نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
2361 | 20 | 13 | وأنا اخترتك فاستمع لما يوحى |
| | | ۽ مون توکي پسند ڪيو آھي تنھنڪري جيڪي وحي ڪجي سو ٻُڌ. |
|
2362 | 20 | 14 | إنني أنا الله لا إله إلا أنا فاعبدني وأقم الصلاة لذكري |
| | | سچ پچ آءٌ الله آھيان مون کان سواءِ (ٻيو ڪو) معبود نه آھي تنھنڪري منھنجي عبادت ڪر ۽ منھنجي ياد ڪرڻ لاءِ نماز قائم ڪر. |
|
2363 | 20 | 15 | إن الساعة آتية أكاد أخفيها لتجزى كل نفس بما تسعى |
| | | بيشڪ قيامت اچڻي آھي اُن (جي وقت جي اچڻ) کي ھِن ڪري ڳجھو ڪريان ٿو ته سڀڪنھن جيءَ کي سندس ڪوشش جو بدلو ڏجي. |
|
2364 | 20 | 16 | فلا يصدنك عنها من لا يؤمن بها واتبع هواه فتردى |
| | | جيڪو اُن کي نه مڃيندو آھي ۽ پنھنجن سَڌن جي پٺيان لڳو آھي سو توکي اُن (جي وسھڻ) کان متان ڦيرائي نه ته ھلاڪ ٿيندين. |
|
2365 | 20 | 17 | وما تلك بيمينك يا موسى |
| | | ۽ اي مُوسىٰ اِھا تنھنجي سڄي ھٿ ۾ ڇا آھي؟ |
|
2366 | 20 | 18 | قال هي عصاي أتوكأ عليها وأهش بها على غنمي ولي فيها مآرب أخرى |
| | | چيائين ته ھيءَ منھنجي لٺ آھي، مٿس ٽيڪ ڏيندو آھيان ۽ اُن سان پنھنجين ٻڪرين تي (وڻ جا) پن ڇاڻيندو آھيان ۽ منجھس مون لاءِ ٻيا (به) فائدا آھن. |
|
2367 | 20 | 19 | قال ألقها يا موسى |
| | | (الله) فرمايو ته اي مُوسىٰ اُھا اُڇلي ڇڏ. |
|
2368 | 20 | 20 | فألقاها فإذا هي حية تسعى |
| | | پوءِ اُھا اُڇليائين ته اُھا انھي مھل ڊوڙندڙ واسينگ نانگ ٿي پئي. |
|
2369 | 20 | 21 | قال خذها ولا تخف سنعيدها سيرتها الأولى |
| | | (الله) فرمايو ته اُنھيءَ کي وٺ ۽ نه ڊڄ، اُنھيءَ کي سندس پھرين شڪل ۾ موٽائينداسون. |
|
2370 | 20 | 22 | واضمم يدك إلى جناحك تخرج بيضاء من غير سوء آية أخرى |
| | | ۽ پنھنجو ھٿ پنھنجي بغل تي رک ته بي عيبو اڇو ٿي نڪري اِھا ٻي نشاني (ھن لاءِ) آھي. |
|