نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
2646 | 22 | 51 | والذين سعوا في آياتنا معاجزين أولئك أصحاب الجحيم |
| | | ۽ جيڪي اسان جي آيتن جي جھڪي ڪرڻ ۾ ڊوڙيا سي دوزخي آھن. |
|
2647 | 22 | 52 | وما أرسلنا من قبلك من رسول ولا نبي إلا إذا تمنى ألقى الشيطان في أمنيته فينسخ الله ما يلقي الشيطان ثم يحكم الله آياته والله عليم حكيم |
| | | ۽ (اي پيغمبر) توکان اڳ نه ڪوئي پيغمبر ۽ نه ڪوئي نبي موڪليوسون پر جڏھن ڪا (انساني) آرزو ڪيائين تڏھن شيطان سندن آرزوءِ ۾ (حرڪت) وجھڻ لڳو، پوءِ جيڪو شيطان وڌو سو الله مٽائيندو رھيو وري الله پنھنجين آيتن کي مُحڪم ڪري ٿو، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي. |
|
2648 | 22 | 53 | ليجعل ما يلقي الشيطان فتنة للذين في قلوبهم مرض والقاسية قلوبهم وإن الظالمين لفي شقاق بعيد |
| | | ھن لاءِ ته شيطان جيڪا حرڪت وڌي تنھن سان انھن کي ڌار ڪري پرکي جن جي دلين ۾ بيماري آھي ۽ سندين دليون سخت آھن، ۽ بيشڪ ظالم وڏي ڦيٽي ۾ آھن. |
|
2649 | 22 | 54 | وليعلم الذين أوتوا العلم أنه الحق من ربك فيؤمنوا به فتخبت له قلوبهم وإن الله لهاد الذين آمنوا إلى صراط مستقيم |
| | | ۽ ته جن کي علم ڏنو ويو سي ڄاڻن ته اُھو تنھنجي پالڻھار وٽان سچ آھي پوءِ اُن تي ايمان آڻين ۽ سندن دليون الله لاءِ عاجزي ڪن، ۽ بيشڪ الله مؤمنن کي سڌي واٽ ڏانھن ضرور سڌو رستو ڏيکاريندو آھي. |
|
2650 | 22 | 55 | ولا يزال الذين كفروا في مرية منه حتى تأتيهم الساعة بغتة أو يأتيهم عذاب يوم عقيم |
| | | ۽ ڪافر اُنھيءَ (وحي) کان (ايسين) سدائين شڪ ۾ ھوندا جيسين اوچتو وٽن قيامت پھچي يا ندوري ڏينھن جو عذاب وٽن پھچي. |
|
2651 | 22 | 56 | الملك يومئذ لله يحكم بينهم فالذين آمنوا وعملوا الصالحات في جنات النعيم |
| | | اُنھيءَ ڏينھن الله جي بادشاھي آھي، (اُھو) سندن وچ ۾ نبيرو ڪندو، پوءِ جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيا سي نعمتن وارن باغن ۾ ھوندا. |
|
2652 | 22 | 57 | والذين كفروا وكذبوا بآياتنا فأولئك لهم عذاب مهين |
| | | ۽ جن انڪار ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڀانيو سي اُھي آھن جن لاءِ خواريءَ وارو عذاب آھي. |
|
2653 | 22 | 58 | والذين هاجروا في سبيل الله ثم قتلوا أو ماتوا ليرزقنهم الله رزقا حسنا وإن الله لهو خير الرازقين |
| | | ۽ جن الله جي واٽ ۾ ديس ڇڏيو وري ڪُسجي ويا يا مُئا تن کي الله چڱو رِزق ڏيندو، ۽ الله چڱو روزي ڏيندڙ آھي. |
|
2654 | 22 | 59 | ليدخلنهم مدخلا يرضونه وإن الله لعليم حليم |
| | | جو ھنڌ ھنن کي وڻندو تنھن ۾ ضرور کين داخل ڪندو، ۽ بيشڪ الله ضرور ڄاڻندڙ بُردبار آھي. |
|
2655 | 22 | 60 | ذلك ومن عاقب بمثل ما عوقب به ثم بغي عليه لينصرنه الله إن الله لعفو غفور |
| | | اِھو (حڪم) آھي، ۽ جيڪو جيترو ايذايو ويو اوترو ايذائي وري مٿس زيادتي ڪئي وڃي ته اُن (ايذايل) کي الله مدد ڏيندو، بيشڪ الله معافي ڏيندڙ بخشڻھار آھي. |
|