نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
2534 | 21 | 51 | ولقد آتينا إبراهيم رشده من قبل وكنا به عالمين |
| | | ۽ بيشڪ ابراھيم کي اڳي سندس ھدايت ڏني سون ۽ کيس ڄاڻندڙ ھواسين. |
|
2535 | 21 | 52 | إذ قال لأبيه وقومه ما هذه التماثيل التي أنتم لها عاكفون |
| | | جڏھن پنھنجي پيءُ ۽ پنھنجي قوم کي چيائين ته ھي ڪھڙيون مورتون آھن جن تي اوھين ويھي عبادت ٿا ڪريو. |
|
2536 | 21 | 53 | قالوا وجدنا آباءنا لها عابدين |
| | | چيائين ته پنھنجا ابا ڏاڏا اُنھن جا پوڄيندڙ ڏٺاسون. |
|
2537 | 21 | 54 | قال لقد كنتم أنتم وآباؤكم في ضلال مبين |
| | | (ابراھيم) چيو ته بيشڪ اوھين پاڻ ۽ اوھان جا ابا ڏاڏا پڌريءَ گمراھيءَ ۾ آھيو. |
|
2538 | 21 | 55 | قالوا أجئتنا بالحق أم أنت من اللاعبين |
| | | چيائون اسان وٽ سچ آندو اٿئي يا تون راند ڪندڙن مان آھين؟ |
|
2539 | 21 | 56 | قال بل ربكم رب السماوات والأرض الذي فطرهن وأنا على ذلكم من الشاهدين |
| | | (ابراھيم) چيو ته بلڪ اوھان جو پالڻھار اُھوئي آسمانن ۽ زمين جو پالڻھار آھي جنھن اُھي بڻايا آھن، ۽ آءٌ اُن (ڳالھ) تي شاھدي ڏيندڙن مان آھيان. |
|
2540 | 21 | 57 | وتالله لأكيدن أصنامكم بعد أن تولوا مدبرين |
| | | ۽ الله جو قسم آھي ته اوھان جي پٺيري ٿي ڦرڻ کانپوءِ اوھان جي بتن جو ضرور ڪو حيلو ڪندس. |
|
2541 | 21 | 58 | فجعلهم جذاذا إلا كبيرا لهم لعلهم إليه يرجعون |
| | | پوءِ اُنھن کي سندن وڏي کانسواءِ ٽُڪر ٽُڪر ڪيائين ته مانَ اھي ڏانھس موٽن. |
|
2542 | 21 | 59 | قالوا من فعل هذا بآلهتنا إنه لمن الظالمين |
| | | چيائون ته اسان جي بُتن سان ڪنھن ھھڙو حال ڪيو؟ بيشڪ اُھو ظالمن مان آھي. |
|
2543 | 21 | 60 | قالوا سمعنا فتى يذكرهم يقال له إبراهيم |
| | | چيائون ته ھڪ جوان کان ٻڌوسون ته سندين گلا ٿي ڪيائين اُن کي ابراھيم سڏيندا آھن. |
|