نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
2770 | 23 | 97 | وقل رب أعوذ بك من همزات الشياطين |
| | | ۽ (اي پيغمبر) چؤ ته اي منھنجا پالڻھار شيطانن جي وسوسن کان تنھنجي پناھ گھران ٿو. |
|
2771 | 23 | 98 | وأعوذ بك رب أن يحضرون |
| | | ۽ اي منھنجا پالڻھار پاڻ وٽ انھن جي ويجھي ٿيڻ کان (به) تنھنجي پناھ وٺان ٿو. |
|
2772 | 23 | 99 | حتى إذا جاء أحدهم الموت قال رب ارجعون |
| | | (ڪافر پنھنجي ويسلائي ۾ ھوندا) تانجو جنھن مھل منجھانئن ڪنھن کي موت ايندو (تنھن مھل) چوندو ته اي منھنجا پالڻھار مون کي دنيا ۾ (ورائي) موٽاءِ. |
|
2773 | 23 | 100 | لعلي أعمل صالحا فيما تركت كلا إنها كلمة هو قائلها ومن ورائهم برزخ إلى يوم يبعثون |
| | | ته جيڪر جيڪي (اُتي) ڇڏيم ته آءٌ چڱا عمل ڪريان ائين (ڪڏھن ٿيڻو) نه آھي، بيشڪ اِھا ڳالھ آھي جا ھو چوندڙ آھي، ۽ سندن اڳيان ھڪ پردو (عالَم قبر) انھيءَ ڏينھن تائين رھندو (جنھن ڏينھن قيامت ۾) اُٿاريا ويندا. |
|
2774 | 23 | 101 | فإذا نفخ في الصور فلا أنساب بينهم يومئذ ولا يتساءلون |
| | | پوءِ جنھن مھل صور ۾ ڦوڪبو (تنھن مھل) اُن ڏينھن سندن وچ ۾ نه ذاتيون رھنديون ۽ نڪي پاڻ ۾ پُڇا ڳاڇا ڪندا. |
|
2775 | 23 | 102 | فمن ثقلت موازينه فأولئك هم المفلحون |
| | | پوءِ جنھن (جي نيڪيءَ) جو تراڙو ڳرو ٿيو سي ئي ڇُٽل آھن. |
|
2776 | 23 | 103 | ومن خفت موازينه فأولئك الذين خسروا أنفسهم في جهنم خالدون |
| | | ۽ جنھن جو تراڙو ھلڪو ٿيو سي اُھي آھن جن پاڻ کي ڇيئو لاتو (اُھي) دوزخ ۾ سدائين رھندڙ آھن. |
|
2777 | 23 | 104 | تلفح وجوههم النار وهم فيها كالحون |
| | | سندن مُنھن کي باھ ساڙيندي ۽ اُھي منجھس بد شڪلا ٿيندا. |
|
2778 | 23 | 105 | ألم تكن آياتي تتلى عليكم فكنتم بها تكذبون |
| | | (چيو ويندن ته) منھنجون آيتون اوھان کي نه پڙھي ٻڌائبيون ھيون ڇا؟ پوءِ اوھين انھن کي ڪوڙو ڀائيندا ھيؤ؟ |
|
2779 | 23 | 106 | قالوا ربنا غلبت علينا شقوتنا وكنا قوما ضالين |
| | | چوندا ته اي اسان جا پالڻھار اسان جي بدبختي اسان تي غالب ٿي وئي ۽ گمراھ قوم ھياسون. |
|