بسم الله الرحمن الرحيم

نتائج البحث: 6236
ترتيب الآيةرقم السورةرقم الآيةالاية
21071778أقم الصلاة لدلوك الشمس إلى غسق الليل وقرآن الفجر إن قرآن الفجر كان مشهودا
سج لڙئي کان وٺي رات جي اونداھيءَ تائين نماز پڙھ ۽ فجر جو قرآن پرھ، بيشڪ فجر جو قرآن پڙھڻ مھل ملائڪ حاضر ٿين ٿا.
21081779ومن الليل فتهجد به نافلة لك عسى أن يبعثك ربك مقاما محمودا
۽ ڪجھ رات جو (قرآن) سان تھجّد پرھ جو (اھا) تولاءِ زيادہ عبادت آھي، تنھنجو پالڻھار توکي سگھوئي ساراھيل جاءِ ۾ اُٿاريندو.
21091780وقل رب أدخلني مدخل صدق وأخرجني مخرج صدق واجعل لي من لدنك سلطانا نصيرا
۽ (اي پيغمبر) چؤ ته اي منھنجا پالڻھار مون کي (مديني ۾) سچائيءَ سان داخل ڪر ۽ (مڪي مان) مون کي سچائيءَ سان ٻاھر ڪڍ ۽ پاڻ وٽان مون لاءِ ڏاڍي سگھ مدد ڏيندڙ ڪر.
21101781وقل جاء الحق وزهق الباطل إن الباطل كان زهوقا
۽ (اي پيغمبر) چؤ ته سچ آيو ۽ ڪوڙ ڀڳو، بيشڪ ڪوڙ ڀڄندڙ آھي.
21111782وننزل من القرآن ما هو شفاء ورحمة للمؤمنين ولا يزيد الظالمين إلا خسارا
۽ اسين قرآن کي نازل ڪريون ٿا جو اھو سارو مؤمنن لاءِ شفا ۽ ٻاجھ آھي ۽ ظالمن بابت نقصان کانسواءِ (ٻيو ڪي) نه وڌائيندو آھي.
21121783وإذا أنعمنا على الإنسان أعرض ونأى بجانبه وإذا مسه الشر كان يئوسا
۽ جڏھن انسان تي ڪا نعمت نازل ڪندا آھيون (تڏھن) مُنھن موڙيندو آھي ۽ کانئس پاسيرو ٿيندو آھي، ۽ جڏھن کيس مدائي پھچندي آھي ته نا اميد ٿيندو آھي.
21131784قل كل يعمل على شاكلته فربكم أعلم بمن هو أهدى سبيلا
(اي پيغمبر) چؤ ته سڀڪو پنھنجي ڊول تي ڪم ڪندو آھي، پوءِ جيڪو ڏاڍيءَ سڌيءَ واٽ تي آھي تنھن کي تنھنجو پالڻھار چڱي طرح ڄاڻندو آھي.
21141785ويسألونك عن الروح قل الروح من أمر ربي وما أوتيتم من العلم إلا قليلا
۽ (اي پيغمبر) توکان رُوح بابت پُڇن ٿا، چؤ ته رُوح منھنجي پالڻھار جي امر مان آھي ۽ اوھان کي ڪي ٿورڙي علم کانسواءِ نه ڏنو ويو آھي.
21151786ولئن شئنا لنذهبن بالذي أوحينا إليك ثم لا تجد لك به علينا وكيلا
۽ جيڪو (قرآن) توڌانھن وحي ڪيوسون سو جيڪڏھن گھرون ته ورائي وٺون ته پوءِ تون پاڻ لاءِ اسان تي ڪو ڀرجھلو نه لھندين.
21161787إلا رحمة من ربك إن فضله كان عليك كبيرا
پر تنھنجي پالڻھار جي ٻاجھ (ان ورائي وٺڻ کي جھلي رکيو) آھي، ڇوته سندس فضل توتي وڏو آھي.


0 ... 200.6 201.6 202.6 203.6 204.6 205.6 206.6 207.6 208.6 209.6 211.6 212.6 213.6 214.6 215.6 216.6 217.6 218.6 219.6 ... 623

إنتاج هذه المادة أخد: 0.02 ثانية


المغرب.كووم © ٢٠٠٩ - ١٤٣٠ © الحـمـد لله الـذي سـخـر لـنا هـذا :: وقف لله تعالى وصدقة جارية

501338413524506445228612025458229304087