نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
2454 | 20 | 106 | فيذرها قاعا صفصفا |
| | | پوءِ اُن ھنڌ کي صاف پٽ ڪري ڇڏيندو. |
|
2455 | 20 | 107 | لا ترى فيها عوجا ولا أمتا |
| | | منجھس نڪي ھيٺاھين ۽ نڪي مٿاھين ڏسندين. |
|
2456 | 20 | 108 | يومئذ يتبعون الداعي لا عوج له وخشعت الأصوات للرحمن فلا تسمع إلا همسا |
| | | اُن ڏينھن سڏيندڙ جي پوئتان لڳندا جنھن کي ڪا ڏنگائي نه ھوندي، ۽ سڀ آواز الله لاءِ جھڪا ٿيندا پوءِ ڀُڻڪ کانسواءِ ڪُجھ نه ٻڌندين. |
|
2457 | 20 | 109 | يومئذ لا تنفع الشفاعة إلا من أذن له الرحمن ورضي له قولا |
| | | جنھن کي الله موڪل ڏني ۽ اُن جي چوڻ کان راضي ٿيو تنھن کانسواءِ اُن ڏينھن ڪا سفارش فائدو نه ڏيندي. |
|
2458 | 20 | 110 | يعلم ما بين أيديهم وما خلفهم ولا يحيطون به علما |
| | | جيڪي سندن اڳيان ۽ جيڪي سندن پوئتان آھي سو (الله) ڄاڻندو آھي ۽ (ماڻھو) کيس علم ڪري نه ويڙھيندا. |
|
2459 | 20 | 111 | وعنت الوجوه للحي القيوم وقد خاب من حمل ظلما |
| | | ۽ سڀ مُنھن سدائين جيئري بيھڪ ڏيندڙ لاءِ عاجزي ڪندڙ آھن، ۽ جنھن ظلم (جو بار) کَنيو سو ڇيئي وارو ٿيو. |
|
2460 | 20 | 112 | ومن يعمل من الصالحات وهو مؤمن فلا يخاف ظلما ولا هضما |
| | | ۽ جيڪي چڱا ڪم ڪندو ۽ اُھو مؤمن (به) ھوندو سو نڪي ظلم کان ۽ نڪي نقصان کان ڊڄندو. |
|
2461 | 20 | 113 | وكذلك أنزلناه قرآنا عربيا وصرفنا فيه من الوعيد لعلهم يتقون أو يحدث لهم ذكرا |
| | | ۽ اھڙي طرح اِھو عربي قرآن لاٿوسون ۽ منجھس عذاب جو انجام طرحين طرحين بيان ڪيوسون ته مانَ اُھي ڊڄن يا (اُھو) اُنھن لاءِ نصيحت پيدا ڪري. |
|
2462 | 20 | 114 | فتعالى الله الملك الحق ولا تعجل بالقرآن من قبل أن يقضى إليك وحيه وقل رب زدني علما |
| | | پوءِ الله سچو بادشاھ مٿاھون آھي، ۽ قرآن (جي پڙھڻ) ۾ اُن کان اڳ جو توڏانھن ان جو لھڻ پورو ڪجي تڪڙ نه ڪر، ۽ چؤ ته اي منھنجا پالڻھار منھنجو علم وڌاءَ. |
|
2463 | 20 | 115 | ولقد عهدنا إلى آدم من قبل فنسي ولم نجد له عزما |
| | | ۽ بيشڪ آدم کي اڳ حُڪم ڪيوھوسون پوءِ وساريائين ۽ سندس ڪا پڪي نيت نه لڌي سون. |
|