نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
2702 | 23 | 29 | وقل رب أنزلني منزلا مباركا وأنت خير المنزلين |
| | | ۽ چؤ ته اي منھنجا پالڻھار مون کي برڪت واري ھنڌ لاھ ۽ تون (سڀ کان) چڱو لاھيندڙ آھين. |
|
2703 | 23 | 30 | إن في ذلك لآيات وإن كنا لمبتلين |
| | | بيشڪ ھن (قِصّي) ۾ نشانيون آھن ۽ بيشڪ اسين پرکڻ وارا ھواسون. |
|
2704 | 23 | 31 | ثم أنشأنا من بعدهم قرنا آخرين |
| | | وري کانئن پوءِ ٻيو جُڳ پيدا ڪنداسون. |
|
2705 | 23 | 32 | فأرسلنا فيهم رسولا منهم أن اعبدوا الله ما لكم من إله غيره أفلا تتقون |
| | | پوءِ منجھن ھڪ پيغمبر اُنھن (جي قبيلي) مان موڪليوسون (تنھن چين) ته الله جي عبادت ڪريو اُن کانسواءِ اوھانجو ڪو معبود نه آھي، پوءِ ڇونه ڊڄندا آھيو؟ |
|
2706 | 23 | 33 | وقال الملأ من قومه الذين كفروا وكذبوا بلقاء الآخرة وأترفناهم في الحياة الدنيا ما هذا إلا بشر مثلكم يأكل مما تأكلون منه ويشرب مما تشربون |
| | | ۽ سندس قوم مان جن سردارن ڪفر ڪيو ۽ آخرت جي ملڻ کي ڪوڙ ڀانيو ۽ کين دنيا جي حياتيءَ ۾ آسودو به ڪيو ھوسون تن چيو ته ھيءُ (پيغمبر) رڳو اوھان جھڙو ماڻھو آھي (جو) جنھن (قسم) منجھان (اوھين) کائيندا آھيو تنھن مان (اُھو به) کائيندو آھي ۽ جنھن (قسم) منجھان اوھين پيئندا آھيو تنھن مان (اُھو به) پيئندو آھي. |
|
2707 | 23 | 34 | ولئن أطعتم بشرا مثلكم إنكم إذا لخاسرون |
| | | ۽ جيڪڏھن پاڻ جھڙي ماڻھوءَ جو چيو مڃيندؤ ته اوھين ان مھل ڇيئي وارا ٿيندؤ. |
|
2708 | 23 | 35 | أيعدكم أنكم إذا متم وكنتم ترابا وعظاما أنكم مخرجون |
| | | اوھان سان انجام ڪندو آھي ڇا ته جڏھن (اوھين) مرندؤ ۽ مٽي ۽ ھڏا ٿيندؤ (تڏھن) اوھين ٻاھر ڪڍبؤ؟ |
|
2709 | 23 | 36 | هيهات هيهات لما توعدون |
| | | جنھن جو اوھان کي انجام ڏجي ٿو سو (ٻڌڻ ۽ چوڻ کان) پري (بلڪل) پري آھي. |
|
2710 | 23 | 37 | إن هي إلا حياتنا الدنيا نموت ونحيا وما نحن بمبعوثين |
| | | اسان جي رڳي ھيءَ دنيا جي حياتي آھي (جنھن ۾) مرندا آھيون ۽ جيئندا آھيون ۽ اسين (وري جيئرا ٿي) اُٿڻ وارا نه آھيون. |
|
2711 | 23 | 38 | إن هو إلا رجل افترى على الله كذبا وما نحن له بمؤمنين |
| | | ھيءُ رڳو ھڪ ماڻھو آھي جنھن الله تي ڪوڙ ٻڌو آھي ۽ اسين کيس (ڪڏھن) مڃڻ وارا نه آھيون. |
|