نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
2298 | 19 | 48 | وأعتزلكم وما تدعون من دون الله وأدعو ربي عسى ألا أكون بدعاء ربي شقيا |
| | | ۽ الله کانسواءِ جن کي سڏيندا آھيو تن کان ۽ اوھان کان پاسو ڪريان ٿو ۽ پنھنجي پالڻھار جي عبادت ڪندس، اُميد آھي پنھنجي پالڻھار جي عبادت ڪرڻ کان بدبخت نه ٿيندس. |
|
2299 | 19 | 49 | فلما اعتزلهم وما يعبدون من دون الله وهبنا له إسحاق ويعقوب وكلا جعلنا نبيا |
| | | پوءِ جڏھن کانئن ۽ الله کانسواءِ پوڄيندا ھوا تن کان پاسو ڪيائين (تڏھن) کيس اسحاق ۽ يعقوب عطا ڪيوسين، ۽ ھر ھڪ کي پيغمبر ڪيوسون. |
|
2300 | 19 | 50 | ووهبنا لهم من رحمتنا وجعلنا لهم لسان صدق عليا |
| | | ۽ کين پنھنجي ٻاجھ مان (گھڻيون شيون) عطا ڪيوسون ۽ انھن جي چڱي يادگيري بلند ڪئي سون. |
|
2301 | 19 | 51 | واذكر في الكتاب موسى إنه كان مخلصا وكان رسولا نبيا |
| | | ۽ ڪتاب ۾ موسىٰ (جو قصو) ياد ڪر، بيشڪ اُھو چونڊيل ھو ۽ پيغمبر نبي ھو. |
|
2302 | 19 | 52 | وناديناه من جانب الطور الأيمن وقربناه نجيا |
| | | ۽ طور (جبل) جي سڄي ڀر کان کيس سڏيوسون ۽ ھمراز ٿيڻ لاءِ کيس ويجھو ڪيوسون. |
|
2303 | 19 | 53 | ووهبنا له من رحمتنا أخاه هارون نبيا |
| | | ۽ پنھنجي ٻاجھ سان سندس ڀاءُ ھوارون پيغمبر ڪري کيس عطا ڪيوسون. |
|
2304 | 19 | 54 | واذكر في الكتاب إسماعيل إنه كان صادق الوعد وكان رسولا نبيا |
| | | ۽ ڪتاب ۾ اسماعيل (جو قصّو) ياد ڪر، بيشڪ اُھو انجام جو پورو ۽ پيغمبر نبي ھو. |
|
2305 | 19 | 55 | وكان يأمر أهله بالصلاة والزكاة وكان عند ربه مرضيا |
| | | ۽ پنھنجي گھر وارن کي نماز ۽ زڪوٰة جو حُڪم ڪندو ھو، ۽ پنھنجي پالڻھار وٽ پسند ھو. |
|
2306 | 19 | 56 | واذكر في الكتاب إدريس إنه كان صديقا نبيا |
| | | ۽ ڪتاب ۾ ادريس (جو قصّو) ياد ڪر، بيشڪ اُھو سچو پيغمبر ھو. |
|
2307 | 19 | 57 | ورفعناه مكانا عليا |
| | | ۽ وڏي مرتبي ڪري سندس مانُ مٿاھون ڪيوسون. |
|