بسم الله الرحمن الرحيم

نتائج البحث: 6236
ترتيب الآيةرقم السورةرقم الآيةالاية
20631734ولا تقربوا مال اليتيم إلا بالتي هي أحسن حتى يبلغ أشده وأوفوا بالعهد إن العهد كان مسئولا
۽ نڪي ڪنھن ڇوري ٻار جي مال کي چڱي نيت کانسواءِ ويجھا وڃو جيستائين ھو بلوغت کي پھچي، ۽ پنھنجو انجام پاڙيو، تحقيق انجام بابت بلڪل پڇا ٿيندي.
20641735وأوفوا الكيل إذا كلتم وزنوا بالقسطاس المستقيم ذلك خير وأحسن تأويلا
۽ جڏھن ماڻ ڀريو تڏھن پورو ڀريو ۽ سنئين ترازيءَ سان توريو، اھا (پوري ماپ ۽ تور) ڀلي ۽ عاقبت جي ڪري بلڪل چڱي آھي.
20651736ولا تقف ما ليس لك به علم إن السمع والبصر والفؤاد كل أولئك كان عنه مسئولا
۽ (اي ٻانھا) جنھن شيء جي توکي ڪا سُڌ نه آھي اُن جي پويان نه لڳ، ڇوته ڪَن ۽ اک ۽ دل انھن سڀني (عضون) کان ان بابت بلڪل پڇا ٿيندي.
20661737ولا تمش في الأرض مرحا إنك لن تخرق الأرض ولن تبلغ الجبال طولا
۽ زمين ۾ تون آڪڙ ڪري نه گُھم، ڇوته تون نڪي زمين کي چيري سگھندين ۽ نڪي ڊيگھ ۾ جبل (جي چوٽي) کي پھچين سگھندين.
20671738كل ذلك كان سيئه عند ربك مكروها
اُنھن سڀني (عادتن) جي بڇڙائي تنھنجي پالڻھار وٽ ناپسند آھي.
20681739ذلك مما أوحى إليك ربك من الحكمة ولا تجعل مع الله إلها آخر فتلقى في جهنم ملوما مدحورا
اھي حُڪم انھن مان آھن جيڪي تنھنجي پالڻھار توڏانھن حڪمت مان وحي ڪيا آھن، ۽ الله سان ٻيو ڪوبه معبُود مُقرّر نه ڪر نه ته تون ملامتي (۽) تڙيل ٿي دوزخ ۾ وڌو ويندين.
20691740أفأصفاكم ربكم بالبنين واتخذ من الملائكة إناثا إنكم لتقولون قولا عظيما
(اي مشرڪؤ) اوھان جي پالڻھار اوھان کي پُٽن جي لاءِ چونڊيو ۽ (پاڻ) ملائڪن کي (پنھنجيون) ڌيئر ڪري ورتائين ڇا؟ بيشڪ اوھين ھيءَ وڏي ڳالھ ڪندا آھيو.
20701741ولقد صرفنا في هذا القرآن ليذكروا وما يزيدهم إلا نفورا
۽ بيشڪ ھن قرآن ۾ ھن لاءِ وري وري سمجھايوسون ته نصيحت وٺن، ۽ اھو انھن بابت نفرت کانسواءِ (ٻيو ڪي) ڪين ٿو وڌائي.
20711742قل لو كان معه آلهة كما يقولون إذا لابتغوا إلى ذي العرش سبيلا
(اي پيغمبر) چؤ ته جيڪڏھن ساڻس ٻيا معبود جھڙي طرح ھوندا آھن (تھڙي طرح) ھجن ھا ته اھي انھي دم عرش جي مالڪ ڏانھن (جنگ جي) واٽ طلبين ھا.
20721743سبحانه وتعالى عما يقولون علوا كبيرا
اھو پاڪ آھي ۽ جيڪي چوندا آھن تنھن کان وڏو (۽) مٿاھون آھي.


0 ... 196.2 197.2 198.2 199.2 200.2 201.2 202.2 203.2 204.2 205.2 207.2 208.2 209.2 210.2 211.2 212.2 213.2 214.2 215.2 ... 623

إنتاج هذه المادة أخد: 0.02 ثانية


المغرب.كووم © ٢٠٠٩ - ١٤٣٠ © الحـمـد لله الـذي سـخـر لـنا هـذا :: وقف لله تعالى وصدقة جارية

401457715792910310901835296329473465