بسم الله الرحمن الرحيم

نتائج البحث: 6236
ترتيب الآيةرقم السورةرقم الآيةالاية
21511811فضربنا على آذانهم في الكهف سنين عددا
پوءِ ڪيترائي ورهيه کين غار ۾ ڪَنن ڀر سمھاريوسون.
21521812ثم بعثناهم لنعلم أي الحزبين أحصى لما لبثوا أمدا
وري کين ھن لاءِ اٿاريوسون ته ڏيکاريون ته جا مدت رھيا سا ٻنھي ٽولين مان ڪھڙي کي ياد آھي.
21531813نحن نقص عليك نبأهم بالحق إنهم فتية آمنوا بربهم وزدناهم هدى
اسين توکي سندن سچي خبر بيان ڪريون ٿا، بيشڪ اھي ڪيترا جوان ھوا جو پنھنجي پالڻھار کي مڃيو ھوائون ۽ کين وڌيڪ ھدايت ڪئي ھئي سون.
21541814وربطنا على قلوبهم إذ قاموا فقالوا ربنا رب السماوات والأرض لن ندعو من دونه إلها لقد قلنا إذا شططا
۽ سندن دلين تي (سچائي) ٻڌي سون جڏھن اٿيا تڏھن چيائون ته اسان جو پالڻھار آسمانن ۽ زمين جو پالڻھار آھي ان کانسواءِ ٻئي ڪنھن کي معبُود ڪري نه سڏينداسون (جي سڏيوسون ته) ضرور بيشڪ اُنھي مھل بيھودي ڳالھ چئي سون.
21551815هؤلاء قومنا اتخذوا من دونه آلهة لولا يأتون عليهم بسلطان بين فمن أظلم ممن افترى على الله كذبا
اسان جي ھن قوم الله کانسواءِ ٻيا معبود ورتا آھن، مٿن ڇونه ڪو پڌرو دليل آڻيندا آھن؟ پوءِ جيڪو الله تي ڪوڙ ٺاھي ان کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي؟
21561816وإذ اعتزلتموهم وما يعبدون إلا الله فأووا إلى الكهف ينشر لكم ربكم من رحمته ويهيئ لكم من أمركم مرفقا
۽ جڏھن انھن (مشرڪن) کان ۽ (اھي) الله کانسواءِ جن کي پوڄيندا آھن تن کان پاسي ٿيو تڏھن غار ڏانھن پناہ وٺو ته اوھان جو پالڻھار اوھان لاءِ ٻاجھ پکيڙيندو ۽ اوھان جي ڪم ۾ اوھان لاءِ سولائي موجود ڪندو.
21571817وترى الشمس إذا طلعت تزاور عن كهفهم ذات اليمين وإذا غربت تقرضهم ذات الشمال وهم في فجوة منه ذلك من آيات الله من يهد الله فهو المهتد ومن يضلل فلن تجد له وليا مرشدا
۽ (اي ڏسندڙ) جڏھن سج اڀري (تڏھن) ڏسندين ته (اُس) سندن غار کان سڄي پاسي لڙندي آھي ۽ جڏھن لھي تڏھن سندن کٻي پاسي مڙندي آھي ۽ اُھي ان (غار جي) ويڪرائي ۾ آھن، اِھا الله جي نشانين مان آھي، جنھن کي الله ھدايت ڪري سو ھدايت وارو آھي، ۽ جنھن کي ڀُلائي ان لاءِ ڪوبه دوست واٽ ڏيکارندڙ نه لھندين.
21581818وتحسبهم أيقاظا وهم رقود ونقلبهم ذات اليمين وذات الشمال وكلبهم باسط ذراعيه بالوصيد لو اطلعت عليهم لوليت منهم فرارا ولملئت منهم رعبا
۽ تون کين جاڳندڙ ڀائيندين پر اُھي (ننڊ ۾) سمھيل آھن، ۽ کين سڄي پاسي تي ۽ کٻي پاسي تي اٿلائيندا آھيون، ۽ سندن ڪتو چائٺ تي اڳيون ٽنگون ڊگھيريو پيو آھي، جيڪڏھن مٿن بيھي ڏسين ته کانئن ڀڄندڙ ٿي منھن ڦيرين ۽ کانئن دھشت کان ڀرجي وڃين.
21591819وكذلك بعثناهم ليتساءلوا بينهم قال قائل منهم كم لبثتم قالوا لبثنا يوما أو بعض يوم قالوا ربكم أعلم بما لبثتم فابعثوا أحدكم بورقكم هذه إلى المدينة فلينظر أيها أزكى طعاما فليأتكم برزق منه وليتلطف ولا يشعرن بكم أحدا
۽ اھڙي طرح کين ھن لاءِ کڙو ڪيوسون ته پاڻ ۾ پڇن، منجھانئن چوندڙ چيو ته (اوھين ھتي) ڪيترو ٽڪيؤ، چيائون ته ھڪ ڏينھن يا ڏينھن کان گھٽ رھياسون، (ڪن) چيو ته جيڪي اوھين رھيا آھيو سو اوھان جو پالڻھار چڱو ڄاڻندڙ آھي، پوءِ مان پاڻ مان ھڪ کي ھِن پنھنجي رپئي سان شھر ڏانھن موڪليو پوءِ ڀلي ڏسي ته اُن (ڳوٺ) جو ڪھڙو طعام سٺو آھي پوءِ ان مان ڪجھ تعام اوھان وٽ آڻي ۽ جڳائي ته نرمي ڪري ۽ اوھان جو حال ڪنھن ھڪڙي کي نه ڄاڻائي.
21601820إنهم إن يظهروا عليكم يرجموكم أو يعيدوكم في ملتهم ولن تفلحوا إذا أبدا
ڇوته جيڪڏھن اھي اوھان تي غالب ٿيندا ته اوھان کي سنگسار ڪندا يا پنھنجي مذھب ۾ اوھان کي موٽائيندا ۽ اُن مھل اوھين ھرگز نه ڇٽندؤ.


0 ... 205 206 207 208 209 210 211 212 213 214 216 217 218 219 220 221 222 223 224 ... 623

إنتاج هذه المادة أخد: 0.02 ثانية


المغرب.كووم © ٢٠٠٩ - ١٤٣٠ © الحـمـد لله الـذي سـخـر لـنا هـذا :: وقف لله تعالى وصدقة جارية

45412052840240142981495381109754042316