بسم الله الرحمن الرحيم

نتائج البحث: 6236
ترتيب الآيةرقم السورةرقم الآيةالاية
27452372أم تسألهم خرجا فخراج ربك خير وهو خير الرازقين
يا کائن ڪو اُجورو گھرندو آھين ڇا؟ پوءِ تنھنجي پالڻھار جو اُجورو (ڏئڻ) ڀلو آھي، ۽ اُھو چڱو روزي ڏيندڙ آھي.
27462373وإنك لتدعوهم إلى صراط مستقيم
۽ بيشڪ تون سڌيءَ واٽ ڏانھن کين سڏيندو آھين.
27472374وإن الذين لا يؤمنون بالآخرة عن الصراط لناكبون
۽ بيشڪ جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن سي سڌي واٽ کان پاسيرا ٿيندڙ آھن.
27482375ولو رحمناهم وكشفنا ما بهم من ضر للجوا في طغيانهم يعمهون
۽ جيڪڏھن مٿن رحم ڪريون ھا ۽ جيڪو کين ڏک پُھتو سو لاھيون ھا ته (به) سدائين پنھنجيءَ گمراھيءَ ۾ حيران رھن ھا.
27492376ولقد أخذناهم بالعذاب فما استكانوا لربهم وما يتضرعون
۽ بيشڪ کين عذاب سان پڪڙيوسون پوءِ (به) پنھنجي پالڻھار جي اڳيان نه نِوڙيا ۽ نڪي عاجزي ڪيائون.
27502377حتى إذا فتحنا عليهم بابا ذا عذاب شديد إذا هم فيه مبلسون
(پنھنجي غفلت ۾ رھيا) تانجو جنھن مھل مٿن سخت عذاب وارو دروازو کوليوسون (تنھن مھل) اُتي جو اُتي اُنھي ۾ نا اُميد ٿيا.
27512378وهو الذي أنشأ لكم السمع والأبصار والأفئدة قليلا ما تشكرون
۽ (الله) اُھو آھي جنھن اوھان لاءِ ڪن ۽ اکيون ۽ دليون بڻايون، (پر اوھين تمام) ٿورو شڪر ڪندا آھيو.
27522379وهو الذي ذرأكم في الأرض وإليه تحشرون
۽ (الله) اُھو آھي جنھن اوھان کي زمين ۾ پيدا ڪيو ۽ ڏانھس وري گڏ ڪيا ويندؤ.
27532380وهو الذي يحيي ويميت وله اختلاف الليل والنهار أفلا تعقلون
۽ (الله) اُھو آھي جيڪو جياري ٿو ۽ ماري ٿو ۽ رات ۽ ڏينھن جو ڦير ڦار ڪرڻ ان جو (ڪم) آھي، پوءِ نه سمجھندا آھيو ڇا؟
27542381بل قالوا مثل ما قال الأولون
بلڪ جئن اڳين چيو ته تئين چوندا آھن.


0 ... 264.4 265.4 266.4 267.4 268.4 269.4 270.4 271.4 272.4 273.4 275.4 276.4 277.4 278.4 279.4 280.4 281.4 282.4 283.4 ... 623

إنتاج هذه المادة أخد: 0.04 ثانية


المغرب.كووم © ٢٠٠٩ - ١٤٣٠ © الحـمـد لله الـذي سـخـر لـنا هـذا :: وقف لله تعالى وصدقة جارية

223820312555434310305550414746754133919