بسم الله الرحمن الرحيم

نتائج البحث: 6236
ترتيب الآيةرقم السورةرقم الآيةالاية
2302223نساؤكم حرث لكم فأتوا حرثكم أنى شئتم وقدموا لأنفسكم واتقوا الله واعلموا أنكم ملاقوه وبشر المؤمنين
اوھان جو زالون اوھان لاءِ پوک آھن، پوءِ پنھنجيءَ پوک ڏانھن جئن وڻيوَ تئن اچو، ۽ پاڻ لاءِ (چڱا ڪم) اڳي موڪليو، ۽ الله کان ڊڄو ۽ ڄاڻو ته اوھين ساڻس ملاقي ٿيندڙ آھيو، ۽ مُؤمنن کي خوشخبري ڏي.
2312224ولا تجعلوا الله عرضة لأيمانكم أن تبروا وتتقوا وتصلحوا بين الناس والله سميع عليم
۽ اوھين پنھنجن قسمن لاءِ چڱائي ڪرڻ ۽ پرھيزگاري ڪرڻ ۽ ماڻھن جي وچ ۾ صُلح ڪرائڻ کان (پاسو ڪرڻ واسطي) الله جو اِسم پيش نه ڪريو، ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.
2322225لا يؤاخذكم الله باللغو في أيمانكم ولكن يؤاخذكم بما كسبت قلوبكم والله غفور حليم
الله اوھان کي اوھان جي اجاين قسمن کڻڻ ۾ نه وٺندو آھي پر اوھان جي دلين جيڪا نيت ڪئي آھي تنھن تي پڪڙيندو آھي، ۽ الله بخشڻھار بُردبار آھي.
2332226للذين يؤلون من نسائهم تربص أربعة أشهر فإن فاءوا فإن الله غفور رحيم
جيڪي پنھنجي زالن (جي صُحبت) کان قسم کڻن تن کي چار مھينا ترسڻو آھي، پوءِ جيڪڏھن (اُنھن ڏانھن اُن وقت ۾) موٽيا ته (ڀلي موٽن) ڇوته الله بخشڻھار مھربان آھي.
2342227وإن عزموا الطلاق فإن الله سميع عليم
۽ جيڪڏھن طلاق جو پڪو ارادو ڪيائون (ته ڀلي ڪن) ڇوته الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.
2352228والمطلقات يتربصن بأنفسهن ثلاثة قروء ولا يحل لهن أن يكتمن ما خلق الله في أرحامهن إن كن يؤمن بالله واليوم الآخر وبعولتهن أحق بردهن في ذلك إن أرادوا إصلاحا ولهن مثل الذي عليهن بالمعروف وللرجال عليهن درجة والله عزيز حكيم
۽ طلاق ڏنلون زالون پاڻ کي (ٻئي نڪاح ڪرڻ کان) ٽي حيض جھلين، ۽ جيڪڏھن الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃينديون آھن ته الله سندن ڳڀيرڻن ۾ جيڪي (ٻار يا حيض) پيدا ڪيو آھي سو کين لڪائڻ روا نه آھي، ۽ اِن (مدت) ۾ سندن مڙس جيڪڏھن سڌارو گھرن ته سندن موٽائڻ جا وڌيڪ حقدار آھن، ۽ جھڙا (مُڙس جا حق) اُنھن (زالن) تي آھن تھڙا اُنھن (زالن) جا (حق مڙسن تي) چڱيءَ ريت سان آھن، مُڙسن کي مٿن وڏو مانُ (يعني حڪومت) آھي، ۽ الله غالب حڪمت وارو آھي.
2362229الطلاق مرتان فإمساك بمعروف أو تسريح بإحسان ولا يحل لكم أن تأخذوا مما آتيتموهن شيئا إلا أن يخافا ألا يقيما حدود الله فإن خفتم ألا يقيما حدود الله فلا جناح عليهما فيما افتدت به تلك حدود الله فلا تعتدوها ومن يتعد حدود الله فأولئك هم الظالمون
