نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
2743 | 23 | 70 | أم يقولون به جنة بل جاءهم بالحق وأكثرهم للحق كارهون |
| | | يا چوندا آھن ته کيس چريائي آھي، (نه!) بلڪ (پيغمبر) وٽن سچي ڳالھ آندي آھي ۽ منجھائن گھڻا سچ کي بُرو ڀائيندڙ آھن. |
|
2744 | 23 | 71 | ولو اتبع الحق أهواءهم لفسدت السماوات والأرض ومن فيهن بل أتيناهم بذكرهم فهم عن ذكرهم معرضون |
| | | ۽ جيڪڏھن الله سَندن سَڌن تي ھلي ھا ته آسمان ۽ زمين ۾ جيڪي منجھن آھي سي ويران ٿين ھا، (نه!) بلڪ سندين نصيحت وٽن آندي سون ۽ اُھي پنھنجيءَ نصيحت (ڪتاب) کان مُنھن موڙيندڙ آھن. |
|
2745 | 23 | 72 | أم تسألهم خرجا فخراج ربك خير وهو خير الرازقين |
| | | يا کائن ڪو اُجورو گھرندو آھين ڇا؟ پوءِ تنھنجي پالڻھار جو اُجورو (ڏئڻ) ڀلو آھي، ۽ اُھو چڱو روزي ڏيندڙ آھي. |
|
2746 | 23 | 73 | وإنك لتدعوهم إلى صراط مستقيم |
| | | ۽ بيشڪ تون سڌيءَ واٽ ڏانھن کين سڏيندو آھين. |
|
2747 | 23 | 74 | وإن الذين لا يؤمنون بالآخرة عن الصراط لناكبون |
| | | ۽ بيشڪ جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن سي سڌي واٽ کان پاسيرا ٿيندڙ آھن. |
|
2748 | 23 | 75 | ولو رحمناهم وكشفنا ما بهم من ضر للجوا في طغيانهم يعمهون |
| | | ۽ جيڪڏھن مٿن رحم ڪريون ھا ۽ جيڪو کين ڏک پُھتو سو لاھيون ھا ته (به) سدائين پنھنجيءَ گمراھيءَ ۾ حيران رھن ھا. |
|
2749 | 23 | 76 | ولقد أخذناهم بالعذاب فما استكانوا لربهم وما يتضرعون |
| | | ۽ بيشڪ کين عذاب سان پڪڙيوسون پوءِ (به) پنھنجي پالڻھار جي اڳيان نه نِوڙيا ۽ نڪي عاجزي ڪيائون. |
|
2750 | 23 | 77 | حتى إذا فتحنا عليهم بابا ذا عذاب شديد إذا هم فيه مبلسون |
| | | (پنھنجي غفلت ۾ رھيا) تانجو جنھن مھل مٿن سخت عذاب وارو دروازو کوليوسون (تنھن مھل) اُتي جو اُتي اُنھي ۾ نا اُميد ٿيا. |
|
2751 | 23 | 78 | وهو الذي أنشأ لكم السمع والأبصار والأفئدة قليلا ما تشكرون |
| | | ۽ (الله) اُھو آھي جنھن اوھان لاءِ ڪن ۽ اکيون ۽ دليون بڻايون، (پر اوھين تمام) ٿورو شڪر ڪندا آھيو. |
|
2752 | 23 | 79 | وهو الذي ذرأكم في الأرض وإليه تحشرون |
| | | ۽ (الله) اُھو آھي جنھن اوھان کي زمين ۾ پيدا ڪيو ۽ ڏانھس وري گڏ ڪيا ويندؤ. |
|