نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
2682 | 23 | 9 | والذين هم على صلواتهم يحافظون |
| | | ۽ جيڪي پنھنجين نمازن جي نگاھ رکندا آھن. |
|
2683 | 23 | 10 | أولئك هم الوارثون |
| | | اِھي ئي اُھي وارث آھن. |
|
2684 | 23 | 11 | الذين يرثون الفردوس هم فيها خالدون |
| | | جيڪي نيٺ بھشت جا وارث ٿيندا، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن. |
|
2685 | 23 | 12 | ولقد خلقنا الإنسان من سلالة من طين |
| | | ۽ بيشڪ ماڻھوءَ کي مٽيءَ جي ست مان بڻايوسون. |
|
2686 | 23 | 13 | ثم جعلناه نطفة في قرار مكين |
| | | وري اُن کي نطفو ڪري مُحڪم جاءِ ۾ رکيوسون. |
|
2687 | 23 | 14 | ثم خلقنا النطفة علقة فخلقنا العلقة مضغة فخلقنا المضغة عظاما فكسونا العظام لحما ثم أنشأناه خلقا آخر فتبارك الله أحسن الخالقين |
| | | وري (اُن) نُطفي کي رت جو دڳ بڻايوسون وري (اُن) رت جي دڳ کي ٻوٽي بڻايوسون وري (اُن) ٻوٽي کي ھڏا بڻايوسون پوءِ (اُنھن) ھڏن کي گوشت پھرايوسون، وري اُن کي ٻي (نئين) بڻاوت بڻائي سون، پوءِ الله (وڏيءَ) برڪت وارو (سڀ کان) ڏاڍو چڱو خلقيندڙ آھي. |
|
2688 | 23 | 15 | ثم إنكم بعد ذلك لميتون |
| | | وري بيشڪ اوھين ان کانپوءِ ضرور مرندؤ. |
|
2689 | 23 | 16 | ثم إنكم يوم القيامة تبعثون |
| | | وري بيشڪ اوھين قيامت جي ڏينھن اُٿاربؤ. |
|
2690 | 23 | 17 | ولقد خلقنا فوقكم سبع طرائق وما كنا عن الخلق غافلين |
| | | ۽ بيشڪ اوھان جي مٿان ست آسمان بڻاياسون، ۽ بڻائڻ کان بي خبر نه ھواسون. |
|
2691 | 23 | 18 | وأنزلنا من السماء ماء بقدر فأسكناه في الأرض وإنا على ذهاب به لقادرون |
| | | ۽ آسمان کان پاڻي اندازي سان وسايوسون پوءِ اُن کي زمين ۾ رھايوسون، بيشڪ اسين اُن جي ورائي نيڻ تي وس وارا آھيون. |
|