بسم الله الرحمن الرحيم

نتائج البحث: 6236
ترتيب الآيةرقم السورةرقم الآيةالاية
22171877فانطلقا حتى إذا أتيا أهل قرية استطعما أهلها فأبوا أن يضيفوهما فوجدا فيها جدارا يريد أن ينقض فأقامه قال لو شئت لاتخذت عليه أجرا
پوءِ (ٻئي) ھليا، تان جو جنھن مھل ھڪڙي ڳوٺ وارن وٽ آيا (تنھن مھل) ان جي رھاڪن کان طعام گھريائون ته (انھن) سندن مھماني ڪرڻ کان انڪار ڪيو پوءِ اُن (ڳوٺ) ۾ ھڪ ڊھڻ کي ويجھي ڀِت ڏٺائون پوءِ اُھا (خضرؑ) سڌي ڪئي، (موسىٰؑ) چيو ته جيڪڏھن گھرين ھا ته اُن (جي سڌي ڪرڻ) تي مزدوري ضرور وٺين ھا.
22181878قال هذا فراق بيني وبينك سأنبئك بتأويل ما لم تستطع عليه صبرا
(خضرؑ) چيو ته ھاڻي منھنجي ۽ تنھنجي وچ ۾ جُدائي پئي، ھاڻي توکي انھن ڳالھين جي حقيقت جي سُڌ ڏيان ٿو جن تي تون صبر نه ڪري سگھين.
22191879أما السفينة فكانت لمساكين يعملون في البحر فأردت أن أعيبها وكان وراءهم ملك يأخذ كل سفينة غصبا
پر ٻيڙي (جا ڀڳي ويئي سا) مسڪينن جي ھئي (جنھن تي) ھو درياءَ ۾ پورھيو ڪندا (وتندا) ھوا پوءِ اُن کي عيب دار ڪرڻ گھريم جو سندن پوئتان اھڙو بادشاھ ھو جنھن سڀڪا ٻيڙي بيگر ۾ ٿي ورتي.
22201880وأما الغلام فكان أبواه مؤمنين فخشينا أن يرهقهما طغيانا وكفرا
۽ نينگر (جو ماريو ويو) تنھن جا ماءُ پيءُ مؤمن ھوا تنھنڪري ڊناسون ته نافرمانيءَ ۽ ڪفر ڪرڻ سان ٻنھي کي عاجز ڪندو.
22211881فأردنا أن يبدلهما ربهما خيرا منه زكاة وأقرب رحما
پوءِ گھُريوسون ته سندن پالڻھار کين اُن کان به چڱو بدلو سُٺائي جي ڪري ۽ ٻاجھ جي ڪري تمام ويجھو ڏئي.
22221882وأما الجدار فكان لغلامين يتيمين في المدينة وكان تحته كنز لهما وكان أبوهما صالحا فأراد ربك أن يبلغا أشدهما ويستخرجا كنزهما رحمة من ربك وما فعلته عن أمري ذلك تأويل ما لم تسطع عليه صبرا
۽ جا ڀِت (ٺاھي وئي) سا شھر ۾ ٻن ڇورن ٻارن جي ھُئي ۽ ان جي ھيٺان سندن خزانون ھو ۽ سندن ماءُ پيءُ نيڪ ھوا، پوءِ تنھنجي پالڻھار گھريو ته ٻئي پنھنجي جوانيءَ کي پھچن ۽ پنھنجو خزانو تنھنجي پالڻھار جي ٻاجھ سان ڪڍن، ۽ اُھو پنھنجي راءِ سان نه ڪيم، اِھا اُن جي حقيقت آھي جنھن تي تون صبر نه ٿي ڪري سگھئين.
22231883ويسألونك عن ذي القرنين قل سأتلو عليكم منه ذكرا
۽ (اي پيغمبر) توکان ذُوالۡقَرۡنَيۡن بابت پڇن ٿا، چؤ ته اوھان کي ان جو (ڪُجھ) بيان ڪري ٻڌايان ٿو.
22241884إنا مكنا له في الأرض وآتيناه من كل شيء سببا
بيشڪ اسان ان کي زمين ۾ ھٿ پھچ ڏني ۽ سڀڪنھن شيء جو سان کيس ڏنوسون.
22251885فأتبع سببا
پوءِ سامان (جي مدد) سان ھليو.
22261886حتى إذا بلغ مغرب الشمس وجدها تغرب في عين حمئة ووجد عندها قوما قلنا يا ذا القرنين إما أن تعذب وإما أن تتخذ فيهم حسنا
ايترو (سير ڪيائين) جو سچ لھڻ جي ھنڌ پھتو اُن کي گپڙاٺي تلاءُ ۾ لھندو ڏٺائين ۽ اُن (تلاءُ) وٽ ھڪ قوم کي ڏٺائين، چيوسون ته اي ذوالقرنين انھن کي سزا ڏئين يا منجھن ڪو چڱائيءَ جو سڌارو ڪرين (ته توکي اختيار آھي).


0 ... 211.6 212.6 213.6 214.6 215.6 216.6 217.6 218.6 219.6 220.6 222.6 223.6 224.6 225.6 226.6 227.6 228.6 229.6 230.6 ... 623

إنتاج هذه المادة أخد: 0.02 ثانية


المغرب.كووم © ٢٠٠٩ - ١٤٣٠ © الحـمـد لله الـذي سـخـر لـنا هـذا :: وقف لله تعالى وصدقة جارية

22502914635150257919255417502213054950