نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
216 | 2 | 209 | فإن زللتم من بعد ما جاءتكم البينات فاعلموا أن الله عزيز حكيم |
| | | پوءِ جيڪڏھن اوھين ان کانپوءِ جو اوھان وٽ چٽا دليل آيا (اِسلام کان) ٿڙندؤ ته ڄاڻو ته الله غالِب حڪمت وارو آھي. |
|
217 | 2 | 210 | هل ينظرون إلا أن يأتيهم الله في ظلل من الغمام والملائكة وقضي الأمر وإلى الله ترجع الأمور |
| | | (ڪافر) ھن کان سواءِ انتظار نه ڪندا آھن ته الله (جو عذاب) جُھڙ جي پاڇن ۾ وٽن اچي ۽ ملائڪ (به) ۽ ڪم فيصل ڪيو وڃي، ۽ الله ڏانھن سڀ ڪم موٽايا ويندا آھن. |
|
218 | 2 | 211 | سل بني إسرائيل كم آتيناهم من آية بينة ومن يبدل نعمة الله من بعد ما جاءته فإن الله شديد العقاب |
| | | (اي پيغمبر) بني اِسرائيلن کان پُڇا ڪر ته کين ڪيتريون چٽيون نشانيون ڏنيون سين، ۽ جيڪي الله جي نعمت کي پاڻ وٽ اچڻ کانپوءِ مٽائيندو ته بيشڪ الله سخت عذاب ڪندڙ آھي. |
|
219 | 2 | 212 | زين للذين كفروا الحياة الدنيا ويسخرون من الذين آمنوا والذين اتقوا فوقهم يوم القيامة والله يرزق من يشاء بغير حساب |
| | | ڪافرن لاءِ دُنيا جي حياتي سينگاري ويئي ۽ مؤمنن سان ٺـٺوليون ڪندا آھن، ۽ جيڪي پرھيزگار آھن سي قيامت جي ڏينھن اُنھن (ڪافرن) جي مٿئون ھوندا، ۽ الله جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي اَڻ ڳڻي روزي ڏيندو آھي. |
|
220 | 2 | 213 | كان الناس أمة واحدة فبعث الله النبيين مبشرين ومنذرين وأنزل معهم الكتاب بالحق ليحكم بين الناس فيما اختلفوا فيه وما اختلف فيه إلا الذين أوتوه من بعد ما جاءتهم البينات بغيا بينهم فهدى الله الذين آمنوا لما اختلفوا فيه من الحق بإذنه والله يهدي من يشاء إلى صراط مستقيم |
| | | سڀ ماڻھو ھڪ ٽولي هُئا، پوءِ (ڦري اِختلاف ۾ پيا تنھنڪري) الله پيغمبرن کي خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو، ۽ ساڻن سچ سان ڪتاب ھن لاءِ لاٿائين ته (اُھو ڪتاب) ماڻھن جي وچ ۾ جنھن (ڳالھ) بابت جھڳڙو ڪندا آھن (تنھن بابت) نبيرو ڪري، ۽ اُنھيءَ بابت (ٻئي ڪنھن به) تڪرار نه ڪيو پر جن کي اُھو (ڪتاب) ڏنو ويو تن پڌرن حڪمن اچڻ کانپوءِ پاڻ ۾ ساڙ پيل سببان (تڪرار ڪيو)، پوءِ الله اُھا سچي ڳالھ جنھن بابت جھڳڙو ڪيائون تنھن ڏانھن پنھنجي حُڪم سان مؤمنن کي سڌو رستو ڏيکاريو، ۽ الله جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي سڌو رستو ڏيکاريندو آھي. |
|
221 | 2 | 214 | أم حسبتم أن تدخلوا الجنة ولما يأتكم مثل الذين خلوا من قبلكم مستهم البأساء والضراء وزلزلوا حتى يقول الرسول والذين آمنوا معه متى نصر الله ألا إن نصر الله قريب |
