نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
2619 | 22 | 24 | وهدوا إلى الطيب من القول وهدوا إلى صراط الحميد |
| | | ۽ (دُنيا ۾) کين چڱي ڳالھ ڏانھن رستو ڏيکاريو ويو ھو، ۽ الله ساراھيل جي واٽ ڏانھن رستي لاتا ويا ھوا. |
|
2620 | 22 | 25 | إن الذين كفروا ويصدون عن سبيل الله والمسجد الحرام الذي جعلناه للناس سواء العاكف فيه والباد ومن يرد فيه بإلحاد بظلم نذقه من عذاب أليم |
| | | بيشڪ جن ڪفر ڪيو ۽ (ماڻھن کي) الله جي واٽ ۽ اُنھي تعظيم واريءَ مسجد کان جھليندا آھن جا ماڻھن لاءِ بڻائي سون جنھن ۾ شھري ۽ ٻھراڙيءَ وارا ھڪ جھڙا آھن، ۽ جيڪو منجھس ظلم سان زيادتيءَ جو ارادو ڪندو تنھن کي ڏکوئيندڙ عذاب چکائينداسون. |
|
2621 | 22 | 26 | وإذ بوأنا لإبراهيم مكان البيت أن لا تشرك بي شيئا وطهر بيتي للطائفين والقائمين والركع السجود |
| | | ۽ (ياد ڪر) جڏھن ابراھيم لاءِ بَيۡتُ الله جو ھنڌ مقرّر ڪيوسون، (۽ سمجھايوسون) ته مون سان ڪنھن کي شريڪ نه ڪر ۽ منھنجي گھر کي طواف ڪندڙن ۽ بيھندڙن ۽ رڪوع ڪندڙن (۽) سجدي ڪندڙن لاءِ پاڪ رک. |
|
2622 | 22 | 27 | وأذن في الناس بالحج يأتوك رجالا وعلى كل ضامر يأتين من كل فج عميق |
| | | ۽ ماڻھن ۾ حج جو پڙھو ڏي ته توڏانھن پيادا ۽ ڏٻرن اُٺن تي چڙھي ايندا جو ڏورين واٽن کان (ھِن لاءِ) ايندا. |
|
2623 | 22 | 28 | ليشهدوا منافع لهم ويذكروا اسم الله في أيام معلومات على ما رزقهم من بهيمة الأنعام فكلوا منها وأطعموا البائس الفقير |
| | | ته پنھنجي فائدي جي ھنڌ تي پھچن ۽ ڍورن مان جيڪا روزي کين الله ڏني تنھن تي ڄاڻايلن ڏينھن ۾ (ذبح مھل) الله جو نالو ياد ڪن، پوءِ انھن منجھان (پاڻ به) کائو ۽ عاجز فقير کي به کارايو. |
|
2624 | 22 | 29 | ثم ليقضوا تفثهم وليوفوا نذورهم وليطوفوا بالبيت العتيق |
| | | وري ڀلي ته پنھنجي (جسي جي) مَرُّ لاھين ۽ پنھنجيون مڃتائون پوريون ڪن ۽ ھن قديم گھر جو طواف ڪن. |
|
2625 | 22 | 30 | ذلك ومن يعظم حرمات الله فهو خير له عند ربه وأحلت لكم الأنعام إلا ما يتلى عليكم فاجتنبوا الرجس من الأوثان واجتنبوا قول الزور |
| | | اِھو (حُڪم) آھي، ۽ جيڪو الله جي عبادت جي رڪنن جو ادب ڪندو تنھن لاءِ اُھو سندن پالڻھار وٽ ڀلو آھي، ۽ جيڪي اوھان کي پڙھي ٻڌائبو تنھن کانسواءِ ٻيا ڍور اوھان تي حلال ڪيا ويا تنھنڪري بُتن جي پليتيءَ کان پاسو ڪريو ۽ ڪوڙي ڳالھ کان (به) پاسو ڪريو. |
|
2626 | 22 | 31 | حنفاء لله غير مشركين به ومن يشرك بالله فكأنما خر من السماء فتخطفه الطير أو تهوي به الريح في مكان سحيق |
| | | الله ڏانھن ھڪ طرفا ٿي (۽) ساڻس شريڪ مُقرّر ڪندڙ نه ٿي (پاسو ڪريو)، ۽ جيڪو الله سان شريڪ مقرّر ڪندو سو آسمان کان ڪِريو جنھن کي (مردار خور) پکي کڻي ويا يا کيس واءُ (اُڏائي) پري ھنڌ اُڇليو. |
|
2627 | 22 | 32 | ذلك ومن يعظم شعائر الله فإنها من تقوى القلوب |
| | | اِھو (حُڪم) آھي، ۽ جيڪو الله جي (عبادت جي) نشانين جو اَدب ڪري (۽ بُتن ۽ ڪوڙ کان پاڻ پَلي سو پرھيزگار آھي) ڇوته اِھو (ڪم) دلين جي پرھيزگاريءَ سان آھي. |
|
2628 | 22 | 33 | لكم فيها منافع إلى أجل مسمى ثم محلها إلى البيت العتيق |
| | | اوھان لاءِ انھن (ڍورن) ۾ گھڻا نفعا مقرّر مُدت تائين آھن وري قديم گھر ڏانھن (ڪسڻ لاءِ) پھچڻ جو ھنڌ اٿن. |
|