نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
2440 | 20 | 92 | قال يا هارون ما منعك إذ رأيتهم ضلوا |
| | | (مُوسىٰ اچي) چيو ته اي ھارون توکي ڪنھن جھليو جڏھن کين گمراھ ٿيندو ڏٺئي. |
|
2441 | 20 | 93 | ألا تتبعن أفعصيت أمري |
| | | ته منھنجي پٺيان نه لڳين، منھنجي حُڪم جي نافرماني ڪيئي ڇا؟ |
|
2442 | 20 | 94 | قال يا ابن أم لا تأخذ بلحيتي ولا برأسي إني خشيت أن تقول فرقت بين بني إسرائيل ولم ترقب قولي |
| | | (ھارون) چيو ته اي ادا نڪي مون کي ڏاڙھيءَ کان وٺ ۽ نڪي منھنجي مٿي کان، آءٌ (ھن ڳالھ کان) ڊنس ته متان چوين ته يعقوب جي اولاد جي وچ ۾ جدائي وڌءِ ۽ منھنجي چوڻ جو انتظار نه ڪيئي. |
|
2443 | 20 | 95 | قال فما خطبك يا سامري |
| | | (موسى) چيو ته اي سامري تنھنجو ڇا حال آھي. |
|
2444 | 20 | 96 | قال بصرت بما لم يبصروا به فقبضت قبضة من أثر الرسول فنبذتها وكذلك سولت لي نفسي |
| | | چيائين ته اُھا (شيء) ڏٺم جا (ماڻھن) نه ڏٺي پوءِ اُن موڪيل جي پيرن جي (مٽيءَ جي) ھڪ مُٺ ڀريم پوءِ اُھا (گابي جي بوتي ۾) وڌم ۽ اھڙي طرح مُنھنجي نفس (اُھو) مون لاءِ سينگاريو. |
|
2445 | 20 | 97 | قال فاذهب فإن لك في الحياة أن تقول لا مساس وإن لك موعدا لن تخلفه وانظر إلى إلهك الذي ظلت عليه عاكفا لنحرقنه ثم لننسفنه في اليم نسفا |
| | | (موسى) چيو ته وڃ بيشڪ توکي حياتيءَ ۾ (ھيءَ سزا) آھي ته چوندو رھندين ته نه ڇُھو، ۽ تولاءِ بيشڪ (ٻيو به) انجام آھي جنھن جي توسان ابتڙائي نه ڪبي، ۽ پنھنجي معبود ڏانھن نھار جنھن تي تون مجاور ٿي ويٺو ھُئين، ته اُن کي ساڙينداسون وري اُن (جي ڪيريءَ) کي درياءَ ۾ کنڊائڻ وانگر کنڊائينداسين. |
|
2446 | 20 | 98 | إنما إلهكم الله الذي لا إله إلا هو وسع كل شيء علما |
| | | اوھان جو معبود الله ئي آھي انھيءَ کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق ڪونھي، سڀڪا شيء سندس علم ۾ سمائي آھي. |
|
2447 | 20 | 99 | كذلك نقص عليك من أنباء ما قد سبق وقد آتيناك من لدنا ذكرا |
| | | (اي پيغمبر) اھڙي طرح جيڪي گذري ويا تن جي خبرن مان توتي بيان ڪريون ٿا، ۽ پاڻ وٽان توکي نصيحت (يعني قرآن) ڏنوسون. |
|
2448 | 20 | 100 | من أعرض عنه فإنه يحمل يوم القيامة وزرا |
| | | جيڪو کانئس مُنھن موڙيندو سو قيامت جي ڏينھن (گناھن جو) بار کڻندو. |
|
2449 | 20 | 101 | خالدين فيه وساء لهم يوم القيامة حملا |
| | | منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، ۽ قيامت جي ڏينھن انھن کي بار کڻڻ بڇڙو آھي. |
|