نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
2760 | 23 | 87 | سيقولون لله قل أفلا تتقون |
| | | سگھوئي چوندا ته (اھو سڀ) الله جو آھي، چؤ ته پوءِ ڇونه ڊڄندا آھيو؟ |
|
2761 | 23 | 88 | قل من بيده ملكوت كل شيء وهو يجير ولا يجار عليه إن كنتم تعلمون |
| | | (کين) چؤ ته (اُھو) ڪير آھي جنھنجي ھٿ ۾ سڀڪنھن شيء جي حڪومت آھي ۽ اُھو پناھ ڏيندو آھي ۽ اُن (جي عذاب) کان ڪنھن کي پناھ نه ڏيئي سگھبي آھي جيڪڏھن ڄاڻندا آھيو (ته ڏسيو). |
|
2762 | 23 | 89 | سيقولون لله قل فأنى تسحرون |
| | | سگھوئي چوندا ته (اھو سڀ) الله جي (ھٿ ۾) آھي، (کين) چؤ ته پوءِ اوھين ڪٿان ٺڳجو ٿا. |
|
2763 | 23 | 90 | بل أتيناهم بالحق وإنهم لكاذبون |
| | | بلڪ وٽن سچي (ڳالھ) آندي اٿئون ۽ بيشڪ اُھي ڪوڙا آھن. |
|
2764 | 23 | 91 | ما اتخذ الله من ولد وما كان معه من إله إذا لذهب كل إله بما خلق ولعلا بعضهم على بعض سبحان الله عما يصفون |
| | | الله نڪي (پاڻ لاءِ) پٽ ڪري ورتو آھي ۽ نڪي ساڻس ڪو (ٻيو) معبود آھي (جيڪڏھن ائين ھجي ھا) ته ھر ڪو معبود پنھنجي بڻائي کي وٺيو وڃي ھا ۽ اُھي ھڪ ٻئي تي ڏاڍ ڪن ھا، (ڪافر) جيڪي بيان ڪندا آھن تنھن کان الله پاڪ آھي. |
|
2765 | 23 | 92 | عالم الغيب والشهادة فتعالى عما يشركون |
| | | ڳجھ ۽ ظاھر جو ڄاڻندڙ آھي جنھن کي (اُن سان) شريڪ بڻائيندا آھن تنھن کان مٿاھون آھي. |
|
2766 | 23 | 93 | قل رب إما تريني ما يوعدون |
| | | (اي پيغمبر) چؤ ته اي منھنجا پالڻھار جيڪو انجام ڪرين ٿو سو جيڪر مون کي ڏيکارين. |
|
2767 | 23 | 94 | رب فلا تجعلني في القوم الظالمين |
| | | اي منھنجا پالڻھار مون کي ظالمن جي قوم ۾ (داخل) نه ڪر. |
|
2768 | 23 | 95 | وإنا على أن نريك ما نعدهم لقادرون |
| | | ۽ جيڪو کين انجام ڏيون ٿا تنھن جي توکي ڏيکارڻ تي بيشڪ اسين وسوارا آھيون. |
|
2769 | 23 | 96 | ادفع بالتي هي أحسن السيئة نحن أعلم بما يصفون |
| | | ڏاڍي چڱيءَ عادت سان مدائي کي ٽار، (ڪافر) جيڪي بيان ڪندا آھن سو اسين وڌيڪ ڄاڻندڙ آھيون. |
|