بسم الله الرحمن الرحيم

نتائج البحث: 6236
ترتيب الآيةرقم السورةرقم الآيةالاية
27712398وأعوذ بك رب أن يحضرون
۽ اي منھنجا پالڻھار پاڻ وٽ انھن جي ويجھي ٿيڻ کان (به) تنھنجي پناھ وٺان ٿو.
27722399حتى إذا جاء أحدهم الموت قال رب ارجعون
(ڪافر پنھنجي ويسلائي ۾ ھوندا) تانجو جنھن مھل منجھانئن ڪنھن کي موت ايندو (تنھن مھل) چوندو ته اي منھنجا پالڻھار مون کي دنيا ۾ (ورائي) موٽاءِ.
277323100لعلي أعمل صالحا فيما تركت كلا إنها كلمة هو قائلها ومن ورائهم برزخ إلى يوم يبعثون
ته جيڪر جيڪي (اُتي) ڇڏيم ته آءٌ چڱا عمل ڪريان ائين (ڪڏھن ٿيڻو) نه آھي، بيشڪ اِھا ڳالھ آھي جا ھو چوندڙ آھي، ۽ سندن اڳيان ھڪ پردو (عالَم قبر) انھيءَ ڏينھن تائين رھندو (جنھن ڏينھن قيامت ۾) اُٿاريا ويندا.
277423101فإذا نفخ في الصور فلا أنساب بينهم يومئذ ولا يتساءلون
پوءِ جنھن مھل صور ۾ ڦوڪبو (تنھن مھل) اُن ڏينھن سندن وچ ۾ نه ذاتيون رھنديون ۽ نڪي پاڻ ۾ پُڇا ڳاڇا ڪندا.
277523102فمن ثقلت موازينه فأولئك هم المفلحون
پوءِ جنھن (جي نيڪيءَ) جو تراڙو ڳرو ٿيو سي ئي ڇُٽل آھن.
277623103ومن خفت موازينه فأولئك الذين خسروا أنفسهم في جهنم خالدون
۽ جنھن جو تراڙو ھلڪو ٿيو سي اُھي آھن جن پاڻ کي ڇيئو لاتو (اُھي) دوزخ ۾ سدائين رھندڙ آھن.
277723104تلفح وجوههم النار وهم فيها كالحون
سندن مُنھن کي باھ ساڙيندي ۽ اُھي منجھس بد شڪلا ٿيندا.
277823105ألم تكن آياتي تتلى عليكم فكنتم بها تكذبون
(چيو ويندن ته) منھنجون آيتون اوھان کي نه پڙھي ٻڌائبيون ھيون ڇا؟ پوءِ اوھين انھن کي ڪوڙو ڀائيندا ھيؤ؟
277923106قالوا ربنا غلبت علينا شقوتنا وكنا قوما ضالين
چوندا ته اي اسان جا پالڻھار اسان جي بدبختي اسان تي غالب ٿي وئي ۽ گمراھ قوم ھياسون.
278023107ربنا أخرجنا منها فإن عدنا فإنا ظالمون
چوندا ته اي اسان جا پالڻھار ھتان اسان کي ٻاھر ڪڍ پوءِ جيڪڏھن موٽي (ڪفر) ڪريون ته بيشڪ اسين ظالم ٿيون.


0 ... 267 268 269 270 271 272 273 274 275 276 278 279 280 281 282 283 284 285 286 ... 623

إنتاج هذه المادة أخد: 0.02 ثانية


المغرب.كووم © ٢٠٠٩ - ١٤٣٠ © الحـمـد لله الـذي سـخـر لـنا هـذا :: وقف لله تعالى وصدقة جارية

2046255141211620285310531518357347964796