نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
2075 | 17 | 46 | وجعلنا على قلوبهم أكنة أن يفقهوه وفي آذانهم وقرا وإذا ذكرت ربك في القرآن وحده ولوا على أدبارهم نفورا |
| | | ۽ ان جي سمجھڻ کان سندن دلين ۾ پردو ۽ سندن ڪَنن ۾ گھٻرائي وجھندا آھيون، ۽ جڏھن پنھنجي ھڪڙي پالڻھار کي قرآن ۾ ياد ڪرين ٿو تڏھن نفرت ڪري پنھنجين پُٺين (ڀرپوءِ) تي موٽندا آھن. |
|
2076 | 17 | 47 | نحن أعلم بما يستمعون به إذ يستمعون إليك وإذ هم نجوى إذ يقول الظالمون إن تتبعون إلا رجلا مسحورا |
| | | (اي پيغمبر) جنھن مھل توڏانھن ڪن ڏيئي جنھن (ٺـٺولي ڪرڻ جي ارادي) سان (قرآن کي) ٻڌندا آھن ۽ جنھن مھل ڳجھيون صلاحون ڪندا آھن جڏھن ظالم چوندا آھن ته (اوھين) رڳو جادو ڪيل مڙس جي تابعداري ڪريو ٿا (تنھن مھل سندين انھن ڳالھين کي) چڱي طرح ڄاڻندا آھيون. |
|
2077 | 17 | 48 | انظر كيف ضربوا لك الأمثال فضلوا فلا يستطيعون سبيلا |
| | | ڏس ته تولاءِ ڪھڙا مٿال ڏيندا آھن پوءِ گمراھ ٿيا تنھنڪري سڌي واٽ لھي نه سگھندا آھن. |
|
2078 | 17 | 49 | وقالوا أإذا كنا عظاما ورفاتا أإنا لمبعوثون خلقا جديدا |
| | | ۽ چوندا آھن ته جڏھن اسين (مري ڳري) ھڏا ۽ ذرا ذرا ٿينداسين (تڏھن) اسين وري نوان بڻجي اٿنداسين ڇا؟ |
|
2079 | 17 | 50 | قل كونوا حجارة أو حديدا |
| | | چؤ ته پھڻ ٿيو يا لوھ ٿيو. |
|
2080 | 17 | 51 | أو خلقا مما يكبر في صدوركم فسيقولون من يعيدنا قل الذي فطركم أول مرة فسينغضون إليك رءوسهم ويقولون متى هو قل عسى أن يكون قريبا |
| | | يا پنھنجين دلين ۾ جيڪا (ٻي) وڏي خلق ڀائيندا آھيو (سا ٿيو ته به اٿندؤ)، پوءِ سگھوئي چوندا ته ڪير اسان کي وري جياريندو؟ چؤ ته جنھن اوھان کي پھريون ڀيرو پيدا ڪيو (سو جياريندو)، پوءِ توڏانھن پنھنجو ڪنڌ لوڏيندا ۽ چوندا ته اھو ڪڏھن ٿيندو؟ چؤ ته اميد آھي ته سگھو ٿيڻو آھي. |
|
2081 | 17 | 52 | يوم يدعوكم فتستجيبون بحمده وتظنون إن لبثتم إلا قليلا |
| | | جنھن ڏينھن الله اوھان کي سڏيندو (تنھن ڏينھن) اوھين سندس ساراہ ڪندي ورندي ڏيندؤ ۽ ڀائيندؤ ته ٿوروئي وقت رھيا آھيون. |
|
2082 | 17 | 53 | وقل لعبادي يقولوا التي هي أحسن إن الشيطان ينزغ بينهم إن الشيطان كان للإنسان عدوا مبينا |
| | | ۽ (اي پيغمبر) منھنجن ٻانھن کي چؤ ته (ڪافرن سان) بلڪل چڱي (ڳالھ) چوندا رھن، ڇوته شيطان سندن وچ ۾ جھيڙو وجھندو آھي، ڇوته شيطان ماڻھو جو پڌرو ويري آھي. |
|
2083 | 17 | 54 | ربكم أعلم بكم إن يشأ يرحمكم أو إن يشأ يعذبكم وما أرسلناك عليهم وكيلا |
| | | اوھان جو پالڻھار اوھان کي چڱي طرح ڄاڻندو آھي، جيڪڏھن وڻيس ته اوھان تي ٻاجھ ڪري ۽ جيڪڏھن وڻيس ته اوھان کي عذاب ڪري، ۽ اسان توکي مٿن وڪيل ڪري نه موڪليو آھي. |
|
2084 | 17 | 55 | وربك أعلم بمن في السماوات والأرض ولقد فضلنا بعض النبيين على بعض وآتينا داوود زبورا |
| | | ۽ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو تنھنجو پالڻھار چڱي طرح ڄاڻندو آھي، ۽ بيشڪ ھڪڙن نبين کي ٻـين کان وڌيڪ ڪيوسون ۽ داؤد کي زبور ڏنوسون. |
|