نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
2067 | 17 | 38 | كل ذلك كان سيئه عند ربك مكروها |
| | | اُنھن سڀني (عادتن) جي بڇڙائي تنھنجي پالڻھار وٽ ناپسند آھي. |
|
2068 | 17 | 39 | ذلك مما أوحى إليك ربك من الحكمة ولا تجعل مع الله إلها آخر فتلقى في جهنم ملوما مدحورا |
| | | اھي حُڪم انھن مان آھن جيڪي تنھنجي پالڻھار توڏانھن حڪمت مان وحي ڪيا آھن، ۽ الله سان ٻيو ڪوبه معبُود مُقرّر نه ڪر نه ته تون ملامتي (۽) تڙيل ٿي دوزخ ۾ وڌو ويندين. |
|
2069 | 17 | 40 | أفأصفاكم ربكم بالبنين واتخذ من الملائكة إناثا إنكم لتقولون قولا عظيما |
| | | (اي مشرڪؤ) اوھان جي پالڻھار اوھان کي پُٽن جي لاءِ چونڊيو ۽ (پاڻ) ملائڪن کي (پنھنجيون) ڌيئر ڪري ورتائين ڇا؟ بيشڪ اوھين ھيءَ وڏي ڳالھ ڪندا آھيو. |
|
2070 | 17 | 41 | ولقد صرفنا في هذا القرآن ليذكروا وما يزيدهم إلا نفورا |
| | | ۽ بيشڪ ھن قرآن ۾ ھن لاءِ وري وري سمجھايوسون ته نصيحت وٺن، ۽ اھو انھن بابت نفرت کانسواءِ (ٻيو ڪي) ڪين ٿو وڌائي. |
|
2071 | 17 | 42 | قل لو كان معه آلهة كما يقولون إذا لابتغوا إلى ذي العرش سبيلا |
| | | (اي پيغمبر) چؤ ته جيڪڏھن ساڻس ٻيا معبود جھڙي طرح ھوندا آھن (تھڙي طرح) ھجن ھا ته اھي انھي دم عرش جي مالڪ ڏانھن (جنگ جي) واٽ طلبين ھا. |
|
2072 | 17 | 43 | سبحانه وتعالى عما يقولون علوا كبيرا |
| | | اھو پاڪ آھي ۽ جيڪي چوندا آھن تنھن کان وڏو (۽) مٿاھون آھي. |
|
2073 | 17 | 44 | تسبح له السماوات السبع والأرض ومن فيهن وإن من شيء إلا يسبح بحمده ولكن لا تفقهون تسبيحهم إنه كان حليما غفورا |
| | | ست آسمان ۽ زمين ۽ جيڪي منجھن آھي سي ان جي پاڪائي بيان ڪندا آھن، ۽ ڪا (به) شيء سندس ساراھ سان گڏ پاڪائي بيان ڪرڻ کانسواءِ نه آھي پر (اوھين) سندس تسبيح نه سمجھندا آھيو، بيشڪ اُھو بُردبار بخشڻھار آھي. |
|
2074 | 17 | 45 | وإذا قرأت القرآن جعلنا بينك وبين الذين لا يؤمنون بالآخرة حجابا مستورا |
| | | ۽ جڏھن (تون) قرآن پڙھندو آھين (تڏھن) تنھنجي وچ ۾ ۽ جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن تن جي وچ ۾ (اسين) لڪل پردو ڪندا آھيون. |
|
2075 | 17 | 46 | وجعلنا على قلوبهم أكنة أن يفقهوه وفي آذانهم وقرا وإذا ذكرت ربك في القرآن وحده ولوا على أدبارهم نفورا |
| | | ۽ ان جي سمجھڻ کان سندن دلين ۾ پردو ۽ سندن ڪَنن ۾ گھٻرائي وجھندا آھيون، ۽ جڏھن پنھنجي ھڪڙي پالڻھار کي قرآن ۾ ياد ڪرين ٿو تڏھن نفرت ڪري پنھنجين پُٺين (ڀرپوءِ) تي موٽندا آھن. |
|
2076 | 17 | 47 | نحن أعلم بما يستمعون به إذ يستمعون إليك وإذ هم نجوى إذ يقول الظالمون إن تتبعون إلا رجلا مسحورا |
| | | (اي پيغمبر) جنھن مھل توڏانھن ڪن ڏيئي جنھن (ٺـٺولي ڪرڻ جي ارادي) سان (قرآن کي) ٻڌندا آھن ۽ جنھن مھل ڳجھيون صلاحون ڪندا آھن جڏھن ظالم چوندا آھن ته (اوھين) رڳو جادو ڪيل مڙس جي تابعداري ڪريو ٿا (تنھن مھل سندين انھن ڳالھين کي) چڱي طرح ڄاڻندا آھيون. |
|