نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
2637 | 22 | 42 | وإن يكذبوك فقد كذبت قبلهم قوم نوح وعاد وثمود |
| | | ۽ (اي پيغمبر) جيڪڏھن توکي ڪوڙو ڀانئين ٿا ته بيشڪ کائن اڳ نوح جي قوم ۽ عادين ثمودين (پيغمبرن کي) ڪوڙ ڄاتو ھو. |
|
2638 | 22 | 43 | وقوم إبراهيم وقوم لوط |
| | | ۽ ابراھيم جي قوم ۽ لُوط جي قوم (به). |
|
2639 | 22 | 44 | وأصحاب مدين وكذب موسى فأمليت للكافرين ثم أخذتهم فكيف كان نكير |
| | | ۽ مَدۡيَن وارن (به پنھنجي پيغمبرن کي ڪُوڙو ڄاتو)، ۽ مُوسىٰ کي (به) ڪوڙو ڄاتو ويو پوءِ انھن ڪافرن کي ڍر ڏنم وري کين پڪڙيم، پوءِ منھنجي سزا ڪھڙي (نه سخت) ھُئي. |
|
2640 | 22 | 45 | فكأين من قرية أهلكناها وهي ظالمة فهي خاوية على عروشها وبئر معطلة وقصر مشيد |
| | | پوءِ ڪيترائي ڳوٺ آھن جن کي ناس ڪيوسون ۽ اُھي ظالم ھوا پوءِ اُھي پنھنجي ڇتن سميت ڊٺل آھن، ۽ گھڻا کُوھ اُجڙيل ۽ گھڻيون بلند ماڙيون سُڃيون پيون آھن. |
|
2641 | 22 | 46 | أفلم يسيروا في الأرض فتكون لهم قلوب يعقلون بها أو آذان يسمعون بها فإنها لا تعمى الأبصار ولكن تعمى القلوب التي في الصدور |
| | | پوءِ مُلڪ ۾ نه گھميا آھن ڇا؟ ته کين (اھڙيون) دليون ھجن جن سان اُھي سمجھن يا کين (اھڙا) ڪن ھجن جن سان ٻُڌن، بيشڪ ھي (حالت) آھي ته سندن اکيون انڌيون نه آھن پر دليون انڌيون اٿن جيڪي سندن سينن ۾ آھن. |
|
2642 | 22 | 47 | ويستعجلونك بالعذاب ولن يخلف الله وعده وإن يوما عند ربك كألف سنة مما تعدون |
| | | ۽ (اي پيغمبر) توکان عذاب جو جلد اچڻ گھرندا آھن ۽ الله پنھنجو انجام ڪڏھن اُبتڙ نه ڪندو، ۽ تنھنجي پالڻھار وٽ ھڪ ڏينھن اوھان جي ڳاڻيٽي جي ھزار ورھ جي برابر آھي. |
|
2643 | 22 | 48 | وكأين من قرية أمليت لها وهي ظالمة ثم أخذتها وإلي المصير |
| | | ۽ گھڻا ڳوٺ آھن جن کي مُھلت ڏنم ۽ اُھي ظالم ھوا وري کين پڪڙيم، ۽ مون ڏانھن موٽڻ آھي. |
|
2644 | 22 | 49 | قل يا أيها الناس إنما أنا لكم نذير مبين |
| | | (اي پيغمبر) چؤ ته اي ماڻھؤ آءٌ اوھان کي رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان. |
|
2645 | 22 | 50 | فالذين آمنوا وعملوا الصالحات لهم مغفرة ورزق كريم |
| | | پوءِ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ بخشش ۽ سڳوري روزي آھي. |
|
2646 | 22 | 51 | والذين سعوا في آياتنا معاجزين أولئك أصحاب الجحيم |
| | | ۽ جيڪي اسان جي آيتن جي جھڪي ڪرڻ ۾ ڊوڙيا سي دوزخي آھن. |
|