نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
2792 | 24 | 1 | بسم الله الرحمن الرحيم سورة أنزلناها وفرضناها وأنزلنا فيها آيات بينات لعلكم تذكرون |
| | | (ھيءَ ھڪ) سُورة آھي جا نازل ڪئي سون ۽ اُن (جي حڪمن) کي فرض ڪيوسون ۽ منجھس پڌريون آيتون نازل ڪيوسون ته مانَ نصيحت وٺو. |
|
2793 | 24 | 2 | الزانية والزاني فاجلدوا كل واحد منهما مائة جلدة ولا تأخذكم بهما رأفة في دين الله إن كنتم تؤمنون بالله واليوم الآخر وليشهد عذابهما طائفة من المؤمنين |
| | | زنا ڪندڙ زال ۽ زنا ڪندڙ مڙس سو ٻنھيءَ مان ھر ھڪ کي سؤ دُرا ھڻو، ۽ جيڪڏھن اوھين الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيندا آھيو ته الله جي دين ۾ اوھان کي انھي ٻنھي تي نرمي ڪرڻ نه جڳائي، ۽ مؤمنن مان ھڪ ٽوليءَ کي انھن ٻنھي جي سزا تي حاضر ٿيڻ گھرجي. |
|
2794 | 24 | 3 | الزاني لا ينكح إلا زانية أو مشركة والزانية لا ينكحها إلا زان أو مشرك وحرم ذلك على المؤمنين |
| | | زنا ڪندڙ مرد زنا ڪندڙ زال يا مشرڪياڻيءَ کانسواءِ ٻي نه پرڻبو، ۽ زنا ڪندڙ زال کيس زنا ڪندڙ مڙس يا مشرڪ کانسواءِ ٻيو نه پرڻبو، ۽ اِھو (زنا ڪندڙ زال سان نڪاح ڪرڻ) مؤمنن تي حرام ڪيو ويو. |
|
2795 | 24 | 4 | والذين يرمون المحصنات ثم لم يأتوا بأربعة شهداء فاجلدوهم ثمانين جلدة ولا تقبلوا لهم شهادة أبدا وأولئك هم الفاسقون |
| | | ۽ جيڪي پاڪدامن عورتن کي تھمت لائين وري چار شاھد نه آڻين ته کين اسي دُرا ھڻو ۽ انھن جي گواھي اصلي قبول نه ڪريو، ۽ اُھي بي دين آھن. |
|
2796 | 24 | 5 | إلا الذين تابوا من بعد ذلك وأصلحوا فإن الله غفور رحيم |
| | | پر ھن کان پوءِ جن توبه ڪئي ۽ پاڻ سُڌاريو، ته الله بخشڻھار مھربان آھي. |
|
2797 | 24 | 6 | والذين يرمون أزواجهم ولم يكن لهم شهداء إلا أنفسهم فشهادة أحدهم أربع شهادات بالله إنه لمن الصادقين |
| | | ۽ جيڪي پنھنجي زالن کي تُھمت لائين ۽ کين پاڻ کانسواءِ ڪي شاھد نه ھجن ته اھڙي ھر ھڪ جي (سچي) شاھدي چار ڀيرا (ھيئڻ ڏيڻ) آھي ته الله جو قسم ته بيشڪ پاڻ سچ چوندڙن مان آھي. |
|
2798 | 24 | 7 | والخامسة أن لعنت الله عليه إن كان من الكاذبين |
| | | ۽ پنجون ڀيرو چوي ته جيڪڏھن ڪوڙن مان ھوندو ته مٿس الله جي لعنت ھجي. |
|
2799 | 24 | 8 | ويدرأ عنها العذاب أن تشهد أربع شهادات بالله إنه لمن الكاذبين |
| | | ۽ اُن زال کان (ھيءَ ڳالھ) سزا ٽاريندي جو چار ڀيرا شاھدي ڏئي ته الله جو قسم ته بيشڪ اُھو مُڙس ڪُوڙ چوندڙن مان آھي. |
|
2800 | 24 | 9 | والخامسة أن غضب الله عليها إن كان من الصادقين |
| | | ۽ پنجون ڀيرو (ھيءَ شاھدي ڏئي) ته جيڪڏھن اُھو مڙس سچن مان آھي ته اُن (زال) تي الله جو ڏمر ھُجي. |
|
2801 | 24 | 10 | ولولا فضل الله عليكم ورحمته وأن الله تواب حكيم |
| | | ۽ جيڪڏھن اوھان تي الله جو فضل ۽ سندس ٻاجھ نه ھجي ھا (ته عذاب ٿئيوَ ھا) ۽ بيشڪ الله توبه قبول ڪندڙ حِڪمت وارو آھي. |
|