نتائج البحث: 6236
|
ترتيب الآية | رقم السورة | رقم الآية | الاية |
207 | 2 | 200 | فإذا قضيتم مناسككم فاذكروا الله كذكركم آباءكم أو أشد ذكرا فمن الناس من يقول ربنا آتنا في الدنيا وما له في الآخرة من خلاق |
| | | پوءِ جڏھن پنھنجي حج جا اَرڪان پُورا ڪريو تڏھن (مِنىٰ ۾) اوھين پنھنجن اَبن ڏاڏن جي ياد ڪرڻ وانگر بلڪ (اُن کان وڌيڪ) گھڻي قدر الله کي ياد ڪريو. پوءِ ماڻھن مان ڪي (اھڙا) آھن جي چوندا آھن ته اسان جا پالڻھار اسان کي دنيا ۾ (ئي چڱائي) ڏي تن کي آخرت ۾ (ڪا) چڱائي نصيب نه آھي. |
|
208 | 2 | 201 | ومنهم من يقول ربنا آتنا في الدنيا حسنة وفي الآخرة حسنة وقنا عذاب النار |
| | | ۽ منجھائن ڪي (اھڙا) آھن جي چوندا آھن ته اي اسان جا پالڻھار اسان کي دنيا ۾ (به) چڱائي ۽ آخرت ۾ (به) چڱائي ڏي ۽ اسان کي باھ جي عذاب کان بچاءِ. |
|
209 | 2 | 202 | أولئك لهم نصيب مما كسبوا والله سريع الحساب |
| | | اُھي ماڻھو جيڪي ڪمايائون تنھن مان کين نصيب آھي، ۽ الله سگھو حساب ڪندڙ آھي. |
|
210 | 2 | 203 | واذكروا الله في أيام معدودات فمن تعجل في يومين فلا إثم عليه ومن تأخر فلا إثم عليه لمن اتقى واتقوا الله واعلموا أنكم إليه تحشرون |
| | | ۽ ڳڻيلن ڏينھن (مِنىٰ وارن) ۾ الله کي ياد ڪريو، پوءِ جيڪو ٻن ڏينھن ۾ تڪڙو نڪري تنھن تي گناھ ڪونھي، ۽ جيڪو دير ڪري تنھن تي (به) گناھ نه آھي (اھو حُڪم) اُن لاءِ آھي جيڪو پرھيزگاري ڪري، ۽ الله کان ڊڄو ۽ ڄاڻو ته اوھين ڏانھس گڏ ڪيا ويندؤ. |
|
211 | 2 | 204 | ومن الناس من يعجبك قوله في الحياة الدنيا ويشهد الله على ما في قلبه وهو ألد الخصام |
| | | ۽ ماڻھن مان ڪو (اِھڙو) آھي جو سندس ڳالھائڻ دنيا جي حياتيءَ ۾ توکي عجب ۾ وجھندو آھي ۽ جيڪي سندس دل ۾ آھي تنھن تي الله کي شاھد ڪندو آھي ھن ھوندي به جو اُھو وڏو جھيڙاگر آھي. |
|
212 | 2 | 205 | وإذا تولى سعى في الأرض ليفسد فيها ويهلك الحرث والنسل والله لا يحب الفساد |
| | | ۽ جڏھن توکان موٽندو آھي تڏھن ملڪ ۾ ھن لاءِ ڪوشش ڪندو آھي ته منجھس فساد وجھي ۽ پوک ۽ نسل ناس ڪري، ۽ الله فساد کي پسند نه ڪندو آھي. |
|
213 | 2 | 206 | وإذا قيل له اتق الله أخذته العزة بالإثم فحسبه جهنم ولبئس المهاد |
| | | ۽ جڏھن اُن کي چئبو آھي ته الله کان ڊڄ تڏھن وڏائي کيس گناہ تي آڪڙائيندي آھي پوءِ کيس (سزا) دوزخ بس آھي، ۽ اُھو ضرور بڇڙو ھنڌ آھي. |
|
214 | 2 | 207 | ومن الناس من يشري نفسه ابتغاء مرضات الله والله رءوف بالعباد |
| | | ماڻھن مان ڪو اھڙو آھي جو الله جي راضپي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ کي وڪڻندو آھي، ۽ الله ٻانھن تي مھربان آھي. |
|
215 | 2 | 208 | يا أيها الذين آمنوا ادخلوا في السلم كافة ولا تتبعوا خطوات الشيطان إنه لكم عدو مبين |
| | | اي ايمان وارؤ پورا اسلام ۾ داخل ٿيو، ۽ شيطان جي وِکن تي نه ھلو، ڇوته اُھو اوھان جو پڌرو ويري آھي. |
|
216 | 2 | 209 | فإن زللتم من بعد ما جاءتكم البينات فاعلموا أن الله عزيز حكيم |
| | | پوءِ جيڪڏھن اوھين ان کانپوءِ جو اوھان وٽ چٽا دليل آيا (اِسلام کان) ٿڙندؤ ته ڄاڻو ته الله غالِب حڪمت وارو آھي. |
|