نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
2421 | 20 | 73 | إنا آمنا بربنا ليغفر لنا خطايانا وما أكرهتنا عليه من السحر والله خير وأبقى |
| | | بيشڪ اسان پنھنجي پالڻھار تي ھن لاءِ ايمان آندو آھي ته اسان جون خطائون ۽ جنھن جادو ڪرڻ تي تو اسان کي زور ڪيو سو اسان کي بخشي، ۽ الله ڀلو ۽ سدائين رھڻ وارو آھي. |
|
2422 | 20 | 74 | إنه من يأت ربه مجرما فإن له جهنم لا يموت فيها ولا يحيى |
| | | سچ آھي ته جيڪو منھنجي پالڻھار وٽ ڏوھاري ٿي ايندو تنھن لاءِ بيشڪ دوزخ آھي، اُھو منجھس نڪي مرندو ۽ نڪي جيئندو. |
|
2423 | 20 | 75 | ومن يأته مؤمنا قد عمل الصالحات فأولئك لهم الدرجات العلى |
| | | ۽ جيڪي مؤمن ٿي وٽس چڱا ڪم ڪري ايندا سي اُھي آھن جن لاءِ وڏا مرتبا آھن. |
|
2424 | 20 | 76 | جنات عدن تجري من تحتها الأنهار خالدين فيها وذلك جزاء من تزكى |
| | | سدائين رھڻ جا باغ جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، ۽ جيڪو پاڪ ٿيو تنھنجو اِھو بدلو آھي. |
|
2425 | 20 | 77 | ولقد أوحينا إلى موسى أن أسر بعبادي فاضرب لهم طريقا في البحر يبسا لا تخاف دركا ولا تخشى |
| | | ۽ بيشڪ موسىٰ ڏانھن وحي ڪيوسون ته راتو واھ منھنجي ٻانھن سميت نڪر پوءِ سمنڊ ۾ انھن لاءِ سُڪي واٽ بڻاءِ (ويرين کان) پڪڙجڻ جي ڀَو نه ڪر ۽ نڪي (ٻُڏڻ کان) ڊڄ. |
|
2426 | 20 | 78 | فأتبعهم فرعون بجنوده فغشيهم من اليم ما غشيهم |
| | | پوءِ فرعون پنھنجي لشڪر سميت سندن پوئتان پيو پوءِ سمنڊ مان (پاڻيءَ جو اُھو ڪُنَّ) کين وري ويو جيڪو کين ورڻو ھو. |
|
2427 | 20 | 79 | وأضل فرعون قومه وما هدى |
| | | ۽ فرعون پنھنجي قوم کي گمراھ ڪيو ۽ سڌي رستي نه لاتو. |
|
2428 | 20 | 80 | يا بني إسرائيل قد أنجيناكم من عدوكم وواعدناكم جانب الطور الأيمن ونزلنا عليكم المن والسلوى |
| | | اي بني اسرائيلؤ بيشڪ اوھان کي اوھان جي ويريءَ کان بچايوسون ۽ طور (جبل) جي سڄي پاسي کان اوھان کي (توريت ڏئڻ جو) انجام ڪيوسون ۽ مَنّ ۽ سَلوىٰ اوھان تي لاٿاسون. |
|
2429 | 20 | 81 | كلوا من طيبات ما رزقناكم ولا تطغوا فيه فيحل عليكم غضبي ومن يحلل عليه غضبي فقد هوى |
| | | (۽ چيوسون ته) سٺين (شين) مان جيڪا اوھان جي روزي ڪئي سون سا کائو ۽ منجھس نافرماني نه ڪريو نه ته اوھان تي منھنجو ڏمر نازل ٿيندو، ۽ جنھن تي منھنجو ڏمر نازل ٿيو سو بيشڪ اُجڙيو. |
|
2430 | 20 | 82 | وإني لغفار لمن تاب وآمن وعمل صالحا ثم اهتدى |
| | | ۽ جنھن توبه ڪئي ۽ ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا وري سڌو رستو لڌائين تنھن کي بيشڪ آءٌ بخشيندڙ آھيان. |
|