نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
2291 | 19 | 41 | واذكر في الكتاب إبراهيم إنه كان صديقا نبيا |
| | | ۽ ابراھيم (جو قصو) ڪتاب ۾ ياد ڪر، بيشڪ اُھو سچو پيغمبر ھو. |
|
2292 | 19 | 42 | إذ قال لأبيه يا أبت لم تعبد ما لا يسمع ولا يبصر ولا يغني عنك شيئا |
| | | جڏھن پنھنجي پيءُ کي چيائين ته اي ابا جيڪو نڪي ڏسي ۽ نڪي توکان ڪجھ ٽاري تنھنجي پوڄا ڇو ڪندو آھين؟ |
|
2293 | 19 | 43 | يا أبت إني قد جاءني من العلم ما لم يأتك فاتبعني أهدك صراطا سويا |
| | | اي ابا بيشڪ (الله جي پار کان) مون وٽ سمجھ آئي آھي جا تو وٽ نه آئي آھي تنھنڪري منھنجي تابعداري ڪر ته توکي سڌو رستو ڏيکاريان. |
|
2294 | 19 | 44 | يا أبت لا تعبد الشيطان إن الشيطان كان للرحمن عصيا |
| | | اي ابا شيطان کي نه پوڄ، ڇوته شيطان الله جو نافرمان آھي. |
|
2295 | 19 | 45 | يا أبت إني أخاف أن يمسك عذاب من الرحمن فتكون للشيطان وليا |
| | | اي ابا آءٌ توتي الله جي عذاب پھچڻ کان ڊڄان ٿو متان شيطان جي سنگتي ٿئين. |
|
2296 | 19 | 46 | قال أراغب أنت عن آلهتي يا إبراهيم لئن لم تنته لأرجمنك واهجرني مليا |
| | | (پڻس) چيو ته اي ابراھيم تون منھنجي معبودن کان ڦرڻ وارو آھين ڇا؟ جيڪڏھن نه روڪبين ته توکي ضرور پٿرن سان ماريندس ۽ گھڻي مدت مون کان پاسي ٿيءُ. |
|
2297 | 19 | 47 | قال سلام عليك سأستغفر لك ربي إنه كان بي حفيا |
| | | (ابراھيم) چيو ته توتي سلام ھجي، آءٌ تولاءِ پنھنجي پالڻھار کان بخشش گھرندس ڇوته اُھو مون تي مھربان آھي. |
|
2298 | 19 | 48 | وأعتزلكم وما تدعون من دون الله وأدعو ربي عسى ألا أكون بدعاء ربي شقيا |
| | | ۽ الله کانسواءِ جن کي سڏيندا آھيو تن کان ۽ اوھان کان پاسو ڪريان ٿو ۽ پنھنجي پالڻھار جي عبادت ڪندس، اُميد آھي پنھنجي پالڻھار جي عبادت ڪرڻ کان بدبخت نه ٿيندس. |
|
2299 | 19 | 49 | فلما اعتزلهم وما يعبدون من دون الله وهبنا له إسحاق ويعقوب وكلا جعلنا نبيا |
| | | پوءِ جڏھن کانئن ۽ الله کانسواءِ پوڄيندا ھوا تن کان پاسو ڪيائين (تڏھن) کيس اسحاق ۽ يعقوب عطا ڪيوسين، ۽ ھر ھڪ کي پيغمبر ڪيوسون. |
|
2300 | 19 | 50 | ووهبنا لهم من رحمتنا وجعلنا لهم لسان صدق عليا |
| | | ۽ کين پنھنجي ٻاجھ مان (گھڻيون شيون) عطا ڪيوسون ۽ انھن جي چڱي يادگيري بلند ڪئي سون. |
|