نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
213 | 2 | 206 | وإذا قيل له اتق الله أخذته العزة بالإثم فحسبه جهنم ولبئس المهاد |
| | | ۽ جڏھن اُن کي چئبو آھي ته الله کان ڊڄ تڏھن وڏائي کيس گناہ تي آڪڙائيندي آھي پوءِ کيس (سزا) دوزخ بس آھي، ۽ اُھو ضرور بڇڙو ھنڌ آھي. |
|
214 | 2 | 207 | ومن الناس من يشري نفسه ابتغاء مرضات الله والله رءوف بالعباد |
| | | ماڻھن مان ڪو اھڙو آھي جو الله جي راضپي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ کي وڪڻندو آھي، ۽ الله ٻانھن تي مھربان آھي. |
|
215 | 2 | 208 | يا أيها الذين آمنوا ادخلوا في السلم كافة ولا تتبعوا خطوات الشيطان إنه لكم عدو مبين |
| | | اي ايمان وارؤ پورا اسلام ۾ داخل ٿيو، ۽ شيطان جي وِکن تي نه ھلو، ڇوته اُھو اوھان جو پڌرو ويري آھي. |
|
216 | 2 | 209 | فإن زللتم من بعد ما جاءتكم البينات فاعلموا أن الله عزيز حكيم |
| | | پوءِ جيڪڏھن اوھين ان کانپوءِ جو اوھان وٽ چٽا دليل آيا (اِسلام کان) ٿڙندؤ ته ڄاڻو ته الله غالِب حڪمت وارو آھي. |
|
217 | 2 | 210 | هل ينظرون إلا أن يأتيهم الله في ظلل من الغمام والملائكة وقضي الأمر وإلى الله ترجع الأمور |
| | | (ڪافر) ھن کان سواءِ انتظار نه ڪندا آھن ته الله (جو عذاب) جُھڙ جي پاڇن ۾ وٽن اچي ۽ ملائڪ (به) ۽ ڪم فيصل ڪيو وڃي، ۽ الله ڏانھن سڀ ڪم موٽايا ويندا آھن. |
|
218 | 2 | 211 | سل بني إسرائيل كم آتيناهم من آية بينة ومن يبدل نعمة الله من بعد ما جاءته فإن الله شديد العقاب |
| | | (اي پيغمبر) بني اِسرائيلن کان پُڇا ڪر ته کين ڪيتريون چٽيون نشانيون ڏنيون سين، ۽ جيڪي الله جي نعمت کي پاڻ وٽ اچڻ کانپوءِ مٽائيندو ته بيشڪ الله سخت عذاب ڪندڙ آھي. |
|
219 | 2 | 212 | زين للذين كفروا الحياة الدنيا ويسخرون من الذين آمنوا والذين اتقوا فوقهم يوم القيامة والله يرزق من يشاء بغير حساب |
| | | ڪافرن لاءِ دُنيا جي حياتي سينگاري ويئي ۽ مؤمنن سان ٺـٺوليون ڪندا آھن، ۽ جيڪي پرھيزگار آھن سي قيامت جي ڏينھن اُنھن (ڪافرن) جي مٿئون ھوندا، ۽ الله جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي اَڻ ڳڻي روزي ڏيندو آھي. |
|
220 | 2 | 213 | كان الناس أمة واحدة فبعث الله النبيين مبشرين ومنذرين وأنزل معهم الكتاب بالحق ليحكم بين الناس فيما اختلفوا فيه وما اختلف فيه إلا الذين أوتوه من بعد ما جاءتهم البينات بغيا بينهم فهدى الله الذين آمنوا لما اختلفوا فيه من الحق بإذنه والله يهدي من يشاء إلى صراط مستقيم |
| | | سڀ ماڻھو ھڪ ٽولي هُئا، پوءِ (ڦري اِختلاف ۾ پيا تنھنڪري) الله پيغمبرن کي خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو، ۽ ساڻن سچ سان ڪتاب ھن لاءِ لاٿائين ته (اُھو ڪتاب) ماڻھن جي وچ ۾ جنھن (ڳالھ) بابت جھڳڙو ڪندا آھن (تنھن بابت) نبيرو ڪري، ۽ اُنھيءَ بابت (ٻئي ڪنھن به) تڪرار نه ڪيو پر جن کي اُھو (ڪتاب) ڏنو ويو تن پڌرن حڪمن اچڻ کانپوءِ پاڻ ۾ ساڙ پيل سببان (تڪرار ڪيو)، پوءِ الله اُھا سچي ڳالھ جنھن بابت جھڳڙو ڪيائون تنھن ڏانھن پنھنجي حُڪم سان مؤمنن کي سڌو رستو ڏيکاريو، ۽ الله جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي سڌو رستو ڏيکاريندو آھي. |
|
221 | 2 | 214 | أم حسبتم أن تدخلوا الجنة ولما يأتكم مثل الذين خلوا من قبلكم مستهم البأساء والضراء وزلزلوا حتى يقول الرسول والذين آمنوا معه متى نصر الله ألا إن نصر الله قريب |
| | | (اي مسلمانؤ اوھين) ھن ھوندي به بھشت ۾ گھڙڻ جو گمان ڪندا آھيو ڇا؟ جو اڃان اوھان کي اُنھن جي حالت نه آئي آھي جيڪي اوھان کان اڳ گذريا، جن کي سڃائي ۽ ڏُک پُھتو ۽ ايستائين لوڌيا ويا جيستائين پيغمبر ۽ جي مؤمن ساڻس هُئا (تن دُعا گُھري) چيو ٿي ته الله جي مدد ڪڏھن پھچندي؟ (چيو وين ته) ھوشيار رھو ته الله جي مدد ويجھي آھي. |
|
222 | 2 | 215 | يسألونك ماذا ينفقون قل ما أنفقتم من خير فللوالدين والأقربين واليتامى والمساكين وابن السبيل وما تفعلوا من خير فإن الله به عليم |
| | | (اي پيغمبر) توکان پڇن ٿا ته (اُھي) ڇا خرچين؟ (کين) چؤ ته جيڪو مال خرچي سو ماءُ پيءُ ۽ مائٽن ۽ ڇورن (ٻارن) ۽ مسڪينن ۽ مسافرن کي (ڏيڻ) جڳائي، ۽ جيڪا چڱائي ڪندؤ (سا لھندؤ) ڇوته الله اُنکي ڄاڻندڙ آھي. |
|