نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
2559 | 21 | 76 | ونوحا إذ نادى من قبل فاستجبنا له فنجيناه وأهله من الكرب العظيم |
| | | ۽ (اي پيغمبر) نوح (جي قصي) کي (ياد ڪر) جڏھن (اُنھن پيغمبرن کان) اڳ دُعا گھريائين تڏھن سندس دُعا قبول ڪئي سون پوءِ کيس ۽ سندس گھر وارن کي وڏي اوکائيءَ کان بچايو سون. |
|
2560 | 21 | 77 | ونصرناه من القوم الذين كذبوا بآياتنا إنهم كانوا قوم سوء فأغرقناهم أجمعين |
| | | ۽ کيس اھڙي قوم تي سوڀارو ڪيوسون جنھن اسان جي آيتن کي ڪوڙ ڀانيو، بيشڪ اُھي بڇڙي قوم ھوا تنھنڪري انھن مڙني کي ٻوڙيوسون. |
|
2561 | 21 | 78 | وداوود وسليمان إذ يحكمان في الحرث إذ نفشت فيه غنم القوم وكنا لحكمهم شاهدين |
| | | ۽ دائود ۽ سليمان (جي قصي) کي (ياد ڪر) جڏھن پوک بابت فيصلو ڪيائون جو ھڪ قوم جي ڌڻ رات جو منجھس ڀيل ڪئي ھئي، ۽ سندن حُڪم ڪرڻ وقت حاضر ھواسون. |
|
2562 | 21 | 79 | ففهمناها سليمان وكلا آتينا حكما وعلما وسخرنا مع داوود الجبال يسبحن والطير وكنا فاعلين |
| | | تڏھن اُھو سليمان کي سمجھايوسون، ۽ ھر ھڪ کي حڪمت ۽ علم ڏنوسون، ۽ دائود کي جبل ۽ پکي تابع ڪري ڏناسون جو (ساڻس) تسبيح چوندا ھوا، ۽ (اسين ايئن) ڪرڻ وارا ھواسون. |
|
2563 | 21 | 80 | وعلمناه صنعة لبوس لكم لتحصنكم من بأسكم فهل أنتم شاكرون |
| | | ۽ دائود کي اوھان لاءِ زرھ بڻائڻ ھن لاءِ سيکاري سون ته اوھان کي اوھان جي لڙائي (جي نقصان) کان بچائي، پوءِ اوھين ڪي شڪر ڪندڙ آھيو ڇا؟ |
|
2564 | 21 | 81 | ولسليمان الريح عاصفة تجري بأمره إلى الأرض التي باركنا فيها وكنا بكل شيء عالمين |
| | | ۽ سُليمان کي تِکو واءُ (تابع ڪري ڏنوسون) جو سندس حُڪم سان اھڙي زمين ڏانھن ھلندو ھو جنھن ۾ برڪت رکي سون، ۽ سڀڪنھن شيء کي ڄاڻندڙ آھيون. |
|
2565 | 21 | 82 | ومن الشياطين من يغوصون له ويعملون عملا دون ذلك وكنا لهم حافظين |
| | | ۽ ديوَن مان ڪي اھڙا (تابع ڪري ڏناسون) جي اُن لاءِ ٽٻندا ھوا ۽ اُن کانسواءِ ٻيو ڪم (به) ڪندا ھوا، ۽ سندن نگھبان ھواسون. |
|
2566 | 21 | 83 | وأيوب إذ نادى ربه أني مسني الضر وأنت أرحم الراحمين |
| | | ۽ (اي پيغمبر) ايوب (جي قصي) کي (ياد ڪر) جڏھن پنھنجي پالڻھار کي سڏيائين ته مون کي ڏُک پھتو آھي ۽ تون (سڀني) کان تمام ٻاجھارو آھين. |
|
2567 | 21 | 84 | فاستجبنا له فكشفنا ما به من ضر وآتيناه أهله ومثلهم معهم رحمة من عندنا وذكرى للعابدين |
| | | پوءِ سندس دُعا قبول ڪئي سون پوءِ جيڪو کيس ڏک پھتو ھو سو لاٿوسون ۽ سندس گھر وارا کيس (ورائي) ڏناسون ۽ اُنھن جھڙا ساڻن گڏ پنھنجي ٻاجھ وٽان (ڏناسون) ۽ (ته) عبادت ڪندڙن لاءِ يادگيري ھجي. |
|
2568 | 21 | 85 | وإسماعيل وإدريس وذا الكفل كل من الصابرين |
| | | ۽ اسماعيل ۽ ادريس ۽ ذوالڪفل کي (ياد ڪر)، ھر ھڪ صابرن مان ھو. |
|