طلاق (رجعي پورا) ٻه ڀيرا آھي، پوءِ چڱيءَ طرح سان جھلڻ يا اِحسان سان ڇڏڻ (لازم) آھي، ۽ جيڪو کين ڏنو اَٿوَ تنھن مان ڪجھ (ورائي) وٺڻ اوھان کي ھن (حالت) کان سواءِ حلال نه آھي جو ٻئي الله جي حدن کي نه پوري ڪرڻ کان ڊڄن، پوءِ جيڪڏھن (اي مسلمانؤ) اوھين ڊڄو ته ٻئي الله جي حدن کي پورو ڪري نه سگھندا ته (زال) جيڪا شي عيوض ۾ ڏئي تنھن (جي ڏيڻ وٺڻ) ۾ ٻنھي تي گناھ نه آھي. اِھي الله جون حدون آھن اُنھن کان لنگھي نه وڃو، ۽ جيڪي الله جي حدن کان لنگھي ويندا سي ئي ظالم آھن.
2372230فإن طلقها فلا تحل له من بعد حتى تنكح زوجا غيره فإن طلقها فلا جناح عليهما أن يتراجعا إن ظنا أن يقيما حدود الله وتلك حدود الله يبينها لقوم يعلمون
پوءِ جيڪڏھن اُن کي (ٽين) طلاق (به) ڏنائين ته اُن کانپوءِ (اُھا زال) اُن کي (ايستائين) حلال نه ٿيندي جيستائين (اُھا) ٻيو مُڙس پرڻي، پوءِ جيڪڏھن (اُن به) کيس طلاق ڏني ته جيڪڏھن ٻئي (ڄڻا) الله جي حدن کي قائم رکي سگھڻ (جي پڪ) ڀانئين ٿا ته (تڏھن پاڻ ۾ نڪاح ڪري) موٽن ته ٻنھي تي گناھ نه آھي، ۽ اِھي اَلله جون حدون آھن اُنھن کي اُن قوم لاءِ بيان ڪندو آھي جي ڄاڻندا آھن.
2382231وإذا طلقتم النساء فبلغن أجلهن فأمسكوهن بمعروف أو سرحوهن بمعروف ولا تمسكوهن ضرارا لتعتدوا ومن يفعل ذلك فقد ظلم نفسه ولا تتخذوا آيات الله هزوا واذكروا نعمت الله عليكم وما أنزل عليكم من الكتاب والحكمة يعظكم به واتقوا الله واعلموا أن الله بكل شيء عليم
۽ جڏھن زالن کي (ٻه ڀيرا) طلاق ڏيو پوءِ اُھي پنھنجي (عدت جي) مدي کي (اچي) پھچڻ لڳن ته (تڏھن يا) اُنھن کي چڱيءَ ريت سان رکو يا اُنھن کي چڱيءَ ريت سان ڇڏيو، ۽ ڏکوئڻ لاءِ کين نه جھليو نه زيادتي ڪريو، ۽ جيڪو ائين ڪندو تنھن بيشڪ پاڻ تي ظلم ڪيو، ۽ الله جي حُڪمن کي ٺـٺوليون ڪري نه وٺو، ۽ پاڻ تي الله جي نعمت ياد ڪريو ۽ جيڪي اوھان تي ڪتاب ۽ دانائيءَ مان لاٿائين جنھن سان اوھان کي نصيحت ڏيندو آھي (اُھو احسان به ياد ڪريو)، ۽ الله کان ڊڄو ۽ ڄاڻو ته الله سڀڪنھن شيء کي ڄاڻندڙ آھي.
2392232وإذا طلقتم النساء فبلغن أجلهن فلا تعضلوهن أن ينكحن أزواجهن إذا تراضوا بينهم بالمعروف ذلك يوعظ به من كان منكم يؤمن بالله واليوم الآخر ذلكم أزكى لكم وأطهر والله يعلم وأنتم لا تعلمون
۽ جڏھن زالن کي طلاق ڏيو پوءِ پنھنجي (عدت جي) مُدّت کي پھچن ته کين پنھنجن مُڙسن سان پرڻجڻ کان نه جھليو جڏھن ته پاڻ ۾ چڱيءَ ريت سان راضي ٿين، اِھو (حُڪم) آھي جيڪو اوھان مان الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃي تنھن کي اُن سان نصيحت ڏجي ٿي، اِھو (حُڪم) اوھان کي صاف ڪندڙ ۽ بلڪل پاڪ ڪندڙ آھي، ۽ الله ڄاڻندو آھي ۽ اوھين نه ڄاڻندا آھيو.


0 ... 12.9 13.9 14.9 15.9 16.9 17.9 18.9 19.9 20.9 21.9 23.9 24.9 25.9 26.9 27.9 28.9 29.9 30.9 31.9 ... 623

إنتاج هذه المادة أخد: 0.02 ثانية


المغرب.كووم © ٢٠٠٩ - ١٤٣٠ © الحـمـد لله الـذي سـخـر لـنا هـذا :: وقف لله تعالى وصدقة جارية

594481641613325956172394787349922591