بسم الله الرحمن الرحيم

نتائج البحث: 6236
ترتيب الآيةرقم السورةرقم الآيةالاية
27562383لقد وعدنا نحن وآباؤنا هذا من قبل إن هذا إلا أساطير الأولين
بيشڪ اسان کي ۽ اسان جي ابن ڏاڏن کي ھن کان اڳ انھي (ڳالھ) جو انجام ڏنو ويو آھي اھي رڳو اڳين جا قصّا آھن.
27572384قل لمن الأرض ومن فيها إن كنتم تعلمون
چؤ ته جيڪڏھن اوھين ڄاڻندا آھيو ته زمين ۽ جيڪي منجھس آھي سو ڪنھن جو آھي؟
27582385سيقولون لله قل أفلا تذكرون
سگھوئي چوندا ته (اُھو سڀ) الله جو آھي، چؤ ته پوءِ ڇونه نصيحت وٺندا آھيو؟
27592386قل من رب السماوات السبع ورب العرش العظيم
(اي پيغمبر کين) چؤ ته ستن آسمانن جو پالڻھار ۽ وڏي عرش جو پالڻھار ڪير آھي؟
27602387سيقولون لله قل أفلا تتقون
سگھوئي چوندا ته (اھو سڀ) الله جو آھي، چؤ ته پوءِ ڇونه ڊڄندا آھيو؟
27612388قل من بيده ملكوت كل شيء وهو يجير ولا يجار عليه إن كنتم تعلمون
(کين) چؤ ته (اُھو) ڪير آھي جنھنجي ھٿ ۾ سڀڪنھن شيء جي حڪومت آھي ۽ اُھو پناھ ڏيندو آھي ۽ اُن (جي عذاب) کان ڪنھن کي پناھ نه ڏيئي سگھبي آھي جيڪڏھن ڄاڻندا آھيو (ته ڏسيو).
27622389سيقولون لله قل فأنى تسحرون
سگھوئي چوندا ته (اھو سڀ) الله جي (ھٿ ۾) آھي، (کين) چؤ ته پوءِ اوھين ڪٿان ٺڳجو ٿا.
27632390بل أتيناهم بالحق وإنهم لكاذبون
بلڪ وٽن سچي (ڳالھ) آندي اٿئون ۽ بيشڪ اُھي ڪوڙا آھن.
27642391ما اتخذ الله من ولد وما كان معه من إله إذا لذهب كل إله بما خلق ولعلا بعضهم على بعض سبحان الله عما يصفون
الله نڪي (پاڻ لاءِ) پٽ ڪري ورتو آھي ۽ نڪي ساڻس ڪو (ٻيو) معبود آھي (جيڪڏھن ائين ھجي ھا) ته ھر ڪو معبود پنھنجي بڻائي کي وٺيو وڃي ھا ۽ اُھي ھڪ ٻئي تي ڏاڍ ڪن ھا، (ڪافر) جيڪي بيان ڪندا آھن تنھن کان الله پاڪ آھي.
27652392عالم الغيب والشهادة فتعالى عما يشركون
ڳجھ ۽ ظاھر جو ڄاڻندڙ آھي جنھن کي (اُن سان) شريڪ بڻائيندا آھن تنھن کان مٿاھون آھي.


0 ... 265.5 266.5 267.5 268.5 269.5 270.5 271.5 272.5 273.5 274.5 276.5 277.5 278.5 279.5 280.5 281.5 282.5 283.5 284.5 ... 623

إنتاج هذه المادة أخد: 0.02 ثانية


المغرب.كووم © ٢٠٠٩ - ١٤٣٠ © الحـمـد لله الـذي سـخـر لـنا هـذا :: وقف لله تعالى وصدقة جارية

3445348441243479116192019012917493657