بسم الله الرحمن الرحيم

نتائج البحث: 6236
ترتيب الآيةرقم السورةرقم الآيةالاية
2392232وإذا طلقتم النساء فبلغن أجلهن فلا تعضلوهن أن ينكحن أزواجهن إذا تراضوا بينهم بالمعروف ذلك يوعظ به من كان منكم يؤمن بالله واليوم الآخر ذلكم أزكى لكم وأطهر والله يعلم وأنتم لا تعلمون
۽ جڏھن زالن کي طلاق ڏيو پوءِ پنھنجي (عدت جي) مُدّت کي پھچن ته کين پنھنجن مُڙسن سان پرڻجڻ کان نه جھليو جڏھن ته پاڻ ۾ چڱيءَ ريت سان راضي ٿين، اِھو (حُڪم) آھي جيڪو اوھان مان الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃي تنھن کي اُن سان نصيحت ڏجي ٿي، اِھو (حُڪم) اوھان کي صاف ڪندڙ ۽ بلڪل پاڪ ڪندڙ آھي، ۽ الله ڄاڻندو آھي ۽ اوھين نه ڄاڻندا آھيو.
2402233والوالدات يرضعن أولادهن حولين كاملين لمن أراد أن يتم الرضاعة وعلى المولود له رزقهن وكسوتهن بالمعروف لا تكلف نفس إلا وسعها لا تضار والدة بولدها ولا مولود له بولده وعلى الوارث مثل ذلك فإن أرادا فصالا عن تراض منهما وتشاور فلا جناح عليهما وإن أردتم أن تسترضعوا أولادكم فلا جناح عليكم إذا سلمتم ما آتيتم بالمعروف واتقوا الله واعلموا أن الله بما تعملون بصير
۽ مائر پنھنجن ويائن کي پورا ٻه ورھيه ٿڃ پيارين (اِھو حُڪم) اُنھيءَ لاءِ آھي جيڪو ٿڃ پيارڻ جي مُدّت پُوري ڪرڻ گُھري، ۽ اُنھن (مائرن) جي خوراڪ ۽ اُنھن جي پوشاڪ ھليءَ چليءَ وانگر پيءُ تي آھي، ڪنھن کي سندس وس کان وڌيڪ تڪليف نه ٿي ڏجي، ماءُ کي وياءُ سببان تڪليف نه ٿي ڏجي ۽ نڪي پيءُ کي وياءُ سببان (تڪليف ڏجي)، ۽ وارث تي (به) اھڙو ئي (حق) آھي، پوءِ جيڪڏھن ٻئي پنھنجي رضامندي ۽ صَلاح سان (ٻار جي ٿڃ) ڇڏائڻ گھرن ته مٿن گناھ نه آھي، ۽ جيڪڏھن پنھنجي اولاد کي (ٻئي کان) کير پيارڻ گھرو ته جڏھن اوھان ھليءَ چليءَ وانگر (پياريندڙ کي) جيڪي ڏيڻو ڪيو سو پھچايو تڏھن اوھان تي ڪو گناھ نه آھي، ۽ الله کان ڊڄو ۽ ڄاڻو ته جيڪي اوھين ڪندا آھيو سو الله ڏسندڙ آھي.
2412234والذين يتوفون منكم ويذرون أزواجا يتربصن بأنفسهن أربعة أشهر وعشرا فإذا بلغن أجلهن فلا جناح عليكم فيما فعلن في أنفسهن بالمعروف والله بما تعملون خبير
۽ اوھان مان جيڪي مرن ۽ زالون ڇڏين ته اُھي (زالون) پاڻ کي چار مھينا ۽ ڏھ ڏينھن ترسائين، پوءِ جڏھن پنھنجيءَ (عدّت جي) مُدّت کي پُھچن تڏھن جيڪي ھليءَ چليءَ وانگر (يعني شرعي نڪاح) پنھنجي حق ۾ ڪن تنھن ۾ اوھان تي ڪو گناھ ڪونھي، ۽ جيڪي اوھين ڪندا آھيو تنھن جي الله خبر رکندڙ آھي.
2422235ولا جناح عليكم فيما عرضتم به من خطبة النساء أو أكننتم في أنفسكم علم الله أنكم ستذكرونهن ولكن لا تواعدوهن سرا إلا أن تقولوا قولا معروفا ولا تعزموا عقدة النكاح حتى يبلغ الكتاب أجله واعلموا أن الله يعلم ما في أنفسكم فاحذروه واعلموا أن الله غفور حليم
