بسم الله الرحمن الرحيم

نتائج البحث: 6236
ترتيب الآيةرقم السورةرقم الآيةالاية
21271798ذلك جزاؤهم بأنهم كفروا بآياتنا وقالوا أإذا كنا عظاما ورفاتا أإنا لمبعوثون خلقا جديدا
اھا سندن سزا ھن سببان آھي جو اسانجي نشانين جو انڪار ڪيائون ۽ چيائون ته جڏھن اسين ھڏا ۽ چُورو ٿينداسون (تڏھن) وري نئين سر پيدا ٿي اٿاريا وينداسون ڇا؟
21281799أولم يروا أن الله الذي خلق السماوات والأرض قادر على أن يخلق مثلهم وجعل لهم أجلا لا ريب فيه فأبى الظالمون إلا كفورا
نه ڏسندا آھن ڇا ته جنھن الله آسمانن ۽ زمين کي بڻايو سو سندن اھڙي بڻائڻ تي وس وارو آھي ۽ انھن لاءِ اھا مُدّت مقرر ڪيائين جنھن ۾ ڪو شڪ نه آھي، پوءِ ظالم انڪار کانسواءِ ڪي قبول نه ڪندا آھن.
212917100قل لو أنتم تملكون خزائن رحمة ربي إذا لأمسكتم خشية الإنفاق وكان الإنسان قتورا
(اي پيغمبر) چؤ ته جيڪڏھن اوھين منھنجي پالڻھار جي خزانن جا مالڪ ھجو ھا ته انھيءَ مھل (سڀ) خرچ ٿي وڃڻ جي ڀَو کان اوھين ضرور بند رکو ھا، ۽ ماڻھو پڪو پيچ آھي.
213017101ولقد آتينا موسى تسع آيات بينات فاسأل بني إسرائيل إذ جاءهم فقال له فرعون إني لأظنك يا موسى مسحورا
۽ بيشڪ مُوسىؑ کي نَوَ پڌريون نشانيون ڏنيوسون پوءِ بني اسرائيلن کان پُڇ ته جڏھن (اھو) وٽن آيو تڏھن کيس فرعون چيو ته اي مُوسىؑ بيشڪ آءٌ توکي يقيناً جادو ٿيل ڀائيندو آھيان.
213117102قال لقد علمت ما أنزل هؤلاء إلا رب السماوات والأرض بصائر وإني لأظنك يا فرعون مثبورا
(مُوسىؑ) چيو ته بيشڪ تو ڄاتو آھي ته اھي (نشانيون) آسمانن ۽ زمين جي پالڻھار کانسواءِ (ٻئي ڪنھن) نه نازل ڪيون آھن (اوھان جي) سمجھائڻ لاءِ (ته ڏسي مون مڃيو)، ۽ اي فرعون آءٌ توکي (انھن جي انڪار سببان) ھلاڪ ٿيل ڀائيندو آھيان.
213217103فأراد أن يستفزهم من الأرض فأغرقناه ومن معه جميعا
پوءِ فرعون ملڪ مان سندن لوڌڻ جو ارادو ڪيو پوءِ فرعون ۽ سندس ساري سنگت کي ٻوڙيوسون.
213317104وقلنا من بعده لبني إسرائيل اسكنوا الأرض فإذا جاء وعد الآخرة جئنا بكم لفيفا
۽ کانئس پوءِ بني اسرائيلن کي چيوسون ته مُلڪ ۾ ٽڪو پوءِ جڏھن آخرت جو وعدو آيو (تڏھن) اوھان کي لپيٽي وٺنداسون.
213417105وبالحق أنزلناه وبالحق نزل وما أرسلناك إلا مبشرا ونذيرا
۽ ان (قرآن) کي اسان سچ سان نازل ڪيو آھي ۽ اھو سچ سان نازل ٿيو آھي، ۽ توکي خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ کانسواءِ نه موڪليوسون.
213517106وقرآنا فرقناه لتقرأه على الناس على مكث ونزلناه تنزيلا
۽ ان قرآن کي جُدا جُدا (سُورتون ۽ آيتون) ھن لاءِ ڪيوسون ته اھو ماڻھن کي آھسته آھسته پڙھي ٻڌائين ۽ ان کي آھسته آھسته ڪري لاٿوسون.
213617107قل آمنوا به أو لا تؤمنوا إن الذين أوتوا العلم من قبله إذا يتلى عليهم يخرون للأذقان سجدا
(اي پيغمبر) چؤ ته اوھين ان قرآن کي مڃو توڙي نه مڃو، بيشڪ جن کي ھن کان اڳ علم ڏنو ويو آھي تن وٽ جڏھن (قرآن) پڙھبو آھي (تڏھن) سجدو ڪندڙ ٿي کاڏين ڀر ڪِرندا آھن.


0 ... 202.6 203.6 204.6 205.6 206.6 207.6 208.6 209.6 210.6 211.6 213.6 214.6 215.6 216.6 217.6 218.6 219.6 220.6 221.6 ... 623

إنتاج هذه المادة أخد: 0.02 ثانية


المغرب.كووم © ٢٠٠٩ - ١٤٣٠ © الحـمـد لله الـذي سـخـر لـنا هـذا :: وقف لله تعالى وصدقة جارية

2701305767931613296355840623724993372