 63 | لا تجعلوا دعاء الرسول بينكم كدعاء بعضكم بعضا قد يعلم الله الذين يتسللون منكم لواذا فليحذر الذين يخالفون عن أمره أن تصيبهم فتنة أو يصيبهم عذاب أليم |
| | | اوھين پاڻ ۾ پيغمبر کي سڏڻ اھڙي طرح نه ڀانيو جھڙيءَ طرح اوھان جو ھڪ ٻئي کي سڏڻ آھي بيشڪ الله انھن کي ڄاڻندو آھي جيڪي اوھان مان ٻي جي اوٽ ڪري کسڪي ويندا آھن، پوءِ جيڪي سندس حڪم جي ابتڙ ھلندا آھن تن کي پاڻ تي بلا پھچڻ کان يا پاڻ تي ڪنھن ڏکوئيندڙ عذاب پھچڻ کان ڊڄڻ گھرجي. |
|
2855 | 24 | 64 | ألا إن لله ما في السماوات والأرض قد يعلم ما أنتم عليه ويوم يرجعون إليه فينبئهم بما عملوا والله بكل شيء عليم |
| | | خبردار ھجو جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو بيشڪ الله جو آھي، جنھن (حال) تي اوھين آھيو تنھن کي بيشڪ الله ڄاڻندو آھي، ۽ جنھن ڏينھن ڏانھس موٽايا ويندا (تنھن ڏينھن) جيڪي ڪمايائون تنھنجي کين سُڌ ڏيندو، ۽ الله سڀڪنھن شيء کي ڄاڻندڙ آھي. |
|
2856 | 25 | 1 | بسم الله الرحمن الرحيم تبارك الذي نزل الفرقان على عبده ليكون للعالمين نذيرا |
| | | اھو (الله) وڏو برڪت وارو آھي جنھن پنھنجي ٻانھي تي (حق ۽ باطل جو) فرق ڪندڙ (قرآن) ھن لاءِ نازل ڪيو ته جھان وارن لاءِ ڊيڄاريندڙ ھجي. |
|
2857 | 25 | 2 | الذي له ملك السماوات والأرض ولم يتخذ ولدا ولم يكن له شريك في الملك وخلق كل شيء فقدره تقديرا |
| | | (اُھو آھي) جنھن کي آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي آھي ۽ (پاڻ لاءِ) نڪو اولاد ورتائين ۽ نڪي بادشاھيءَ ۾ ساڻس ڪو شريڪ آھي ۽ سڀڪنھن شيء کي بڻايائين پوءِ ان جو اندازو پوري طرح ٺھرايائين. |
|