نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
2672 | 22 | 77 | يا أيها الذين آمنوا اركعوا واسجدوا واعبدوا ربكم وافعلوا الخير لعلكم تفلحون |
| | | اي ايمان وارؤ رڪوع ڪريو ۽ سجدو ڪريو ۽ پنھنجي پالڻھار جي عبادت ڪريو ۽ چڱا ڪم ڪريو ته مانَ اوھين ڇُٽو. |
|
2673 | 22 | 78 | وجاهدوا في الله حق جهاده هو اجتباكم وما جعل عليكم في الدين من حرج ملة أبيكم إبراهيم هو سماكم المسلمين من قبل وفي هذا ليكون الرسول شهيدا عليكم وتكونوا شهداء على الناس فأقيموا الصلاة وآتوا الزكاة واعتصموا بالله هو مولاكم فنعم المولى ونعم النصير |
| | | ۽ الله (جي دين) ۾ اھڙو جھاد ڪريو جھڙو اُن جي جھاد جو حق آھي، اُنھيءَ اوھان کي پسند ڪيو ۽ اوھان تي دين ۾ ڪا اوکائي نه ڪيائين، اوھان جي پيءُ ابراھيم جو دين (اوھان جو دين ڪيائين)، الله اوھان جو نالو ھن کان اڳ ۽ ھن (قرآن) ۾ مسلمان ھن لاءِ رکيو آھي ته پيغمبر (ﷴ رسُول ﷺ) اوھان تي شاھد ھجي ۽ اوھين ماڻھن تي شاھد ھجو، پوءِ نماز پڙھو ۽ زڪوٰة ڏيو ۽ الله کي چنبڙي وٺو، (جو) اُھو اوھان جو سائين آھي، پوءِ چڱو سائين ۽ چڱو مددگار آھي. |
|
2674 | 23 | 1 | بسم الله الرحمن الرحيم قد أفلح المؤمنون |
| | | بيشڪ اُھي مؤمن ڇٽا. |
|
2675 | 23 | 2 | الذين هم في صلاتهم خاشعون |
| | | جيڪي پنھنجي نماز ۾ عاجزي ڪندڙ آھن. |
|
2676 | 23 | 3 | والذين هم عن اللغو معرضون |
| | | ۽ جيڪي اجائي ڳالھ کان منھن موڙيندڙ آھن. |
|
2677 | 23 | 4 | والذين هم للزكاة فاعلون |
| | | ۽ جي زڪوٰة ادا ڪندڙ آھن. |
|
2678 | 23 | 5 | والذين هم لفروجهم حافظون |
| | | ۽ جي پنھنجين اُگھڙن کي (زنا کان) بچائيندڙ آھن. |
|
2679 | 23 | 6 | إلا على أزواجهم أو ما ملكت أيمانهم فإنهم غير ملومين |
| | | رڳو پنھنجين زالن يا پنھنجين ٻانھين سا (گڏ ٿيندا آھن) پوءِ بيشڪ اُھي ملامت ڪيل نه آھن. |
|
2680 | 23 | 7 | فمن ابتغى وراء ذلك فأولئك هم العادون |
| | | پوءِ جيڪي اُنھن (پنھنجين زالن يا پنھنجين ٻانھين) کانسواءِ طلبيندا سي ئي حد کان لنگھندڙ آھن. |
|
2681 | 23 | 8 | والذين هم لأماناتهم وعهدهم راعون |
| | | ۽ جيڪي پنھنجين امانتن کي ۽ پنھنجي انجام کي سنڀاليندڙ آھن. |
|