بسم الله الرحمن الرحيم

نتائج البحث: 6236
ترتيب الآيةرقم السورةرقم الآيةالاية
224718107إن الذين آمنوا وعملوا الصالحات كانت لهم جنات الفردوس نزلا
جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ فردوس جا باغ مھماني (جي جاءِ) آھن.
224818108خالدين فيها لا يبغون عنها حولا
منجھس سدائين رھڻ وارا آھن کانئس وري اٿلڻ نه گھرندا.
224918109قل لو كان البحر مدادا لكلمات ربي لنفد البحر قبل أن تنفد كلمات ربي ولو جئنا بمثله مددا
چؤ ته جيڪڏھن منھنجي پالڻھار جي سُخنن (لکڻ) لاءِ درياء مسُ ٿئي ته منھنجي پالڻھار جي سُخنن پوري ٿيڻ کان اڳ درياء کَپي ويندو توڻيڪ جھڙس (ٻيا) مدد لاءِ آڻيون.
225018110قل إنما أنا بشر مثلكم يوحى إلي أنما إلهكم إله واحد فمن كان يرجو لقاء ربه فليعمل عملا صالحا ولا يشرك بعبادة ربه أحدا
چؤ ته آءٌ اوھان جي جھڙوئي ماڻھو آھيان مون ڏانھن وحي موڪليو ويندو آھي ته اوھان جو معبود رڳو ھڪ الله آھي، پوءِ جيڪو پنھنجي پالڻھار جي ملڻ جي اميد رکي تنھنکي جڳائي ته چڱا ڪم ڪري ۽ پنھنجي پالڻھار جي عبادت ۾ ڪنھن ھڪڙي کي شريڪ نه ڪري.
2251191بسم الله الرحمن الرحيم كهيعص
ڪٓھٰيٰعٓصٓ.
2252192ذكر رحمت ربك عبده زكريا
تنھنجي پالڻھار جي ٻاجھ سندس ٻانھي زڪريا تي ٿيل جو (ھيءُ) ذڪر آھي.
2253193إذ نادى ربه نداء خفيا
جڏھن پنھنجي پالڻھار کي ڳجھو ٻاڏائي سڏيائين.
2254194قال رب إني وهن العظم مني واشتعل الرأس شيبا ولم أكن بدعائك رب شقيا
چيائين ته اي منھنجا پالڻھار مُنھنجا (لڱن جا) ھڏ سُست ٿيا آھن ۽ ٻُڍائيءَ کان منھنجو مٿو (اڇو) چمڪيو آھي ته اي منھنجا پالڻھار توکي سڏڻ کان نا اميد نه آھيان.
2255195وإني خفت الموالي من ورائي وكانت امرأتي عاقرا فهب لي من لدنك وليا
۽ آءٌ پنھنجي پوئتان پنھنجن مائٽن کان ڊڄان ٿو ۽ منھنجي زال سنڍ آھي تنھنڪري پاڻ وٽان مون کي ڪو وارث بخش.
2256196يرثني ويرث من آل يعقوب واجعله رب رضيا
جو منھنجو وارث ٿئي ۽ يعقوب جي اولاد جو به وارث ٿئي، ۽ اي منھنجا پالڻھار ان کي صالح ڪر.


0 ... 214.6 215.6 216.6 217.6 218.6 219.6 220.6 221.6 222.6 223.6 225.6 226.6 227.6 228.6 229.6 230.6 231.6 232.6 233.6 ... 623

إنتاج هذه المادة أخد: 0.02 ثانية


المغرب.كووم © ٢٠٠٩ - ١٤٣٠ © الحـمـد لله الـذي سـخـر لـنا هـذا :: وقف لله تعالى وصدقة جارية

6167444266609833327685423559424542267