| | | (اي مسلمانؤ اوھين) ھن ھوندي به بھشت ۾ گھڙڻ جو گمان ڪندا آھيو ڇا؟ جو اڃان اوھان کي اُنھن جي حالت نه آئي آھي جيڪي اوھان کان اڳ گذريا، جن کي سڃائي ۽ ڏُک پُھتو ۽ ايستائين لوڌيا ويا جيستائين پيغمبر ۽ جي مؤمن ساڻس هُئا (تن دُعا گُھري) چيو ٿي ته الله جي مدد ڪڏھن پھچندي؟ (چيو وين ته) ھوشيار رھو ته الله جي مدد ويجھي آھي. |
|
222 | 2 | 215 | يسألونك ماذا ينفقون قل ما أنفقتم من خير فللوالدين والأقربين واليتامى والمساكين وابن السبيل وما تفعلوا من خير فإن الله به عليم |
| | | (اي پيغمبر) توکان پڇن ٿا ته (اُھي) ڇا خرچين؟ (کين) چؤ ته جيڪو مال خرچي سو ماءُ پيءُ ۽ مائٽن ۽ ڇورن (ٻارن) ۽ مسڪينن ۽ مسافرن کي (ڏيڻ) جڳائي، ۽ جيڪا چڱائي ڪندؤ (سا لھندؤ) ڇوته الله اُنکي ڄاڻندڙ آھي. |
|
223 | 2 | 216 | كتب عليكم القتال وهو كره لكم وعسى أن تكرهوا شيئا وهو خير لكم وعسى أن تحبوا شيئا وهو شر لكم والله يعلم وأنتم لا تعلمون |
| | | (اي مؤمنؤ) اوھان تي (ڪافرن سان) ويڙھ ڪرڻ فرض ڪئي ويئي آھي ۽ اُھا اوھان کي ناخوش لڳندي آھي، ۽ شايد (اوھين) ڪنھن شي کي ناخوش ڀانيو ۽ (حقيقت ڪري) اُھا اوھان لاءِ ڀلي ھُجي، ۽ شايد ڪنھن شي کي پيارو رکو ۽ اُھا اوھان لاءِ بڇڙي ھجي، ۽ الله ڄاڻندو آھي ۽ اوھين نه ڄاڻندا آھيو. |
|
224 | 2 | 217 | يسألونك عن الشهر الحرام قتال فيه قل قتال فيه كبير وصد عن سبيل الله وكفر به والمسجد الحرام وإخراج أهله منه أكبر عند الله والفتنة أكبر من القتل ولا يزالون يقاتلونكم حتى يردوكم عن دينكم إن استطاعوا ومن يرتدد منكم عن دينه فيمت وهو كافر فأولئك حبطت أعمالهم في الدنيا والآخرة وأولئك أصحاب النار هم فيها خالدون |
| | | (اي پيغمبر) توکان تعظيم وارن مھينن ۾ وڙھڻ بابت پُڇن ٿا، چؤ ته مَنجھن ويڙھ ڪرڻ وَڏو گناھ آھي، ۽ الله جي واٽ کان جھلڻ ۽ الله کي نه مڃڻ ۽ تعظيم واريءَ مسجد کان روڪڻ، ۽ سندس رھڻ وارن کي منجھائنس لوڌڻ الله وٽ (اُن کان) تمام وڏو گناھ آھي، ۽ فتنو (يعني شرڪ) خون ڪرڻ کان بلڪل وڏو ڏوھ آھي. ۽ (ڪافر) جيڪڏھن پڄي سگھندا ته اوھان سان ايستائين سدائين پيا وڙھندا جيستائين اوھان کي اوھان جي دين (اسلام) کان ڦيرائين، ۽ اوھان مان جيڪي پنھنجي دين کان ڦرندا پوءِ اُھي ڪافر ٿي مرندا تن جي ڪئي ڪمائي دُنيا ۽ آخرت ۾ ڪُٽ ٿي ويئي، ۽ اُھي دوزخي آھن، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن. |
|
225 | 2 | 218 | إن الذين آمنوا والذين هاجروا وجاهدوا في سبيل الله أولئك يرجون رحمت الله والله غفور رحيم |
| | | جن ايمان آندو ۽ جن الله جي واٽ ۾ وطن ڇڏيو ۽ جھاد ڪيو سي الله جي ٻاجھ جا اميدوار آھن، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي. |
|