۽ زالن جي سڱ ڇڪائڻ بابت (عدت ۾) جيڪي آڇ ڪريو يا دلين ۾ لڪايو تنھن ۾ اوھان تي گناھ نه آھي، الله ڄاتو آھي اوھين اُنھن (زالن) کي سگھو ئي ياد ڪندؤ پر رواجيءَ طرح چئي چوڻ کانسواءِ کين ڳجھو انجام نه ڏيو، ۽ نڪي ايستائين نڪاح جي پڪي نيت ڪريو جيستائين عدت پنھنجيءَ مدت کي پھچي، ۽ ڄاڻو ته جيڪي اوھان جي دلين ۾ آھي سو الله ڄاڻندو آھي تنھنڪري کانئس ڊڄو، ۽ ڄاڻو ته الله بخشڻھار بُردبار آھي.
2432236لا جناح عليكم إن طلقتم النساء ما لم تمسوهن أو تفرضوا لهن فريضة ومتعوهن على الموسع قدره وعلى المقتر قدره متاعا بالمعروف حقا على المحسنين
جيڪڏھن زالن کي (اُنھيءَ وقت) طلاق ڏيو جڏھن اڃا کين ھٿ نه لاتو اَٿوَ يا اُنھن لاءِ ڪابين مُقرر نه ڪيو اَٿوَ ته اوھان تي گناھ ڪونھي، ۽ کين نفعي وٺڻ لاءِ ھليءَ چليءَ وانگر جورو ڏيو، آسودي تي پنھنجي وس آھر ۽ سڃي تي پنھنجي وس آھر آھي، (اِھو ڪم) ڀلارن تي لازم آھي.
2442237وإن طلقتموهن من قبل أن تمسوهن وقد فرضتم لهن فريضة فنصف ما فرضتم إلا أن يعفون أو يعفو الذي بيده عقدة النكاح وأن تعفوا أقرب للتقوى ولا تنسوا الفضل بينكم إن الله بما تعملون بصير
۽ جيڪڏھن کين ھٿ لائڻ کان اڳ ھن حالت ۾ انھن کي طلاق ڏيو جو ڪابين مُقرّر ڪيو اٿو تنھن جو اَڌ (ڏيڻ لازم آھي) پر جي (زالون) بخشين يا جنھن جي ھٿ ۾ نڪاح جي ڳنڍ آھي (يعني مڙس) سو بخشي (يعني پورو ڏي)، ۽ اوھان جو بخشڻ پرھيزگاريءَ کي ڏاڍو ويجھو آھي، ۽ اوھين پاڻ ۾ نيڪيءَ کي نه وساريو، ڇوته جيڪي ڪندا آھيو سو الله ڏسندڙ آھي.
2452238حافظوا على الصلوات والصلاة الوسطى وقوموا لله قانتين
سڀني نمازن تي ۽ (خصوصاً) وچين نماز تي نگھباني ڪريو، ۽ الله لاءِ فرمانبردار ٿي بيھو.
2462239فإن خفتم فرجالا أو ركبانا فإذا أمنتم فاذكروا الله كما علمكم ما لم تكونوا تعلمون
پوءِ جيڪڏھن دشمنن کان ڊڄو ته پيادا ٿي يا سوار ٿي (اشارن سان نماز پڙھو)، پوءِ جڏھن بي ڀَوَا ٿيو تڏھن جئن اوھان کي (نماز جا ارڪان) جي نه ڄاڻندا ھيؤ سيکاريائين تئن (سڀني رڪنن جي بجا آوريءَ سان) الله کي ياد ڪريو.
2472240والذين يتوفون منكم ويذرون أزواجا وصية لأزواجهم متاعا إلى الحول غير إخراج فإن خرجن فلا جناح عليكم في ما فعلن في أنفسهن من معروف والله عزيز حكيم
۽ اوھان مان جيڪي مرن ۽ زالون ڇڏين، تن کي ھڪ ورھيه تائين پنھنجين زالن لاءِ (کين) فائدي ڏيڻ (۽) نه لوڌڻ جي وصيّت ڪرڻ لازم آھي، پوءِ جيڪڏھن (اُھي) نڪرن ته جيڪي پنھنجي حق ۾ (شريعت جي) دستور مُوجب ڪن تنھن ۾ اوھان تي گُناھ نه آھي، ۽ الله غالب حِڪمت وارو آھي.
2482241وللمطلقات متاع بالمعروف حقا على المتقين
۽ طلاق ڏنلن لاءِ ھليءَ چليءَ وانگر پرھيزگارن تي خرچ لازم آھي.


0 ... 13.8 14.8 15.8 16.8 17.8 18.8 19.8 20.8 21.8 22.8 24.8 25.8 26.8 27.8 28.8 29.8 30.8 31.8 32.8 ... 623

إنتاج هذه المادة أخد: 0.02 ثانية


المغرب.كووم © ٢٠٠٩ - ١٤٣٠ © الحـمـد لله الـذي سـخـر لـنا هـذا :: وقف لله تعالى وصدقة جارية

430165242720603282795490487254381661