بسم الله الرحمن الرحيم

نتائج البحث: 6236
ترتيب الآيةرقم السورةرقم الآيةالاية
22331893حتى إذا بلغ بين السدين وجد من دونهما قوما لا يكادون يفقهون قولا
ايترو جوجڏھن ٻن جبلن جي وچ ۾ پھتو ته انھن جي ھُن پاسي اھڙي قوم ڏٺائين جا ڪابه ڳالھ سمجھي نه ٿي سگھي.
22341894قالوا يا ذا القرنين إن يأجوج ومأجوج مفسدون في الأرض فهل نجعل لك خرجا على أن تجعل بيننا وبينهم سدا
چيائون ته اي ذوالقرنين بيشڪ ياجوج ۽ ماجوج مُلڪ ۾ فساد وجھندڙ آھن تنھن ڪري تو لاءِ اسين ھن شرط تي ڏن مُقرّر ڪريون ته تون اسان جي ۽ سندن وچ ۾ اَڙ بڻاءِ.
22351895قال ما مكني فيه ربي خير فأعينوني بقوة أجعل بينكم وبينهم ردما
(ذوالقرنين) چيو ته منھنجي پالڻھار جيڪا مون کي ان بابت سگھ ڏني آھي سا ڀلي آھي پوءِ اوھين مون سان زور بار جي مدد ڪريو ته اوھان جي ۽ سندن وچ ۾ اَڙ بڻايان.
22361896آتوني زبر الحديد حتى إذا ساوى بين الصدفين قال انفخوا حتى إذا جعله نارا قال آتوني أفرغ عليه قطرا
لوھ جا ٽُڪر مون وٽ آڻيو، جنھن دم ٻنھي جبلن جي وچ ۾ (ڀري) پورائي ڪيائين (تنھن دم) چيائين ته ڌنئون، تان جو جڏھن ان کي (تپائي) باھ ڪيائين (تڏھن) چيائين ته مون وٽ آڻيو ته مٿس پگھاريل ٽامون پلٽيان.
22371897فما اسطاعوا أن يظهروه وما استطاعوا له نقبا
پوءِ (ياجوج ماجوج) نڪي ان تي چڙھي سگھيا ۽ نڪي اُن کي ڪا سرنگھ ھڻي سگھيا.
22381898قال هذا رحمة من ربي فإذا جاء وعد ربي جعله دكاء وكان وعد ربي حقا
چيائين ته ھي منھنجي پالڻھار جي (ھڪڙي) ٻاجھ آھي، جنھن مھل منھنجي پالڻھار جو انجام ايندو (تنھن مھل) ان کي سنئون ڪري ڇڏيندو ۽ منھنجي پالڻھار جو انجام سچو آھي.
22391899وتركنا بعضهم يومئذ يموج في بعض ونفخ في الصور فجمعناهم جمعا
۽ اُن ڏينھن ڇڏينداسون ته ھڪ ٻئي ۾ ڳاھٽ ٿيندا (ايندا) ۽ صُور ۾ ڦوڪيو ويندو پوءِ انھن مِڙني کي گڏ ڪنداسون.
224018100وعرضنا جهنم يومئذ للكافرين عرضا
۽ اُن ڏينھن اُنھن ڪافرن کي دوزخ آڏو ڪنداسون جئن آڏو ڪجي.
224118101الذين كانت أعينهم في غطاء عن ذكري وكانوا لا يستطيعون سمعا
جن جون اکيون منھنجي يادگيريءَ کان ڍَڪ ۾ ھيون ۽ (ساڙ کان ڪجھ) ٻُڌي نه سگھندا ھوا.
224218102أفحسب الذين كفروا أن يتخذوا عبادي من دوني أولياء إنا أعتدنا جهنم للكافرين نزلا
ڪافرن (اڃا پاڻ کي سزا جوڳو) نه ڀانيو آھي ڇا جو مون کان سواءِ منھنجن ٻانھن کي دوست ورتو اٿن؟ اسان ڪافرن جي رھڻ لاءِ دوزخ تيار ڪيو آھي.


0 ... 213.2 214.2 215.2 216.2 217.2 218.2 219.2 220.2 221.2 222.2 224.2 225.2 226.2 227.2 228.2 229.2 230.2 231.2 232.2 ... 623

إنتاج هذه المادة أخد: 0.02 ثانية


المغرب.كووم © ٢٠٠٩ - ١٤٣٠ © الحـمـد لله الـذي سـخـر لـنا هـذا :: وقف لله تعالى وصدقة جارية

2031295538321006557943233428200340783257