نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
2347 | 19 | 97 | فإنما يسرناه بلسانك لتبشر به المتقين وتنذر به قوما لدا |
| | | پوءِ اُھو (قرآن) تنھنجي زبان تي رڳو ھن لاءِ آسان ڪيوسون ته (تون) ساڻس پرھيزگارن کي خوشخبري ڏئين ۽ ان سان جھيڙا گر قوم کي ڊيڄارين. |
|
2348 | 19 | 98 | وكم أهلكنا قبلهم من قرن هل تحس منهم من أحد أو تسمع لهم ركزا |
| | | ۽ کانئن اڳ گھڻا جُڳ ناس ڪياسون، منجائن ڪنھن ھڪ جو پتو لھين ٿو ڇا يا سندس ڀڻڪ ٻڌين ٿو ڇا؟ |
|
2349 | 20 | 1 | بسم الله الرحمن الرحيم طه |
| | | طٰہٰ. |
|
2350 | 20 | 2 | ما أنزلنا عليك القرآن لتشقى |
| | | توتي قرآن ھن لاءِ نه لاٿوسون ته تون اؤکو ٿئين. |
|
2351 | 20 | 3 | إلا تذكرة لمن يخشى |
| | | پر جيڪو ڊڄي تنھن جي نصيحت ڏيڻ لاءِ (لاٿوسون). |
|
2352 | 20 | 4 | تنزيلا ممن خلق الأرض والسماوات العلى |
| | | اُنھي (جي طرف) کان لھڻ وارو آھي جنھن زمين ۽ مٿاھن آسمانن کي بڻايو آھي. |
|
2353 | 20 | 5 | الرحمن على العرش استوى |
| | | (اُھو) ٻاجھارو عرش تي قائم آھي. |
|
2354 | 20 | 6 | له ما في السماوات وما في الأرض وما بينهما وما تحت الثرى |
| | | جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي ۽ جيڪي ٻنھي جي وچ ۾ آھي ۽ جيڪي زمين جي تري ھيٺان آھي سو اُن جو آھي. |
|
2355 | 20 | 7 | وإن تجهر بالقول فإنه يعلم السر وأخفى |
| | | ۽ جيڪڏھن (تون) ڏاڍيان ڳالھائين ته بيشڪ اُھو ڳُجھ ۽ پڌرو ڄاڻندڙ آھي. |
|
2356 | 20 | 8 | الله لا إله إلا هو له الأسماء الحسنى |
| | | الله (اُھو آھي جو) اُن کانسواءِ ٻيو ڪو معبود نه آھي، اُن جا چڱا نالا آھن. |
|