نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
2732 | 23 | 59 | والذين هم بربهم لا يشركون |
| | | ۽ اُھي جيڪي پنھنجي پالڻھار سان شريڪ مُقرّر نه ڪندا آھن. |
|
2733 | 23 | 60 | والذين يؤتون ما آتوا وقلوبهم وجلة أنهم إلى ربهم راجعون |
| | | ۽ اُھي جيڪي (اُھي) ڏيندا آھن جيڪي (سندس واٽ ۾) ڏيندا آھن ۽ سندن دليون انھي ڪري ڏڪنديون آھن ته اُھي پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽڻ وارا آھن. |
|
2734 | 23 | 61 | أولئك يسارعون في الخيرات وهم لها سابقون |
| | | اھي (ماڻھو) چڱاين ۾ تڪڙائي ڪندا آھن ۽ اُھي اُن لاءِ اڳرائي ڪندڙ آھن. |
|
2735 | 23 | 62 | ولا نكلف نفسا إلا وسعها ولدينا كتاب ينطق بالحق وهم لا يظلمون |
| | | ۽ (اسين) ڪنھن به جيءَ تي سندس طاقت کانسواءِ تڪليف نه ٿا رکون ۽ اسان وٽ ھڪ ڪتاب آھي جو سچ ڳالھائيندو آھي ۽ انھن تي ظلم نه ڪبو. |
|
2736 | 23 | 63 | بل قلوبهم في غمرة من هذا ولهم أعمال من دون ذلك هم لها عاملون |
| | | بلڪ سندن دليون انھن (ڳالھين) کان غفلت ۾ آھن ۽ ھن کانسواءِ انھن جا ٻيا ڪرتوت به آھن جي اُھي ڪندا آھن. |
|
2737 | 23 | 64 | حتى إذا أخذنا مترفيهم بالعذاب إذا هم يجأرون |
| | | تان جو منجھائن آسودن (ماڻھن) کي جڏھن عذاب سان پڪڙيوسون تڏھن دانھون ڪندا رھيا. |
|
2738 | 23 | 65 | لا تجأروا اليوم إنكم منا لا تنصرون |
| | | (چيوسون) ته اڄ دانھون نه ڪريو، ڇوته اسان کان اوھان کي مدد نه ملندي. |
|
2739 | 23 | 66 | قد كانت آياتي تتلى عليكم فكنتم على أعقابكم تنكصون |
| | | بيشڪ اوھان کي منھنجيون آيتون پڙھي ٻڌائبيون ھيون تڏھن اوھين پنھنجين کڙين (ڀرپوءِ) تي ڀڄندا ھُيؤ. |
|
2740 | 23 | 67 | مستكبرين به سامرا تهجرون |
| | | اُن (قرآن) کان وڏائي ڪندڙ (۽) آکاڻين ۾ مشغول ٿي (کيس) ڇڏيوَ ٿي. |
|
2741 | 23 | 68 | أفلم يدبروا القول أم جاءهم ما لم يأت آباءهم الأولين |
| | | ھن ڳالھ (قرآن) کي نه سوچيائون ڇا يا وٽن اھڙي شيء آئي آھي جا سندن اڳين پيءُ ڏاڏن وٽ نه آئي ھُئي؟ |
|