بسم الله الرحمن الرحيم

نتائج البحث: 6236
ترتيب الآيةرقم السورةرقم الآيةالاية
27532380وهو الذي يحيي ويميت وله اختلاف الليل والنهار أفلا تعقلون
۽ (الله) اُھو آھي جيڪو جياري ٿو ۽ ماري ٿو ۽ رات ۽ ڏينھن جو ڦير ڦار ڪرڻ ان جو (ڪم) آھي، پوءِ نه سمجھندا آھيو ڇا؟
27542381بل قالوا مثل ما قال الأولون
بلڪ جئن اڳين چيو ته تئين چوندا آھن.
27552382قالوا أإذا متنا وكنا ترابا وعظاما أإنا لمبعوثون
چون ٿا ته ھان جڏھن مرنداسون ۽ مٽي ۽ ھڏا ٿينداسون (تڏھن) وري جيئل ٿي اٿنداسون ڇا؟
27562383لقد وعدنا نحن وآباؤنا هذا من قبل إن هذا إلا أساطير الأولين
بيشڪ اسان کي ۽ اسان جي ابن ڏاڏن کي ھن کان اڳ انھي (ڳالھ) جو انجام ڏنو ويو آھي اھي رڳو اڳين جا قصّا آھن.
27572384قل لمن الأرض ومن فيها إن كنتم تعلمون
چؤ ته جيڪڏھن اوھين ڄاڻندا آھيو ته زمين ۽ جيڪي منجھس آھي سو ڪنھن جو آھي؟
27582385سيقولون لله قل أفلا تذكرون
سگھوئي چوندا ته (اُھو سڀ) الله جو آھي، چؤ ته پوءِ ڇونه نصيحت وٺندا آھيو؟
27592386قل من رب السماوات السبع ورب العرش العظيم
(اي پيغمبر کين) چؤ ته ستن آسمانن جو پالڻھار ۽ وڏي عرش جو پالڻھار ڪير آھي؟
27602387سيقولون لله قل أفلا تتقون
سگھوئي چوندا ته (اھو سڀ) الله جو آھي، چؤ ته پوءِ ڇونه ڊڄندا آھيو؟
27612388قل من بيده ملكوت كل شيء وهو يجير ولا يجار عليه إن كنتم تعلمون
(کين) چؤ ته (اُھو) ڪير آھي جنھنجي ھٿ ۾ سڀڪنھن شيء جي حڪومت آھي ۽ اُھو پناھ ڏيندو آھي ۽ اُن (جي عذاب) کان ڪنھن کي پناھ نه ڏيئي سگھبي آھي جيڪڏھن ڄاڻندا آھيو (ته ڏسيو).
27622389سيقولون لله قل فأنى تسحرون
سگھوئي چوندا ته (اھو سڀ) الله جي (ھٿ ۾) آھي، (کين) چؤ ته پوءِ اوھين ڪٿان ٺڳجو ٿا.


0 ... 265.2 266.2 267.2 268.2 269.2 270.2 271.2 272.2 273.2 274.2 276.2 277.2 278.2 279.2 280.2 281.2 282.2 283.2 284.2 ... 623

إنتاج هذه المادة أخد: 0.02 ثانية


المغرب.كووم © ٢٠٠٩ - ١٤٣٠ © الحـمـد لله الـذي سـخـر لـنا هـذا :: وقف لله تعالى وصدقة جارية

6131682257441634775029137191139338